Sindh Today News

Sindh Today News Sind today voice of freedom from the Asian subcontinent.

It will highlight the issues of concern and the cultural richness of its people through information, discussion and, will propagate transparency of responsibility

20/11/2025

ايس يو پي سربراھ زين شاھ جو 27ھين آئيني ترميم خلاف احتجاج جو اعلان

19/11/2025

خاتونِ اوّل بي بي آصفه ڀٽو زرداري جو ابوظهبي آرٽ 2025 جو دورو
خاتونِ اوّل بي بي آصفه ڀٽو زرداري منارت السعديات پهتي، جتي هن ڊپارٽمينٽ آف ڪلچر اينڊ ٽورزم جي اعليٰ عملدارن سان ملاقات ڪئي۔
بي بي آصفه ڀٽو زرداري عالمي معيار جي نمائشين ۽ گيلرين جو جائزو ورتو ۽ فنڪارن، ڪيريٽرز ۽ نمائش ڪرڻ وارن سان به گفتگو ڪئي۔
خاتونِ اوّل چيو ته فنونِ لطيفه جو ڏي وٺ معاشرن ۾ ڀائچاري، سمجهوتي ۽ ثقافتي رابطن کي مضبوط ڪري ٿي۔
ابوظهبي آرٽ سڄو سال جاري رهندڙ بصري فنون جي پروگرامن جي پڄاڻيءَ جو موقعو فراهم ڪندو آهي ۽ جديد ۽ معاصر فنون کي اجاگر ڪندو آهي۔
نمائش ۾ بين الاقوامي ۽ مقامي گيلريون حصو وٺن ٿيون ۽ مختلف آرٽسٽن جا فن پارا پيش ڪيا وڃن ٿا۔

19/11/2025

لاڙڪاڻي ۾ ايس ايس پي کي بدلي ڪرڻ جو حڪم ڏيندڙ جج بدلي
ٿي ويو، غني امان چانڊيو ڪيس ۾ اي ٽي سي آزادي جو حڪم ڏنو، ھاءِ
ڪورٽ رد ڪري ڇڏيو، اھو حال آھي عدالتي نظام جو: ڪراچي بار ايسوسيئيشن جو صدر عامر نواز وڙائچ
لاڙڪاڻي ۾ ايس ايس پي کي بدلي ڪرڻ جو حڪم ڏيندڙ جج بدلي
ٿي ويو، غني امان چانڊيو ڪيس ۾ اي ٽي سي آزادي جو حڪم ڏنو، ھاءِ
ڪورٽ رد ڪري ڇڏيو، اھو حال آھي عدالتي نظام جو: ڪراچي بار ايسوسيئيشن جو صدر عامر نواز وڙائچ

19/11/2025

ايم اين اي ذوالفقار بھڻ جي چوري واپس ڪرائيندڙ پوليس کي اھا بھ خبر آھي تھ ضياءَ لنجار جي گھر کي ڪنھن باھ ڏني: مرتضيٰ جتوئي
28ھن ترميم اچڻ واري آھي، پيپلزپارٽي جو اصل امتحان ھاڻي شروع ٿيندو: مرتضيٰ جتوئي
27ھين ترميم ۾ ڏي وٺ ڪري ڪم ٽپايو ويو، ھاڻي پ پ جي خبر پوندي تھ ڪھڙي پاسي تي بيھي: مرتضيٰ جتوئي
وڪيلن تي حملن سميت ٻين ڏوھن جي پٺيان حڪمران جماعت جو ھٿ آھي، پوليس ۾ بھ سياسي مداخلت آھي: مرتضيٰ جتوئي

19/11/2025

نوشھروفيروز
28ھن ترميم اچڻ واري آھي، پيپلزپارٽي جو اصل امتحان ھاڻي شروع ٿيندو: مرتضيٰ جتوئي
27ھين ترميم ۾ ڏي وٺ ڪري ڪم ٽپايو ويو، ھاڻي پ پ جي خبر پوندي تھ ڪھڙي پاسي تي بيھي: مرتضيٰ جتوئي
ايم اين اي ذوالفقار بھڻ جي چوري واپس ڪرائيندڙ پوليس کي اھا بھ خبر آھي تھ ضياءَ لنجار جي گھر کي ڪنھن باھ ڏني: مرتضيٰ جتوئي
وڪيلن تي حملن سميت ٻين ڏوھن جي پٺيان حڪمران جماعت جو ھٿ آھي، پوليس ۾ بھ سياسي مداخلت آھي: مرتضيٰ جتوئي

18/11/2025

پ پ ايم اين اي ذوالفقار علي بهڻ جي گهر مان لڳل ڌاڙي جا سنڌ پوليس پنجاب مان جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب.
پوڻا 1120 گرام سون، 53 لک روڪ رقم، 2 ڪلاشنڪوف ۽ هڪ پسٽل هٿ ڪري ورتا
ٽن ضلعن جي پوليس جي گڏيل ٽيم ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل کوسو، ايس ايس پي شھيد بينظير آباد شبير سيٺار، ايس ايس پي حيدرآباد عديل چانڊيو، ايس ايڇ او نيڪ محمد کوسو، ايس ايڇ او عبدالوحيد شيخ، امداد جاگيراڻي جهنگ ڀرسان ڪارروائي ڪري جوابدار سوگها ڪيا.
ايس ايس پي حيدرآباد عديل چانڊيو، ايم اين اي ذوالفقار علي بھڻ، ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل کوسو، ايس ايس پي شھيد بينظير آباد شبير سيٺار، ضلعي اڳواڻ سھيل عباسي ۽ جوڙيل ٽيم سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪئي.
جيسل بلوچ گينگ ھن وارداتن ۾ ملوث آھي ھڪ جوابدار عثمان سيال نالي جوابدار گرفتار ڪيو ويو آھي، جنھن وٽان جانچ ڪئي وئي آھي. جنھن ۾ روڪ رقم، سونا زيور، لائيسنس وارا ھٿيار برآمد ڪيا ويا آھن.

اسلام آباد (18 نومبر 2025): پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) انهن شهرين کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي جيڪي غير رجسٽرڊ ...
18/11/2025

اسلام آباد (18 نومبر 2025): پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) انهن شهرين کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي جيڪي غير رجسٽرڊ موبائل فون استعمال ڪري رهيا آهن۔
پاڪستان ۾ غير رجسٽرڊ موبائل فون عام طور تي سستا ملي وڃن ٿا ڇاڪاڻ⁠تہ انهن تي ڪسٽم ڊيوٽيون يا ٽيڪس ادا ڪرڻو نٿو پوي، جنهن سبب گهٽ آمدني وارن صارفين لاءِ اهي هڪ پرڪشش چونڊ هوندا آهن۔
بهرحال، پي ٽي اي پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته غير رجسٽرڊ موبائل فون ڪنهن به وقت بلاڪ ٿي سگهي ٿو، ڊي آءِ آر بي ايس سسٽم موجب صرف منظور ٿيل ڊيوائسز ئي نيٽ ورڪ تي هلائي سگهجن ٿيون۔
بيان ۾ چيو ويو آهي ته شهري * #06 # ڊائل ڪري پنهنجو 15 انگن وارو آءِ ايم اِاءِ آءِ (IMEI) نمبر حاصل ڪن ۽ پي ٽي اي جي ويب سائيٽ يا 8484 تي ايس ايم ايس موڪلي پنهنجي موبائل فون جو اسٽيٽس چيڪ ڪري سگهن ٿا۔
اٿارٽي شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته بلاڪ ٿيڻ کان اڳ ئي پنهنجو موبائل فون رجسٽر ڪرائين ۽ بنا رڪاوٽ رابطي مان لطف وٺن، ۽ ذميوار ڊجيٽل شهري طور صرف پي ٽي اي کان منظور ٿيل ڊيوائسز استعمال ڪن۔

جيڪب آباد ۾ مڙس زال کي گهٽو ڏئي قتل ڪرڻ کان پوءِ لاش واهه ۾ اڇلي ڇڏيو مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ نوازو جاگير ۾ جوابدار راشد ...
18/11/2025

جيڪب آباد ۾ مڙس زال کي گهٽو ڏئي قتل ڪرڻ کان پوءِ لاش واهه ۾ اڇلي ڇڏيو
مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ نوازو جاگير ۾ جوابدار راشد گورشاڻي پنهنجي 25 ورهين جي زال حسنا کي قتل ڪيو
جوابدار واردات کان پوءِ فرار ٿي ويو اطلاع تي پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو
ڌيءَ کي جوابدار مڙس ڳلو دٻائي قتل ڪري ڇڏيو آهي ڌيءَ جي قتل جا ڪارڻ معلوم نه آهن امڙ
عورت جي قتل جي اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو پوليس

18/11/2025

پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوھر چيو آھي تھ صدر آصف زرداري پاڻ کي قانون کان مٿانھون تھ ڪري ڇڏيو آھي پر پاڻ کي عوام جي نظر ۾ ڪيرائي ڇڏيو آھي. ھن چيو تھ اسان نٿا چاھيون تھ آصف زرداري خلاف ڪو ٽرائل ٿئي پر آئين سان مذاق ڪرڻ مناسب ناھي، بئريسٽر گوھر چيو تھ حڪومت 28ھين ترميم 27ھين ترميم تان ڌيان نھٽائڻ لاءِ آڻي رھي آھي. پي ٽي آءِ انتظامي يونٽس جي خلاف آھي...

اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل غزه ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان پيش ڪيل 20 نقطن واري منصوبي جي حمايت ۾...
18/11/2025

اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل غزه ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان پيش ڪيل 20 نقطن واري منصوبي جي حمايت ۾ ٺهراءُ منظور ڪري ڇڏيو آهي۔
سلامتي ڪائونسل ۾ منظور ڪيل هن ٺهراءَ ۾ غزه اندر مختلف ملڪن جي فوجن تي مشتمل “بين الاقوامي استحڪام فورس” قائم ڪرڻ جو به ذڪر ڪيو ويو آهي۔ هن فورس ۾ ڪهڙن ملڪن جون فوجون شامل هونديون، انهن جا نالا اڃا ظاهر نه ڪيا ويا آهن۔
سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل هن ٺهراءَ جي حق ۾ برطانيا ۽ فرانس سميت 13 ملڪن ووٽ ڏنو، جڏهن ته روس ۽ چين ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو۔ پاڪستان به هن ٺهراءَ جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو۔
پاکستان غزه جي معاملي تي سلامتي ڪائونسل جي هن ٺهراءَ جي حمايت ڪئي آهي۔
هن موقعي تي اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو ته هي ٺهراءُ جنگ بندي کي برقرار رکڻ ڏانهن هڪ اهم قدم آهي۔

17/11/2025

Address

Karachi
07564

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh Today News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Sindh Today News:

Share