
27/05/2024
امريڪي ڪاروباري شخصيت ۽ ريپبلڪن اڳواڻ علي شيخاڻي پاران ميرپور ماٿيلو جي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا امداد جو اعلان ، علي شيخاڻي ڏک جي هن گهڙي ۾ سوڳوار خاندان سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته نصرالله گڏاڻي جي گهرڀاتين وانگر اوورسيز پاڪستانين جون دليون به ڏُکاريون آهن ، علي شيخاڻي شهيد صحافي جي وارثن کي فوري طور تي هڪ ڪروڙ رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته قلم جي عظمت جو علم بلند ڪرڻ وارن لاءِ هي هڪ معمولي نذرانو آهي ، علي شيخاڻي جو ڇوڻ هو ته هو ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان ايندو ۽ شهيد صحافي جي وارثن سان ملاقات به ڪندو.