MNN News Network

MNN News Network news

سجاول جوڻيجو لڳ آباد بوزدار برادري طرفانڊي ايس پي ميروخان اسد الله ڀٽي مٿان قومپرستي ڪري بوزدار برادري جي 500 ايڪڙ زمينن...
05/02/2025

سجاول جوڻيجو لڳ آباد بوزدار برادري طرفان
ڊي ايس پي ميروخان اسد الله ڀٽي مٿان قومپرستي ڪري بوزدار برادري جي 500 ايڪڙ زمينن تي قبضو ڪري آباد ڪرائڻ جو الزام، بوزدار برادري طرفان اهڙي عمل سان علائقي اندر امن امان جي صورتحال پڻ متاثر ۽ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جو امڪان، بوزدار برادري مطابق ته بوزدار ۽ ڀٽي برادري جو جھيڙو ھلندڙ ھيو جنھن ۾ اسان بوزدار برادري ڪافي دفعا ڀٽي برادري وٽ ٺاھ لاء ميڙ منٿ ڪافلا پڻ موڪليا آھن پر ڀٽي برادري جواب ڏنو جنھن بعد ڊي ايس پي ميروخان اسد الله ڀٽي ڌر بڻجي جھيڙي اندر چڻڳ ٻاري رھيو آھي جنهن ۾ علائقي جو امن امان خراب ٿي ويندو، بوزدار برادري آء جي سنڌ، ڊي آء جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته ڊي ايس پي ميروخان جي ان عمل جو نوٽيس وٺي فيصلو ڪرائي علائقي جو امن امان بحال ڪرايو وڃي،

05/02/2025

رتوديرو رپورٽ)
رتوديرو لوڪل پوليس نفري تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي،
جانچ ڪيون پيا ڏوهارين سان ڪنهن به پوليس اهلڪارن جي يا ڪنهن ٻين ماڻهن جي ملوث هجڻ جي ڪائي ثابتي ملي ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ڊي آء جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب

رتوديرو ۾ امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري کي ساڻ ڪري رتوديرو پهچي ويو جتي ايس ايڇ او رتوديرو غلام مرتضي' گورچاڻي ۽ رتوديرو هندو پنچائت جي مکي سنيل ڪمار سان الڳ الڳ ملاقات ڪئي ۽ شهر جي امن امان جي حوالي سان تفصيل معلوم ڪيا، انهي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي آء جي ناصر آفتاب چيو ته امن امان خراب ڪندڙن خلاف ڪاروايون جاري آهن اڄ اسان رتوديرو خاص مقصد سان آياسين اوهان کي جلد بهتري نظر ايندي، جانچ ڪيون پيا ڏوهارين سان ڪنهن به پوليس اهلڪارن جي يا ڪنهن ٻين ماڻهن جي ملوث هجڻ جي ڪائي ثابتي ملي ته انهن خلاف ڏوهارين جيان پيش اينداسين، اسان هتان جي لوڪل نفري کي تبديل ڪنداسين، هٿيارن جي نمائش ڪندڙن ۽ منشيات فروشن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي، شهر جي تمام ايندڙ ويندڙ رستن تي پوليس جي سڪيورٽي جا انتظامات سخت ڪيا ويندا، شهر جي ھندو واپاري دڪاندار روي ڪمار کان ڦر واري جاچ هو پاڻ ڪري رهيو آهيان جلد ئي ڪارروايون ڪري ڏوھ واپس ڪرايو ويندو.

Address

Karachi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when MNN News Network posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share