HV Vlogs

HV Vlogs it work�

17/07/2026
17/07/2026
ڪنڌڪوٽ ۾ بااثر عنصرن ۽ ڪجهه پوليس آفيسرن جي مبينا سرپرستي هيٺ شريف شهرين کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جو سلسلو انتهائي ڳڻتي جوڳ...
26/05/2026

ڪنڌڪوٽ ۾ بااثر عنصرن ۽ ڪجهه پوليس آفيسرن جي مبينا سرپرستي هيٺ شريف شهرين کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جو سلسلو انتهائي ڳڻتي جوڳو بڻجي ويو آهي. انصاف جي تلاش ڪندڙ شهري اڄ اهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن، جتي قانون جي بالادستي بدران طاقت ۽ اثر رسوخ کي ترجيح ڏني پئي وڃي۔

بي سيڪشن پوليس هڪ بااثر وڏيري جي مبينا دٻاءَ هيٺ سيون نيوز جي ڊسٽرڪٽ رپوٽر سينيئر صحافي محمد پنهل بنگوار، مشهور موٽر سائيڪل مستري محمد عظيم بنگوار، مستري فيض محمد ۽ شاهنواز خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪري کين هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. محمد عظيم بنگوار، جيڪو پنهنجي محنت، ايمانداري ۽ فني مهارت سبب سڄي شهر ۾ عزت ۽ احترام سان سڃاتو وڃي ٿو، کيس گرفتار ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ دٻاءُ وجهڻ لاءِ پراڻا ڪيس به سامهون آندا ويا آهن۔

وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته الزام موجب اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او مبينا طور مالي مفادن خاطر محمد عظيم بنگوار خلاف پراڻين تاريخن وارا ٻه سرڪاري نوعيت جا ڪيس ظاهر ڪري هڪ بيگناهه ۽ شريف شهري کي ڏوهاري ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيڪڏهن اهي الزام درست آهن ته اهو عمل نه رڳو قانون ۽ انصاف جي اصولن جي خلاف آهي، پر عوام جي بنيادي انساني ۽ آئيني حقن تي پڻ سنگين حملو آهي۔

علائقي جو ٻچو ٻچو ان حقيقت کان واقف آهي ته منهنجي گهر ۽ زرعي زمين ڏانهن رسائي لاءِ رسالدار روڊ کان لنڪ روڊ قبولي واھ ۽ خان واھ جي ڪپ تي روڊ تي ٽرينڊز ٿيل لنڪ روڊ موجود آهي، جيڪو اسان جي خاندان جي اچ وڃ جو واحد قانوني رستو آهي. پر هڪ بااثر وڏيرو مبينا طور اسان کي ان رستي تان گذرڻ کان روڪي رهيو آهي ۽ مختلف حربن، دٻاءُ ۽ ڌمڪين ذريعي اسان جي زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ يا اسان کي اتان بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. بار بار اهو پيغام ڏنو پيو وڃي ته جيڪڏهن زمين نه ڇڏي وئي ته ڪوڙن ڪيسن ۽ پوليس ڪاررواين جو سلسلو جاري رکيو ويندو۔

انتهائي افسوس ۽ ڳڻتي جي ڳالهه اها آهي ته منهنجي ڀاءُ جي گرفتاري باوجود بي سيڪشن پوليس جا اهلڪار گهر پهچي چوديواري جي تقدس کي پامال ڪندا رهيا، جيڪو نه رڳو اسان جي خاندان جي عزتِ نفس کي مجروح ڪرڻ جي مترادف آهي، پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪردار تي به سوال اٿاري ٿو۔

اسان آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو رينج ۽ ايس ايس پي ڪشمور ـ ڪنڌڪوٽ کان پُرزور مطالبو ڪريون ٿا ته هن سموري معاملي جي شفاف، غيرجانبدار ۽ اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي وڃي، اسان خلاف داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس فوري طور ختم ڪرايا وڃن، اسان جور قانوني ۽ تاريخي رستو بحال ڪيو وڃي، ذميوار پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ بااثر وڏيري خلاف قانون موجب ڪيس داخل ڪري اسان کي تحفظ، انصاف ۽ اسان جا آئيني حق فراهم ڪيا وڃن۔

انصاف جي فراهمي ئي رياست جي اصل طاقت ۽ عوام جي اعتماد جو بنياد آهي۔

صحافی نور حسن بنگوار

نيشنل پريس ڪلب ڪنڌڪوٽ

11/05/2026
11/05/2026

مزمت مزمت مزمت

سینٹر صحافی اسلام الدین بنگوار اور انکے بیٹے سینٹر صحافی محمد پنھل بنگوار کے خلاف ایس ایچ او بی سیکشن کی جانب جوٹھے مقدمہ کرنے پر شدید الفاظ میں مزمت کرتے

ایس ایس پی محمد مراد گانگرو صاحب سے پر مطالبہ کرتے ہیں ایس ایچ او بی سیکشن کے خلاف نوٹس لے کر قانونی کاروائی کر کے
تحفظ فراہم کیا جائے

صحافی نورحسن بنگوار
نیشنل پریس کلب کندہ کوٹ

Address

Kandhkot

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when HV Vlogs posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share