15/06/2024
شھيد نصر الله جو قاتل وڏو قھر ڪري ايم اين اي ٿي ويو
نور محمد لنڊ ٻه شاديون ڪيون
سندس ڏاڏي پوٽي ٻئي عيسائڻ..
ڏاڏي پوٽي مان خالد ڄائو ـــ.
عيسائڻ مان نثار لنڊ ڄائو ـــ
ظاهر آ ٻئي گهر واري ۽ ان جا ٻچا پهرين گهر واري کان پيارا هوندا آهي..نور محمد لنڊ جو سڄو ڌيان ننڍي گهر واري ۽ ان جي پٽ نثار تي هو ..خالد ۽ سندس ماء کي ڪا به اهميت نه هئي..نثار لاڏلو ھٺيرو بدتميزعياش ۽ ڪريل ماڻھو هو..
نثار جروار هڪ هندو نوجوان تي عاشق ٿئي پيو ان کي ڀيڻ سوڌو اغوا ڪري نورا آباد يارو لنڊ ۾ باندي بڻايائين ..هندو نياڻي سان ھٿ چراند ۽ اخلاق کان ڪريل حرڪت ڪرڻ تي نياڻي سندس منهن ۾ ٿڪ ھڻي ڪڍي..نتيجي ۾ نثار ٻنهي ڀاء ڀيڻ کي جيئري شينهن جي آڏو اڇلائي ڇڏيو..شينهن ٻنهي کي کائي ويو..انهي واقعي کان پوء..ھندو نوجوان ۽ سندس ڀيڻ جي پيء جيڪو ھندو ھوندي به قرآن کڻي نور محمد لنڊ وٽ ويو ۽ چيائينس ته تنھنجي پٽ منهجي ڌي پٽ کي شينهن آڏو اڇلي مارائي چڏيو..رب ڪندو تنھنجو پٽ به اھڙي ڪا موت مرندو ۽ ميرپور کان يارو لنڊ تائين هلندڙ بس جي ڪنھن حادثي ۾ تنھنجي مئل پٽ جا اخبارن ۾ ڦوٽو هوندا..
اهو هندو جروار پاڪستان پنھنجي ڌرتي ڏک ۾ ڇڏي ھندستان هليو ويو..
وقت ته ڦيٿو آھي ۽ پيو ڦرندو آھي سو وقت ڦيرو کاڌو ۽
لنڊن جو ڀرچونڊي جي پيرن سان جيهڙو ٿيو
لنڊن ميان ننڍو ماري وڌو..
پلاند ۾ ڀرچونڊي پيرن ..ماٿيلو روڊ تي نثار لنڊ کي گيهرو ڪري ماري وڌو سوين برسٽ هلائي سموري لڱن ۾ سوراخ ڪري وڃي ڏهرڪي ۾ کير پيتائون..نثار سان گڏ سندس 16 گارڊ به مارجي ويا..
انهي واقعي کان پوء ..نور محمد لنڊ جي چيلھ ڀڄي پئي..ڪجھ مهينن اندر نور محمد لنڊ به مري ويو..
ٻئي پاسي نور محمد لنڊ ..خالد لنڊ کي ملڪيت مان عاق ڪري ڇڏيو هو..جيڪو يارن جي خرچن تي هلندو هو..وٽس هڪ وليس جيپ هئي ڪڪڙن ۽ ڀنگ جو موالي هو..سموري لنڊ قوم ..نور محمد جي ڪري نھاريندي به ڪانه هيس..هڪ ڀيري غلام محمد مهر ڏي پيء جي دانهن کڻي ويو ته بابا کي چئو مون کي زمين مان حصو ڏئي..تنهن تي غلام محمد چيو مان نور محمد کي ڪو نه چوندس باقي تون مون وٽ آيو آهين ته ..يارو لنڊ منھنجي ڀرسان منھنجي ست ايڪڙ زمين توکي ڏيان ٿو..وڃي آباد ڪر..
نور محمد لنڊ کيس ملڪيت مان عاق ڪري ڇڏيو..ته خالد لنڊ پيو روڊ ڪڇيندو هو..سندس پراڻو يار ڪمال خان ڪلهوڙو ان وقت ايڪسئين واپڊا ۽ هاڻي رٽائير پي ڊي کيس پناھ ڏني سندس مالي مدد ڪئي..
قسمت ڦير کاڌو
نور محمد لنڊ جوان پٽ نثار لنڊ جي موت جو ڏک نه سھي سگھيو ۽ اچتو لاڏاڻو ڪري ويو..
پويان لنڊن همدري طور خالد کي اڳيان آندو..پڻنس جي سيٽ کيس ملي..
عروج مليو ڄڻ ته ڪو آسمان مليس
هاڻي پٽن سوڌو فرعون ٿي ويٺو..
نه ته آڄ کان ويھ سال پهرين خالد ڪوڪڙي جي حيثيت ۾ مشهور هو