22/07/2025
اسان جو خواب....!!!
#سنڌ ۾ صنعتي ترقي...!!!
پاڪستان ۾ بجليءَ ۽ سولر تي ھلندڙ پکا (Electrical Fan) ٺاھيندڙ فيڪٽريون چئن وڏن شھرن ڪراچي، لاھور، گوجرانوالا ۽ گجرات ۾ آھن. ملڪ جي سموري پيداوار جو ٪98 سيڪڙو پکا گوجرانوالا ۽ گجرات ۾ ٺھن ٿا. جتي ننڍا وڏا يونٽ ملائي 300 فيڪٽريون گجرات ۽ 150 فيڪٽريون گوجرانوالا ۾ آھن. سالانه تقريباً 80 لک پکا تيار ٿين ٿا جن جي ماليت لڳ ڀڳ ويھ ارب روپيا ٿئي ٿي. انھن تيار شده پکن جي مارڪيٽنگ اٺ وڏيون فرمس ڪن ٿيون جن مان ٽي گوجرانوالا ۽ پنج گجرات ۾ آھن. صرف پکا ٺاھڻ جي فيڪٽرين سبب سڌي طرح تقريباً 12 کان چوڏھن ھزار ماڻھو روزگار سان لڳل آھن. ۽ اڻ سڌي طرح ٽرانسپورٽر، ھول سيلر، ڊيلر، رٽيلر، مزدور ھزارين ماڻھو روزگار ۾ الڳ سان لڳل آھن.
مزي جي ڳالھ ته پکا ٺاھڻ جو 70 سيڪڙو کان وڌيڪ سامان امپورٽ ٿئي ٿو جيڪي ڪراچي پورٽ وسيلي امپورٽ ڪري 1200 ڪلوميٽر پري روڊ لتاڙي کڻي وڃي پکا ٺاھي پوري ملڪ کي فراھم ڪن ٿا انھن ڪاوشن تي پنجاب وارن ڀائرن کي جس ۽ سلام پيش ڪجي ٿو..
سنڌ جا غيور زميندار، وڏيرا، رئيس، ملڪ، سردار، مير، پير، نواب، خان، پرنس، سيٺ، علماء، قومپرست اسان جو ھٿ ٻڌي اوھان کي عرض آھي ته حيدرآباد ڪراچي پورٽ کان 200 ڪلوميٽر پري آھي. ٻيلي گڏجي سڏجي سيڙپ ڪري ڪو ويھارو کن فيڪٽريون حيدرآباد جي آس پاس لڳائي ڪو پنج ست لک پکا سالانہ پاڻ ئي ٺاھي وٺون. ان ۾ ڪا راڪيٽ سائنس جي ضرورت ڪانھي بس سيڙپ جي ضرورت آهي جيڪا مسڪينن کان ڪا نه ٿيندي. سيڙپ اوھان سرنديءَ وارا ڪريو، اسان وٽ قوت بازو جي ڪمي ناھي.
ٻيلي ڪجھ ھوش کان ڪم وٺو، صنعتي دور آھي مارڪيٽنگ جي مقابلي ۾ لھي اچو پنھنجي ايندڙ نسلن کي پنڻ ۽ غلاميءَ کان بچايو...🙏
سنڌ جا زميندار ۽ واپاري ڀائرو سنڌ کي انڊسٽريل بڻايو...🙏