
12/09/2025
مون سون 2025 جي واپسي جو عمل ايندڙ هڪ هفتي دوران شروع ٿي سگهي ٿو، شروعاتي طور تي اتر، اولھ انڊيا ۽ ان سان لڳندڙ اتر، وچولي سنڌ ۽ بلوچستان کان ٿيندي.
مون سون امڪانن مطابق سٺو وسيو، جتي غير سرڪاري انگن (JMS) جي مطابق سنڌ ۾ هن سال نارمل کان 32٪ وڌيڪ برساتون رڪارڊ ٿيون. ڪراچي، حيدرآباد، ٿرپارڪر، نوابشاھ ڊويزن ۽ اولھ سنڌ ۾ زبردست وسڪارا ٿيا، جڏهن ته ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد جهڙن ضلعن ۾ برساتون تمام گهٽ رڪارڊ ٿيون، جيڪي نارمل کان گهٽ رهيون.
اتر سنڌ خيرپور، لاڙڪاڻو ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن ۾ برسات نارمل کان وڌيڪ ٿي.
اها منهنجي طرفان هي مونسون بابت آخري اپڊيٽ آهي. ڪيترن سالن کان موسمي اپڊيٽس ڏيڻ جو سلسلو هلي رهيو هو، پر هاڻ مصروفيات وڌڻ سبب ممڪن آهي ته ٻيهر واٽس ايپ گروپ ذريعي موسمي ڄاڻ نه ڏئي سگهان.
اوهان سڀني جو ساٿ، همدردي ۽ حوصلا افزائيءَ لاءِ دل جي گهرائين سان شڪريو۔🙏