15/09/2023
ٺٽو مان FBN نيوز جي رپورٽر (ڊي بي شمس ناھيو) جي رپورٽ مطابق
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو اسد علي خان، چيئرمين ضلعي ڪائونسل عبدالحميد پنهور ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر سيد صفدر علي شاهه جي گڏيل هدايتن تي مڇرن جي پيدائش واري هنڌن کي ختم ڪرڻ، ڊينگي ۽ مليريا جي روڪٿام ۽ ان کان بچاءُ لاءِ يونين ڪائونسل ڪرمپور، ساڪرو، گهوڙاٻاري، ڌانڌاري، جنگشاهي، ٺٽو، ٽنڊو حافظ شاهه ۽ ضلعي جي ٻين مختلف يونين ڪائونسلن ۾ مچھر مار اسپري مهم جاري آهي. ان حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان ٻُڌايو آھي ته صحت کاتي حڪومت سنڌ پاران ضلعي جي مختلف علائقن ۾ هن وقت تائين 19 هزار مڇر دانيون ورهايون ويون آهن جڏهن ته وڌيڪ مڇر دانيون ورهايون وينديون ته جيئن ماڻهو ڊينگي ۽ مليريا کان بچي سگهن. هن چيو آھي ته ضلعي انتظاميه عوام کي صحت سميت ٻيون گهربل بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ھر وقت ڪوششون ڪري رھي آھي.