Mazhar Offical Page

Mazhar Offical Page Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Mazhar Offical Page, Karachi.

03/10/2025

پنھنجو غزل جھونگاريندي

13/09/2025

پيسن خاطر رشتن جا مون وڪرا جام ڏٺا
رشتن اندر ڳاڙھن اکن سان شڪرا جام ڏٺا
مظهر ورياڻي

29/04/2025

سنڌو درياهه تي تي نظم ساجد سومرو

22/04/2025

غزل مظھر پنھور ورياڻي

اڄ ڇڏي پنھنجا اجھا، مھراڻ جي خاطر وڙھو
ٻارڙا ٻڍڙا اُٿو، سرواڻ جي خاطر وڙھو

قوم پنھنجي کي ڪيو بيدار پو بيھي رھو
باغ گلشن جي سُڪڻ، سُرِھاڻ جي خاطر وڙھو

جنھن جڳھِ کان ڀي ھلو سڀ ساڻ ھلندا ئي ھلو
سنِڌُ ڌرتي ٿي سڙي، ٽانڊاڻ جي خاطر وڙهو

سوڪ سنڌ ۾ آ وڌي ساوڪ سلو ڪاٿي نه آ ديس جي سرھاڻ ۽ ساواڻ جي خاطر وڙھو

گيس جا پيري ٿيو بجلي جا ڀاڳيا ٿي پئو
پيٽرول لاء پارت اٿوُ، اِنَ ماڻ جي خاطر وڙھو

وقت سان مظھر سُڪل ڪي سنڌُ جا منظر ڏسو
پاڪ پاڻي لاءِ ھلي، پو پاڻ جي خاطر وڙھو

تازو لکيل طرحي غزل

22/04/2025
12/04/2025

پروفيسر ساجد جو چوڻ تہ جيڪو سيد جي فڪر کان پاسيرو اھو سنڌ کان پاسيرو بيٺل آهي

12/04/2025

جنھن بہ قومي ڪارڪن ۽ سنڌي ادبي دانشور جو نظريو سائين جي ايم سيد جي نظريي سان ملي اھو ئي سنڌ جو سگھارو آواز ۽ سگھاري طاقت آھي

11/04/2025

سائين جي ايم سيد جي جدوجھد،تاريخ جي آئيني ۾..

آزاد گھلو

جنھن به شخص ويانا امن ڪانفرنس 1952 واري امن ڪانفرنس ۾ ڪيل جي ايم سيد جو خطاب پڙھيو ھوندو جيڪو خطاب پاڪستان جي ان وقت کان وٺي ھاڻي تائين جي سياسي سماجي مذھبي معاشي ۽ اقتصادي سرشتي جي اھڙي ته سورنھن آنا سچ جي عڪاسي ڪري ٿو جو ان ۾ ذري برابر به تبديلي ناھي آئي ان خطاب ۾ پاڪستان جي عدالتي نظام متعلق خدشو ظاھر ڪندي چيو ھيو ته ته پاڪستان ۾ عدليا جي آزادي کي يقيني بڻائڻ واري ڳالھ ڪڏھن به حقيقت ۾ تبديل نه ٿيندي جيڪا ڳالھ قرارداد مقاصد ۾ پڻ چٽي طرح لکيل آھي پر سيد جو خدشو درست ثابت ٿيو آھي ته اڃان تائين به عدليا جي آزادي ڄڻ ته ڪنھن ديواني جي خواب مثل آھي.
طالبان جي پيدا ٿيڻ انھن پاران تباھي جي اڳڪٿي ھندو مسلم فساد،پاڙيسري ملڪ سان ھر وقت حالت جنگ ۾ رھڻ جو تذڪرو ۽ گھڻو ڪجھ ان خطاب ۾ بيان ڪيل ڪنھن "گولڊن ورڊز " کان گھٽ ناھن،
سید ادب،سياست ،مذھب،تاريخ،بين الاقوامي معاملن،ڪلچر،عدالتي نظام ،خطن ۽ ٻين موضوعن تي ڪيئي ڪتاب لکيا.
سائين جي ايم سيد تاريخ جو اھو سچ آھي جيڪو اڄ به پنھنجي جوھر ۾ مظبوط ۽ ھماليا کان وڌيڪ بلند ارادا رکي ٿو جنھن جي مقابلي ۾ ڪيئي جابر قوتون آيون ۽ انھن جو مقدر تاريخ جو ڊسٽ بن بڻيو اڄ به سيد جي خلاف ڪڏھن حڪمران قوتون سندس خلاف پروپئگنڊا ڪنديون اچن ته ڪڏھن وري ديسي دلالن ھٿان کيس شخصيت کي رھنڊون ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي انھن جو مقدر به تاريخ جو ايندڙ انداھو دور آھي جنھن کي سنڌ جو باشعور انسان ڪڏھن به سنڌ جو خير خواھ تسليم نه ڪندو ۽ دلالي جو لقب سندن مقدر بڻبو.
اچو ته جديد قومپرستي جي باني رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي زندگي ۽ ڪارنامن تي ھڪ نظر وجھون.
جديد قومرستي جي باني سائين جي ايم سيد جو جنم 17 جنوري 1904 تي اباڻي ڳوٺ سن ان وقت جي ضلعي دادو ۾ ٿيو سندس خاندان جو سلسلو حيدر شاھ سنائي سان ملي ٿو جيڪو سورھين صدي ۾ ارغونن جي خلاف جدوجھد ڪندڙ سنڌ جي سمون خاندان سان تعلق رکندڙ مخدوم بلاول جو خليفو ھيو اھيا ھڪ غير معمولي ڳالھ آھي ته سماٽ قبيلي سان تعلق رکندڙ شخص جو خليفو سيد گھراڻي جو فرد ھيو.
سائين جي ايم سيد اڃان سال جو به نه ٿيو ته سندس والد محترم 1 نومبر 1905 تي قتل ٿي ويو جڏھن ته پاڻ ابتدائي تعليم پنھجي ڳوٺ سن مان ئي حاصل ڪيائين ،فيبروري 1920 ۾ لاڙڪاڻي ۾ منعقد ڪيل خلافت ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين جڏھن ته پاڻ مارچ 1920 ۾ سن شھر ۾ خلافت ڪانفرنس گھرايائين سال 1920 جي اپريل مھيني ۾ ئي سندس شادي ٿي .
1925 جي نومبر مھيني ۾ تعلقي مانجھند لوڪلبورڊ جو صدر چونڊيو ويو جتي پاڻ ترقياتي ۽ ٻين اھم سماجي مسئلن ڏانھن ڌيان ڏنائين ان کان اڳ ڊسمبر 1924 ۾ سنڌ تعليمي ڪانفرنس حيدرآباد ۾ پڻ ڀرپور حصو وتائين جنوري 1926 ۾ ڪراچي ضلع لوڪلبورڊ جي اسڪول بورڊ جو ميمبر منتخب ٿيو ۽ ان ئي سال ڊاڪٽر ايني بيسينت جي قائم ڪيل ٿاسافيڪل سوسائٽي جو ميمبر ٿيو 1928 ۾ ڪراچي ضلع لوڪلبورڊ جو پھريون وائس پريزيڊينٽ ۽ بعد ۾ پريزيڊينٽ منتخب ٿيو ان عرصي جي دوران ڪراچي ۾ ترقياتي ۽ سماجي جا ڪافي ڪم ڪرايائين جنھن ۾ شھر ۽ ڳوٺن جي ترقي لا۽ ڪم شھر جي مرڪز کي ڳوٺن سان ملائڻ لا۽ رستن جي تعمير ريڊيو پاڪستان جي موجوده عمارت جي تعمير،ڪراچي ضلعي ڳوٺ سڌار ايسوسي ايشن ماھيگيرن جي حقن جي تنظيم ،ڪو آپريٽو انسٽيٽيوٽ جھڙا ادارا ۽ ٻيا ڪافي سارا ڪم ڪرايائين.
1930 ۾ ميرپورخاص ۾ ھاري ڪانفرنس گھرائي جمشيد مھتا ڄيٺمل پرسرام شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ غلام قادر بلوچ سان گڏجي سنڌ ھاري ڪميٽي جو بنياد وڌائين ان ئي سال ڪانگريس جي ملڪي آزادي واري جدوجھد کان متاثر ٿي ان کي ويجھو ٿيو ۽ کاڌي جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيائين ۽ سن ۾ کاڌي جو ڪپڙو ٺاھڻ لا۽ ڪارخانو کولرايائين
سيد 1930 جي ڏھاڪي جي دوران سنڌ جي بمبئي کان آزادي واري تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ 1935 جي انڊين ايڪٽ تحت 1 اپريل 1936 ۾ سنڌ جي الڳ صوبائي حيثيت بحال ٿي۔
1930 ۾ شاھ عبداللطيف جي سالياني ميلي ۾ ادبي ۽ ثقاتي ميلي ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جو آغاز ڪيو.
1934 ۾ الله بخش سومرو ميران محمد شاھ ۽ شاھنواز ڀٽو سان گڏجي سنڌ پيپلز پارٽي ٺاھي.
حاجي عبدالله ھارون ۽ الله بخش سومري سان گڏ 1936 سنڌ اتحاد پارٽي جو بنياد رکائين.
1937 جي اليڪشن ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿيو
1938 ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ان ئي سال مسلم ليگ ڪراچي ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيائين.
1940 ۾ تعليم ليبر ۽ انڊسٽريز جو وزير مقرر ٿيو سنڌ يونيرسٽي جي قيام ،سنڌي ادبي بورڊ جي قيام ۽ تعليم ادب ۽ مزدورن جي ڀلائي جي لا۽ اھم قدم کنياين اسڪولن جي نصاب جي تعليم ۾ رقص موسيقي جي تعليم کي شامل ڪرڻ سميت ٻيا ڪيترائي ڪم ڪائين.
جواھر لعل نھرو جي صدارت ۾ قائم ڪيل انڊين نيشنل پلاننگ ڪميشن جو ميمبر پڻ رھيو گڏوگڏ ان ئي سال مسلم ليگ سنڌ جو نائب صدر منتخب ٿيو ان ئي سال صوبائي انتظامي ڪميٽي جو چيئرمين بڻيو.
1941 ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو ميمبر منتخب ٿيو.
1942 ۾ سائين جي ايم سيد مسلم ليگ جو صوبائي صدر بڻيو سيد مسلم ليگ کي ھڪ عوامي جماعت طور متعارف ڪرائي سڄي سنڌ ۾ لکن جي تعداد ۾ مسلم ليگ ۾ ماڻھن جي ميمبر شپ ڪرائي نه ته ان کان اڳ مسلم ليگ چند ماڻھن تي مشتمل جاگيردار ڪلاس طبقي سان گڏ بند ڪمرن ۾ قراردادون ئي پاس ڪندي ھئي جاگيردارن سان ڀريل مسلم ليگ ۾ واحد جي ايم سيد ئي اھڙو شخص ھيو جيڪو مڊل ڪلاس جي آواز سمجھيو ويندو ھيو.
1943 ۾ سنڌ اسيمبلي مان پاڪستان جي حق ۾ قرارداد پاس ڪرايائين.
جناح پاران جاگيردار طبقي جي حمايت ۽ سمورا تنظيمي ۽ صوبائي مسئلا پنھنجي ھٿ ھيٺ رکڻ واري ڳالھ تان سيد جا جناح سان اختلاف ٿيا جڏھن ته سيد مڊل ڪلاس جي سياست جو حامي ھيو نتيجي طور سيد مسلم ليگ کان عليحدگي اختيار ڪئي.
1946 جي عام چونڊن ۾ حصو ورتائين جنھن ۾ مسلم ليگ جي اميدوار سان مقابلو ٿيس جيڪا اليڪشن ڌانڌلي جي زور تي ھارائي ويو اليڪشن نتيجن جي خلاف سيد پٽيشن داخل ڪئي پاڪستان ٺھڻ کان بعد اليڪشن ٽربيونل سائين جي حق ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو جڏھن ته سندس مخالف اميدوار کي نااھل قرار ڏنو ويو.
سيد 1948 ۾ خان عبدالغفار خان عبدالصمد خان اچڪزئي ۽ ٻين سيڪيولر روشن خيال جمھوريت پسند اڳواڻن سان گڏجي پاڪستان پيپلز آرگنائزيشن ٺاھي.
1948 ۾ سنڌ اسيمبلي مان سنڌي مسلمانن جون زمينون واپس ڪرائڻ لا۽ بل پاس ڪرايائين پر محمد علي جناح بطور گورنر جنرل ان بل تي دستخط ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
مئي 1948 ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ وارو منصوبو جڏھن سامھون آيو ته سيد ان جي شديد مخالفت ڪندي احتجاج ڪيو جنھن جي بنياد تي کيس 18 جون 1948 تي گرفتار ڪيو ويو.
۽ جڏھن 1954 ۾ سنڌ سميت پاڪستان ٺاھڻ وارن ٻين صوبن بلوچستان سرحد ۽ بھاولپور جي الڳ سڃاڻپ ختم ڪري پنجاب سان ملائي ون يونٽ قائم قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ته سنڌ جي سڃاڻ ڌرين سان گڏجي جي ايم سيد ان عمل خلاف مزاحمت ڪئي ته 3 نومبر 1954 تي سيد کي گرفتار ڪيو ويو ۽ سنڌ اسيمبلي مان قرارداد پاس ڪرائي آڪٽوبر 1955 کان مغربي پاڪستان جو ھٿرادو غير آئيني صوبو ٺايو ويو ۽ سيد ڊسمبر 1957 تائين قيد ۾ رھيو .
رات جي رھزن ايوب خان 7 آڪٽوبر 1958 تي جڏھن ملڪ ۾ مارشل لاء جو اعلان ڪيو ته 10 آڪٽوبر 1958 تي سيد کي گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو ويو جتان کيس آزادي اٺن سالن کان وڌيڪ عرصي بعد فيبروري 1967 ۾ ملي.
1967 ۾ سيد بزم صوفيائي سنڌ جي نالي سان سماجي تنظيم جوڙيائين جنھن جو جنرل سيڪريٽري رسول بخش پليجو ھيو،ان تنظيم وسيلي سيد مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ وڃي امن،رواداري،ڀائچارو ،حب الوطني ۽ شعور جي روشني ڦھلائڻ لا۽ سڄي سنڌ ۾ سفر ڪيو پر حڪومت وقت کان اھيو به برداشت نه ٿيو ۽ نيٺ 22 جون 1967 سائين کي وري گرفتار ڪيو ويو جڏھن ته اتان تڏھن آزادي ملي جڏھن 26 جنوري 1969 تي سڄي ملڪ ۾ ھلايل تحريڪ کان تنگ ٿي ايوب خان سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
سيد 1969 ۾ آزادي کانپو۽ صوبائي خودمختياري واري شيخ مجيب الرحمان جي 6 نڪاتي ايجنڊا جي حمايت ڪري شيخ مجيب جي اعزاز ۾ ڪراچي ۾ شاندار اسقباليه دعوت پيش ڪيائين.
1970 جي اليڪشن ۾ سيد سنڌ متحده محاذ جي پليٽ فارم تان چونڊن ۾ حصو ورتو سندس پارٽي کي اليڪشن ۾ شڪست ملي سندس اتحاد عوامي ليگ سان ھيو .
مارچ 1971 ۾ جڏھن بنگال ۾ فوجي چڙھائي ڪئي وئي ته ان وقت حڪومت پاران سڀني قومپرست،ترقي پسند ۽ محب وطن ليڊرن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو جي ايم سيد به انھن گرفتار ٿيلن ۾ شامل ھيو سيد کي جيل مان تڏھن ڪڍيو ويو جڏھن پاڪستان ٽٽي چڪو ھيو ۽ بنگلاديش وجود ۾ اچي چڪو ھيو ۽ باقي بچيل پاڪستان ڪنھن کٽيل جواري جيان ڀٽي کي ملي ويو ۔
70 جي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي کان جي ايم سيد کي شڪست ملي ھئي ۽ بنگلاديش معاملي تي سيد ذوالفقار ڀٽي جي ڪردار جو شديد مخالف ھوندي به باقي بچيل پاڪستان ۾ ڀٽو کي حڪومت ملي ته سيد ھڪ کليل خط ڀٽي کي لکيو جنھن ۾ ھن شرط تحت تعاون جي پيشڪش ڪئي وئي ھئي ته جمھوري ادارن کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي قومي حقن جي بحالي لا۽ قدم کنيا وڃن.
سنڌ اسيمبلي جڏھن 1972 سنڌي ٻولي جي حق ۾ بل پاس ڪيو ته ان وقت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ لساني فساد ڪرايا ويا ۽ وفاقي حڪومت آرڊيننس ذريعي ھن بل کي تبديل ڪيو۔جنھن لا۽ سيد سنڌي ماڻھن جي قومي سجاڳي لا۽ سڄي سنڌ جو دورو شروع ڪيو ۽ آگسٽ 1972 ۾ سيد کي گرفتار ڪري قيد ڪيو ويو جتان جنوري 1973 ۾ آزادي مليس.
۽ جڏھن جي ايم سيد ڏٺو ته چونڊن ۾ واضع اڪثريت ھجڻ جي باوجود بنگالين جي نمائيندا جماعت عوامي ليگ کي اقتدار ڏيڻ بدران انھن تي فوجي چڙھائي ڪئي وئي ۽ انھن جي عورتن سان غير انساني سلوڪ ڪيو ويو ۽ نئين جڙيل پاڪستان جي حاڪم اڃان ساڳيون پاليسيون جاري رکندو ٿو اچي ته سيد آزاد،خودمختيار ۽ خوشحال سنڌ جو ڏنو ۽ ان جي حصول لا۽ جيئي سنڌ محاذ جو بنياد وڌو.
1973 ۾ جڏھن آئين ٺاھيو ويو ته جي ايم سيد ۽ سندس سياسي جماعت جيئي سنڌ محاذ ۽ ان سان لاڳاپيل جيئي سنڌ اسٽوڊينٽس فيڊريشن ان کي "قومن جو قاتل " آئين چئي رد ڪيو ۽ ان جي خلاف احتجاج ڪيو جنھن تان 28 اپريل 1973 تي حڪومت سيد کي نظر بند ڪري ڇڏيو ۽ ھي طويل نظربندي 1987 تائين ھلي۔جنرل ضياالحق پاران مارشل لاء لاڳو ڪرڻ کانپو۽ ڀٽو حڪومت جا سڀ قدم رد ڪري ڇڏيا ھيا ۽ سڀني سياسي قيدين کي آزاد ڪيو ويو ھيو پر سيد جي نظربندي کي پونئين حڪومت جو ورثو قرار ڏئي جاري رکيو ويو.
نظربندي ختم ڪرڻ کانپو۽ سيد سنڌ جي دوري تي اپر سنڌ لا۽ نڪتو ته ڊسمبر 1987 ۾ سيد کي لاڙڪاڻي مان گرفتار ڪيو ويو ۽ 1988 ۾ کيس آزاد ڪيو ويو.
سکر کان جڏھن پنھنجو اڻ مڪمل دورو ڪرڻ لا۽ 1989 ۾ سکر کان دورو شروع پيو ڪري ته وري مشھور زمانه جھنڊو ڪيس ٺاھي سيد کي وري نظربند ڪيو ويو جڏھن ته ان وقت حڪومت بينظير ڀٽو جي ھئي بعد ۾ 90 ۾ عبوري حڪومت کيس آزاد ڪيو.
17 جنوري 1992 تي سيد پنھنجي سالگرھ جو جلسو نشتر پارڪ ڪراچي ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جلسي ۾ سيد اقوام متحتده جي تشڪيل نو جي لا۽ ھڪ خاڪو دنيا اڳيان پيش ڪيو ٻئي ڏينھن تي ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف جي معاون خصوصي چوڌري نثار پريس ڪانفرنس ڪندي سيد کي غدار قرار ڏئي ڇڏيو غداري ڪيس داخل ته ٿيو پر ڪڏھن ھليو نه۔نواز شريف کانپو۽ بينظير ڀٽو به ھن قيد کي جاري رکيو .
جنيوا ۾ اقوام متحده جي انساني حقن جي باري ۾ ڪميشن جي اجلاس ۾ پاڪستان جي وزيرقانون منافقت ظاھر ڪندي اقبال حيدر به جي ايم سيد جي قيد کان انڪار ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ڪو به سياسي قيدي ناھي.
25 اپريل 1995 ۾ جناح اسپتال جي ھڪ وارڊ ۾ سپاھين جي تاڻيل بندوقن جي گھيري ۾ سنڌ جي تاريخ جو ھي عظيم شخص مھاراجا ڏاھر کان الله بخش سومري جي روح جو ھي وارث حالت قيد ۾ سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪري ويو.
میں تاں کوٸی خیال ہاں ملساں نال خیال دے

Address

Karachi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Mazhar Offical Page posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share