Lateefi bhutto

Lateefi bhutto Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Lateefi bhutto, Media/News Company, jamshoro sindho dash, Jam Shoro.

مائون سي مُرڪن، جنين جنگ نپايا ٻين ويچارين، ڄڻيندي ! ڄمار وئيشاھ لطيف♥️سنڌ جي سدا حيات قومي راڳي سرمد سنڌي جي 27 هين ورس...
27/12/2023

مائون سي مُرڪن، جنين جنگ نپايا
ٻين ويچارين، ڄڻيندي ! ڄمار وئي
شاھ لطيف♥️
سنڌ جي سدا حيات قومي راڳي سرمد سنڌي جي 27 هين ورسي جي موقعي تي کيس سُرخ سلام پيش ڪجي ٿو✨♥️


✌🏻♥️

 # # #»» سنڌ پوڙهي نه ٿيندي «« # # #سدا  ملي   سمنڊ   سان،  سنڌو  ھي  درياههآھي  ساھ  ويساهه،  اسان   جو   انھيءَ   ۾ندي...
01/10/2022

# # #»» سنڌ پوڙهي نه ٿيندي «« # # #

سدا ملي سمنڊ سان، سنڌو ھي درياهه
آھي ساھ ويساهه، اسان جو انھيءَ ۾

نديءَ جو پاڻي ھجي، يا اکين جو پاڻي
سنڌ جي آکاڻي، آھي ٻنهي جي وچ ۾

سنڌ لفظ مان جڙيا، سمنڊ، ندي، ڌرتي
ٽنھي تان سرتي! گھوريندا سين ساھ کي

سمونڊ کي سوداءُ، آھي پنھنجي عمر جو
جبل جھونا ٿي ويا، ھيڻو جھيڻو واءُ

سنڌو پنهنجي ماءُ، پوڙهي ٿيندي ڪينڪي
سنڌوءَ سان ويساهه جو ناتو جوڙي ڇڏ

جھنڊو کوڙي ڇڏ، دل تي انجي عشق جو
سمنڊ سلامي ٿو ڏئي، پيرن ۾ درياهه

جھنڊا، جھومر، جھالرون، ابھري ٿو اتساهه
ڌرتيءَ ۾ ويساهه، پختو رھندو ساھ جو!

23/09/2022

تون نيھن عاقب سنڌ سان نڀايو آ💔😭

عاقب چانڊيو جي وارثن عاقب جي شھيد ٿيڻ جي
تصديق ڪري ڇڏي آھي.

رياستي عقوبت خاني مان سنڌ جو ڳڀرو نوجوان شھزادي

عاقب چانڊيو جو لاش سنڌ جي ڀورا ڀورا ٿيل جھولي ۾
موڪلي ڇڏيو

سنڌ تنھنجي شھادت تي ڏکاري ۽ سوڳوار آھي عاقب💔😭

ڏِسي ٻوڏ جي  پاڻِي جا  نَظارا،سائِين جِي سَگھ سَمجھ پِيارا،سِنڌ  سَمورِي  جا  گَڏائي  ٻيلا، *ٻوڙِيا سائِين سَڀئِي  ضِلعا...
18/09/2022

ڏِسي ٻوڏ جي پاڻِي جا نَظارا،
سائِين جِي سَگھ سَمجھ پِيارا،
سِنڌ سَمورِي جا گَڏائي ٻيلا،

*ٻوڙِيا سائِين سَڀئِي ضِلعا* .

سائِين جي خَزاني ۾ ٿِيندِي واڌ،
ڏِيندا سَڀئِي مُلڪ اِمداد،
ماڻُھن کي ڏِبا آسِرا ٺَلھا،

*ٻوڙِيا سائِين سَڀئِي ضِلعا* .

دَرياءَ جو رُخ موڙي ڇَڏيائِين،
سَڀئِي ڳوٺَ ٻوڙي ڇَڏيائِين،
ووٽُ ڏِيڻ جا ڏِنئِي سِلا،

*ٻوڙِيا سائِين سَڀئِي ضِلعا* .

پاڻِي ڪَئِي شَھرن ڏانھن ڪاھَ،
لَڳن ٿا سَڀ نَديون ۽ تَلاءَ،
ھارِيا ڪَنھِن جِيئَن ڀَري دِلا،

*ٻوڙِيا سائِين سَڀئِي ضِلعا* .

غَرِيبَن جا حَق کاڌائُون،
يَتِيمَن کي بہ خُوب لُٽيائُون،
اَجايو نہ ٿا ڪَيُون گِلا،

*ٻوڙِيا سائِين سَڀئِي ضِلعا* .

مِليو نہ ڪَنھِن کي لُوڻ ۽ اَٽو،
پوءِ بہ پَنھِنجي جِيئي ڀُٽو،
مارُون ڪاٽِن پَيا بُک تي چِلا،
*ٻوڙِيا سائِين سَڀئِي ضِلعا* .

*ٻوڙِيا سائِين سَڀئِي ضِلعا*.

12/09/2022

ڪير ويو ساھ کڻي 💔
پنھنجي پوتر امان💔
سنڌ جا نوجون

*شاعرن جي سرتاج بادشاھ لاکيڻي لطيف صوفي بزرگ حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائيؒ جي 279 عرس مبارڪ تي شاھ لطيف جي پانڌيئڙن کي دل جي ...
11/09/2022

*شاعرن جي سرتاج بادشاھ لاکيڻي لطيف صوفي بزرگ حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائيؒ جي 279 عرس مبارڪ تي شاھ لطيف جي پانڌيئڙن کي دل جي گھرائين سان مبارڪ باد پيش ڪجي ٿي❤*.
*ڀٽ جا ڀٽائي ڀٽ تي وسئي نور منھنجون تو پڄايون✨ ❤️🙏*

08/09/2022

دلين جا ٺڪاڻا اَجها ئي ٻُڏي ويا،
نوان خواب پنھنجا سڄا ئي ٻُڏي ويا.
سُڪِي ويون درن جون سموريون چنبيليون،
گُلابن جا ڳاڙها گهگها ئي ٻُڏي ويا.
ڊهي پيون نگر تي انڌيريون گهٽائون،
سنيھا ، اشارا گهڻا ئي ٻُڏي ويا.
جتي چنڊ چمڪيا اُتي سُورَ اُڀريا،
ڇليون ڪونہ ڇيرون ڇلا ئي ٻُڏي ويا.
لڳي جسمَ ڀورن تي مٽيءَ جي مھندي،
اکين کان اکين جي عجب ٿي جدائي،
پُڇائون مري ويون، پَتا ئي ٻُڏي ويا.😢

05/09/2022

گاڏين وارا رات جو هارون نه ڏيو

اسان جا بک تي ننڊ پيل ٻار وري اٿي ماني ٿا گهرن

Address

Jamshoro Sindho Dash
Jam Shoro
LATEEFI

Telephone

+923091802926

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Lateefi bhutto posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share