11/05/2024
جيڪب آباد پ پ پ اڳواڻن ڊسٽرڪٽ ڪونسل چيرمين طاھر, کوسو،۽ پ پ ضلع اڳواڻ طاھر دايو وچ ۾ ھلدڙ اختلات واري معاملي جو نيٺ پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻو ڊويزن جي صدر ايم اين اي مير اعجاز حسين جکراڻي نوٽس وٺي ڇڏيو ضلع ڪائونسل جي چيئرمين مير طاهر خان کوسو ۽ پي پي پي ضلعي جيڪب آباد جي جنرل سيڪريٽري محمد عارف دايو وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جو نوٽيس وٺي معاملي جي جاچ ڪرائڻ لاءِ 5 رڪني ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جاچ ڪاميٽي ۾ پي پي پي ضلع جيڪب آباد جو صدر مير لياقت لاشاري، ايم پي اي شير محمد مغيري، ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي، ضلعي اطلاعات سيڪريٽري علي ارمان کوسو، تعلقي ٺل جو صدر برڪت علي دشتي شامل آهن جيڪي 7 ڏينهن اندر معاملي جي مڪمل جاچ ڪري رپورٽ ڊويزن حوالي ڪندا جنهن بعد اها رپورٽ پارٽي قيادت آڏو پيش ڪئي ويندي ۽ پارٽي قيادت ان بابت فيصلو ڪندي تيسيتائين ٻنهي ڌرين کي هڪٻئي خلاف بيان بازي ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي.
ھاڻي سوال ايھو بہ آھي ڇا پ پ پ ورڪر جي پارٽي آھي يا وڏيرن جي،،،،؟
جيڪڏھن، پ پ پ نظرياتي آھي تہ پوء سب کان اڳ ورڪرن کي اھميت ڏيڻ کپي،پر پارٽي ۾ ٿي ايھي ٿو وڏيرو،ٻاھر آچي ٿو تہ ان کي سڻبي سيٽ تي نوازي ويندو آھي ۽ ورڪر کي نظر انداز ڪيو ويندو آھي،واحد پارٽي جو ورڪر ھي جيڪو جيل ريل لٺ جي اڳيان آھي تنھنڪري سب کان پھريان اھميت ورڪر کي ڏيڻ کپي،