13/07/2026
غزل
ساھ جو پيل جسم ۾ هڪڙو ٽوڙهو آهي
نڪرڻ پڄاڻان ماڻهو خالي پنوڙو آهي
جيون سارو کانڀاڻي جي پٻ مثيل هي
وقت اُن مان اڇليل ڄڻ ڪو ڳوڙهو آهي
دردن جي آ جھار چڳي وئي داڻو داڻو
ڪنهن به حياتيءَ کي نه ڏنو ڪو لوڙهو آهي
مٽيءَ جي گهر ۾ ڪيسين رهندو پاڪ پکي
جنهن لاءِ هن جو آڳر تي پيو سوڙهو آهي
توکي ڪا نہ خبر آ، تنهنجو پيٽ ڀريل آ
ويلي ويل بک جو ڍُڪُ ڪيڏو ڪوڙو آهي
ترندو مظهر! هي ڪيسين ترندو ڪيسين؟
هاڻ حياتيءَ جو پيو ٿڪجي هي هوڙو آهي