04/12/2025
يونيورسٽيء مان پاس آئوٽ ٿيندڙ شاگرد ھي ڪالم ضرور پڙھن.
ڊسمبر جا ڇھ سئو سيڪنڊ
ڊاڪٽر محمود مغل.
ھوائون سرد ٿي رھيون آھن,ڊسمبر پاڻ ڏي سوڙ سورڻ شروع ڪئي آھي, کيس ب ھاڻ آھستي آھستي آھستي سيء جو احساس ٿي رھيو آھي. ڪئمپس جا رستا خالي ٿي رھيا آھن جدائين جو جھرمر, وقت جي نراڙ تي چمڪي رھيو آھي. جن ب پنھنجي تعليمي ڪئريئر جو آخري سمسٽر گذاريو, تن جي ٿيلھن ۾ ھاڻي ڪتابن جي جاء تي وڇوڙو ڀرجي ويو آھي,اکين ۾ ڌنڌ وڌي ويو آھي, لڏندڙ ھٿ ,پري ٿي رھيا آھن اھا ئي زندگي آھي , جيڪو شروع ٿئي ٿو تنھن کي نيٺ ختم ٿيڻو آھي. وقت جي ھر گھڙي اڳتي واري گھڙيء کي پاڻ سان ڇڪي پوئتي ڪري ڇڏي ٿي, حياتي ت ڄڻ ماضيء جي ڪٿا ئي آھي. ھر گذرندڙ لمحو, ماضيء جي فريم ۾ رھجي وڃي ٿو واري مٺ مان نڪري وڃي ٿي.
ھتي, ھن مادر علميء ۾ فقير ڀريا پنجويھ سال, بليڪ ائينڊ وائيٽ بورڊن جي پاسي ۾ گذاريا آھن.ٻارڙا اکين ۾ حيرانيون ڀري پھرئين سال ايندا آھن , ٻئي سال اتي حيرانيء جي جاء ڄاڻ وٺندي آھي, اکين ۾ ئي ٽئي سال سڀ ڪجھ سمائبو آھي ۽ چوٿين سال ,حجر جي الم کي سانڍيندي پنھنجي حدف ۽ حاصلات کي مڪمل ڪندي رخصتي جي ڪانڍ لکبي آھي, چئن سالن جي اھا ڪٿا ب عجيب آھي. جتي ساروپا مٽبا آھن اتي اندر جي ايوان ۾ گھڻا ئي محل ,ماڙيون, جھوپڙيون ۽ کنڊر جڙي ويندا آھن.انھن سڀني جو ديدار ھڪڙو استاد ڪري سگھي ٿو جي پنھنجي ٻچي جي ويجھو ھجي ت سندس اندر ۾ آباد عمارتن ۾ مزي سان گھمي سگھي ٿو.
ھاڻي جڏھن اھو سفر خيرن سان پورو ٿيو آھي ت مان, اوھان جو ٽيچر, اوھان جو سر مغل , اوھان سان ڳالھائڻ ٿو گھران ۽ اھا گفتگو, انھن ڏھن منٽن ۾ ٿي سگھي ٿي جيڪي ڏھ منٽ نجا پجا اوھان پنھنجو پاڻ کي ڏيو, انھن ڏھن منٽن ۾ ڪو ب موبائيل فون, ٽئبليٽ يا اھڙي ڪا ب شئي اوھان وٽ ن ھجي . صرف پنھنجو پاڻ سان پاڻ ھجو... پاڻ سوال ڪيو ۽ پاڻ ئي جواب وٺو..۽ جيڪو جواب ملي ان کي سمجھيو....آھن ت اھي ڇھ سئو سيڪنڊ ...پر جي اھي لمحا پاڻ سان گذاريو ت الاء ڪيترا ايندڙ ورھيا (سال) ۽ الائي ڪيترا لکين ڪروڙين سيڪنڊ سجايا ٿي پوندا .پڇڻو رڳو پاڻ کان اھو آھي ت انھن سالن جي ڪٿا ۾ سبق ڇا مليو ? ڇا پرايوسين? سمجھ ۾ ڇا آيو! ڇا رڳو ڪتاب پلئي پيا يا حياتيء جي ڪنھن ٻئي دائري ۾ ڪو سفر ب نصيب پيو! رڳو ڀري ٻڌي ڪتاب کڻي وياسين, اشو ڪراياسين, پڙھي موٽائي ,پنھنجا ڪتاب, اڌڙوٽ حالت ۾ پنھنجي ڪمري ۾ موٽائي کڻي آياسين ۽ بس يا وري ڪجھ اھڙو مليو آھي جيڪو انھن سڀني کان ٿورو ھٽيل آھي, انھن ڪتابن ۾ ڪونھي ۽ پنھنجي جاء تي آھي... ڇا اھڙو ڪجھ ان ڳنڍ ۾ , بئگ ۾ ,ھنڌ ۾ آھي جيڪو ڪتابن کان سواء سکيو ھجي ? جي آھي ت ڇا آھي ۽ جي ناھي ت ڇو ناھي?
يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ,گھڻا ٻارڙا,ڊگري جي حاصلات ۾ اعتبار رکندا آھن....خدانخواستا ڊگري ن ملي ت حاصلات جي جھان ۾ طوفان اچي ويندو آھي, لڳندو آھي ت سڀ ڪيو,ڪرايو,ڌوڙ ٿي ويو. اھو ناھي سوچبو ت ڊگريء کان سواء ب ڪجھ ٻيو آھي جيڪو پنھنجي جاء تي اھم آھي. اتي اھو سوال اڀري ٿو ت , "سر... جي ڊگري ن ملي ت پوء باقي ھتي ڇا لاء آيا ھئاسين? زندگي سکڻ لاء ڪا يونيورسٽي ئي بچي آھي ڇا ?" ت اھو سوال ب صحيح آھي. منھنجا ٻچا , زندگي ان علم جي حاصلات سان گڏ جڏھن ڦوھ جواني ۾ سکجي ت اڳيان عملي دائرا ويڪرا ٿين ٿا, اھو اسان سڀني کي ڪڏھن ب وسارڻ ن گھرجي. ھاڻي جڏھن عملي دنيا ۾ گھڙو ت شيون ڌيان ۾ ضرور رکجو. ڪٿي ب انٽرويو ڏيڻ وڃو , ڪنھن سان ملڻ وڃو , ڪا درخواست ڏيڻي ھجي ت ڪجھ شين تي مرڪز نگاھ يعني فوڪس رکڻ ضروري آھي.. اھي عمل بنھ سادا آھن , پر جي ڪجن ت انھن جي اقاديت تمام گھڻي آھي.
١. ڪڏھن ب ناڪاميء تي دل ن ھارجو. ڪتابي علم کان عملي حياتيء جو علم مختلف ھوندو آھي.جيڪي پڙھي آيا آھيو, اھو ھنئين سان ھنڊايل ضرور ھئڻ گھرجي پر عملي حوالي سان ماڻھن جي سلوڪ تي پريشان ن ٿجو. ماڻھو رڳو سک ڏيندڙ ناھن ھوندا گھڻو ڪري , بي عزتي, ڌڪار, انڪار, بدتميزي, لاغرضي ب انھن وٽان ئي ملندي آھي.جيڪو منفي ملي ,پنھنجي ڪُلھي تي ٻڌل پوتڙي \ رومال ۾ ويڙھيو, ٻاھر اچي پوتڙو / رومال ڇنڊيو ۽ اڳيان سفر جاري رکو.
٢ . پنھنجي لباس جو خاص خيال رکجو. اھو ڀلي مھانگو ن ھجي پر صاف ۽ سليقي دار ھجي, ڪپڙو سادو پر سٺو سبيل ۽ صاف ھجي ۽ بوٽ ڀلي چتي لڳل ھجي پر چلڪيدار ھجي...ڌوتل پوتل وجود ھر ڪنھن جي نگاھ کي نرمائيندو آھي.
٣. گفتگوء ۾ تڪڙ ن ڪجو جيترو پڇيو وڃي اوترو وراڻيو.... مثال طور. "توھان جو نالو ڇاھي?"...
جواب: "منھنجو نالو محمود الحسن مغل آھي ۽ منھنجي والد جو نالو نور محمد آھي"
غلط جواب آھي..ڇاڪاڻ ت مون کان منھنجي والد جو نالو ڪنھن پڇيو ھو !? مون کان صرف منھنجو نالو پڇيو ويو ھو ..سو بس مون کي اھو ئي ٻڌائڻ گھرجي. اسان مان ڪيترائي ماڻھو سوال ئي ڪو ن سمجھندا آھن ت جواب ڇا ڏيندا ... صحيح جواب لاء سوال جو صحيح سمجھڻ ضروري آھي.
٤. ھر حال ۾ شڪر گذار رھجو ۽ ھر گذرندڙ لمحي کي غنيمت ۽ پنھنجي تجربي ۾ واڌ سمجھجو. پي در پي ناڪاميون پريشان ڪري سگھن ٿيون, پر ياد رکجي ت منزل نيٺ ب منتظر آھي.
٥. جيترو ٿي سگھيو , پنھنجن مائٽن سان صلاح ضرور ڪجو, اوھان کي اھو سوچي کل ايندي ت بس ھاڻ ابي امان کي منھنجي معاملي جي ڪھڙي خبر?...ت اھا سوچ غلط آھي جن ھيترا سال خرچ ڀري اوھان کي ان جاء تي پھچايو آھي انھن کي گھٽ ن ڄاڻو... جي ھو اوھان کي صحيح صلاح ن ب ڏئي سگھن ت گھٽ ۾ گھٽ ڀلائيندا ت ڪو ن.. ۽ ن ئي ڀلجڻ ڏيندا.
ڪٿي ھڪ حڪايت تي نگاھ پئي لکيل ھو, " گھر موٽيس پئي ت ڏٺم, ھڪ ڪراڙو, گند جي دٻي مان کاڌي جون شيون ڳولي رھيو ھو, مدد جو خيال آيم ...ويجھو وڃي پڇيومانس ت "کائڻ لاء ڪجھ وٺي ڏيانء " ھن وراڻيو, "جيڪا تنھنجي مرضي" پاڻ سان وٺي آيومانس ۽ کاڌو وٺي ڏنومانس ...چيم "تو ڪا دعا گھري ھئي..!" وراڻيائين "تولاء دعا گھري ھئم ....ت تون ملين...! مان حيران رھجي ويس ت ھڪ اجنبي ماڻھو منھنجي گھرجڻ لاء دعا ڇو گھرندو.! حيرانيء سان ڏانھنس ڏٺم ت چيائين , " اڄ صبح سان ئي رب کي عرض ڪيم ...ھڪ ويلو گرم ماني کاراء ..ڪو اھڙو بندو موڪل جيڪو بندوبست ڪري, تون آئين اچي گرم ماني وٺي ڏنئي..ت معني تنھنجي لاء دعا گھريم ن .." سندس جواب منھنجا ٺپ ٺاري ڇڏيا. مون ت ڪڏھن ائين سوچيو ئي ڪونھي ت ڪو مون کي سدائين گرم ماني ملندي آھي مان لئي سان فريش کاڌو کائندو آھيان... ڪڏھن ائين خيال ئي ناھي آيو ت ڪا ماني ٿڌي ملي ٿي ۽ ھتي ھي آھي ... جنھن جي وڏي ۾ وڏي حسرت ھڪ ويلو گرم ماني کائڻ آھي....!ان ننڍڙيء حڪايت کي سدائين ھنئين سان ھنڍائجو ٻچا...پاڻ تي ٿيل مھربانين جي سوچ ڪندوء ت ناڪامي ,نامرادين ۽ اڻ ھوند جو خيال اوھان وٽان غائب ٿي ويندو ۽ وري اوھان ھڪ نئين جاکوڙ ۾ جڙي ويندوء ..توھان جيڪي ب آھيو, جتي ب آھيو, رب مٺڙي جل شانا جي حوالي آھيو, جيڪو ئي ڪارساز آھي. شل ڪنھن جا ب دامي,درمي, ڪرمي, سخني محتاج ن ٿيو , جيو ۽ جيئڻ ڏيو, آمين.
ھوائون سرد ٿي رھيون آھن, گرم ويلي لاء ياد جو ٽانڊو دکي چڪو آھي. حياتيء جي ڊسمبر کي ٻڌايو ت پاڻ ڏانھن سوڙ سورڻ بند ڪري, ڇاڪاڻ ت اندر جي گرمي سندس ڏڪڻي کي ب ختم ڪري ڇڏيندي...
روزاني ڪاوش
18 ڊسمبر 2016.
مون ھي ڪالم يارينھن ڪلاس ۾ پڙھيو ھو.