01/04/2026
وڏي وزير پاران فون تي عوام جون شڪايتون ٻڌڻ لاءِ ڪابينا ميمبرز مقرر
ڪراچي: ڪابينا جا 46 ميمبر شڪايت سيل ۾ عوام جون شڪايتون ٻڌندا۔
عوام شڪايت سيل جي نمبر 919 تي فون ڪري شڪايت رڪارڊ ڪرائي سگهندو۔
صبح 9 کان ٻپھري 1 وڳي تائين پھرين شفٽ ۾ ھڪ ميمبر شڪايتون ٻڌندو۔
1 وڳي کان شام 5 وڳي تائين ٻيو ڪابينا ميمبر شڪايت سيل ۾ ذميواري ادا ڪندو۔
شڪايتي سيل ۾ صوبائي وزير، صلاحڪار، خاص مددگار ۽ ترجمان ڊيوٽي ڏيندا۔
ڇنڇر ۽ آچر ڏينھن شڪايتي سيل تي مقرري نه ڪئي وئي