09/05/2024
21 مھينا ٿيا ھئا جو نه ڪو ڪتاب پڙھي سگھيو ھيس، نه ويجھن رشتن جي مَرَ توڙي جيءَ ۾ وڃي سگھيو ھيس، نوڪري ئي اھڙي لڳي ھئي جو نه رات ھئي نه ڏينھن، 23 اپريل تي جيئن ئي ان نوڪري مان آجو ٿيس ۽ سڪون واري ھنڌ پوسٽنگ ٿي ته پھرين ڌڪ ۾ وڃي جامي چانڊيو وٽ پھتس، ڊاڪٽر آڪاش انصاري ۽ ڊاڪٽر علم انصاري به اچي پھتا اصل واھ واھ ٿي وئي، مھينن جا ٿڪ لھي پيا، ان ئي ڏينھن تي سپريم ڪورٽ جي نامياري وڪيل سجاد چانڊيو سان به ملاقات ٿي، ائين محسوس ٿيو ڄڻ قيد مان آجو ٿيو آھيان، دل خوش ٿي وئي، بس پھريون جمع آيو ته گاڏي کڻي ڇڪيم مٺي محبوب منير شاھ ڏي، اتي جو وڃان ته جامي، ڊاڪٽر فياض لطيف، منير چانڊيو ۽ مرتضي سيال اڳئي اتي ويٺا ھئا، اصل وھوا ٿي وئي، سنگت ته موٽي وئي پر آءُ منير شاھ وٽ ترسي پيس، وڏيون روح رھاڻيون ٿيون. ھا سچي، سائين لياقت شاھ وٽ به وڃي نڪتس، ان سان نه رڳي ڪچھري ڪيم پر وڏا حوال ڪٽياسين. جيئن ئي واپس ٿيس ته لياقت شاھ جي ڪتاب ”تنھنجي اک اُڻي ٿي مونکي“ تي تبصري جي 11 ۽ 12 قسط لکيم. اوھان حيران ٿيندا ھوندا ته ھڪ ڪتاب تي ايتريون قسطون. سچ به لياقت نظم لکيا ئي اھڙا آھن جو ڪٿي ڪٿي سندس ھڪ نظم تي قسط پوري ٿيو وڃي ۽ اڃان ان تي لکندس، شايد اھو پھريون تبصرو ھوندو جيڪو الاھي قسطن تي مشتمل ھوندو. ڳالھ کٽائڻي ٿي ته نه رڳي منجھند واري ننڊ نصيب ٿئي ٿي پر رات جو به مھل سان سمھيو رھان. ھن ھفتي الاھي ڪتاب به ورتا اٿم، اصل ۾ آرٽس فيڪلٽي ۾ ڪتابن جا اسٽال لڳا آھن، سو سائين يوسف شاھين جا ”عالمي تاريخ جو مطالعو“ جلد پھريون ۽ ٻيون، روسول ميمڻ جي ڪھاڻين جو ڪتاب ” سينڊروم“ ، احمد شاڪر جا ناوليٽ ”اُلي“ ۽ چچريل لاش“، ”گوتم ٻڌ جون آکاڻيون“، ”جيڪو ٻڌ سيکاريو“ ساجد سومرو جو ڪتاب ” شاھ لطيف ۽ سوشل سائنس“ خريد ڪيا اٿم. انھن ڪتابن مان احمد شاڪر جا ٻئي ناوليٽ ۽ رسول ميمڻ جو ” سينڊروم“ پڙھي ورتا اٿم. ھاڻ گوتم کي ھٿ ۾ کنيو اٿم. ارون ڌتي راءِ جو ڪتاب ”ھيڻن جو الله“ به ڳپل پڙھي ويو آھيان پر في الحال ان کي اڌ ۾ ڇڏيو اٿم. گوتم کي پڙھان ته پوءِ ارون ڌتي راءِ کي پڙھبو. سچي ھڪ ڳالھ وسري وئي. لطيف سائين تي نه رڳي ٽي لائيو سيشن ڪيا اٿم پر لطيف ٽي وي جي نالي سان يوٽيوب تي چئنل به ٺاھيو اٿم، جنھن تي روز ھڪ وڊيو اپ لوڊ ڪندو آھيان. يوگا 21 مھينن کان ڪانه ڪئي ھيم ۽ واڪ به رھجي وئي ھئي، يوگا ته ٽيون ڏينھن کان شروع ڪئي اٿم باقي واڪ به جلد شروع ڪبي. ڳوٺ ويس ته ٻني تان به چڪر ڏنم، مال متاءَ کي به ڏٺم ۽ فصل به گھميس. ھي سموري قصو ان ڪري ٻڌايو اٿم ته جيئن پنھنجي آزادي شيئر ڪري سگھان. ھاڻ سموري سنگت جي سار به لھبي ته ڪتاب پڙھڻ ۽ لکڻ واري سلسلي کي به جاري ۽ ساري رکبو.
 
                                                                                                     
                                                                                                     
                                         
   
   
   
   
     
   
   
  