17/11/2025
اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي هڪ خطرناڪ راند کيڏي پئي وڃي۔
ڪو سنڌي نالي سان بلوچ جي خلاف غلط پوسٽ لکي ٿو،
۽ ڪو بلوچ نالي سان سنڌين خلاف زهر اُڇلي ٿو۔
پر حقيقت ۾، اهي نه سنڌي آهن، نه بلوچ —
اهي فقط دشمن جا هٿ آهن،
جيڪي اسان جي وچ ۾ ڀائچاري، محبت ۽ اتحاد کي ٽوڙڻ چاهين ٿا۔
سنڌي ۽ بلوچ صدين کان هڪ ٻئي جا ڀاءُ آهن۔
هي ٻئي قومون هڪ ٻئي سان رت، ريت ۽ درد سان جڙيل آهن۔
پر سوشل ميڊيا تي ڪجهه اڻڄاتل اڪائونٽ،
نفرت جا پيغام ڦهلائي اسان جي دلين ۾ ڇيهو وجهي رهيا آهن۔
پر ياد رکو،
سنڌي ۽ بلوچ جو رشتو ڪنهن پوسٽ، ڪنهن وڊيو،
يا ڪنهن جعلي اڪائونٽ سان نه ٽٽندو۔
هي رشتو محبت، عزت ۽ قربانيءَ سان جڙيل آهي۔
جيڪو سچو سنڌي آهي،
۽ جيڪو سچو بلوچ آهي،
اُهو ڪڏهن به نفرت نه ڦهلائيندو —
بلڪه محبت، امن ۽ ڀائچاري جو پيغام ڏيندو۔
اسان سنڌي بلوچ ھڪ جسم جان آھيون
جيڪي بلوچ سنڌ ۾ آباد آهن ھو پنهنجي
سنڌ سان ايتري محبت ڪن ٿا جيتري
قدر سنڌي سنڌ سان محبت ڪن ٿا
ڪجهه دشمن جيڪي سنڌي بلوچ جي وچ ۾
نفرت پيدا ڪن ٿا
پر سچ اھو آهي ته اهي نه سنڌي آهن، نه بلوچ —
اهي فقط دشمن جا هٿ آهن،
جيڪي سنڌي ۽ بلوچ جي وچ ۾ محبت، ڀائچاري ۽ اتحاد کي ٽوڙڻ چاهين ٿا۔
سنڌي ۽ بلوچ ته هڪ ئي جسم جون ٻه نڙيون آهن،
جنهن جو رت، ريت، ۽ رشتو ساڳيو آهي۔
سڪي ته سنڌ ۾، ڳاڙهو خون بلوچ جو به وهي ٿو،
۽ سنڌي جي تڪليف تي بلوچ جو دل به ڌڙڪي ٿو۔
اهي جيڪي نفرت پکيڙي رهيا آهن،
اهي ڄاڻن ته سنڌي ۽ بلوچ ۾ نفرت نه، محبت جي تاريخ آهي۔
هي ٻئي قومون گڏجي ازل کان دشمنن سان وڙهنديون آيون آهن،
۽ گڏجي ئي هن ڌرتيءَ جو سڪون ۽ شان بڻيون آهن۔
تنهنڪري هوشيار رهو،
سوشل ميڊيا تي ڪنهن به نفرت واري پوسٽ کي سچ نه مڃو۔ ھو سنڌين بلوچن جا دشمن آهن
جيڪي اسان جي دلين ۾ نفرت پيدا ڪرڻ چاھين ٿا 🙏🏼