SindhPoint.Com

SindhPoint.Com How Sindh thinks.

عشق بازي ڇڏين ڪونه ٿو؟ڇو مجازي ڇڏين ڪونه ٿو؟هي خدا ۽ خوديءَ سان ٺڳي،اي نمازي ڇڏين ڪونه ٿو؟روز ڏاڙهون بدن تي نوان!سنگ ساز...
19/12/2023

عشق بازي ڇڏين ڪونه ٿو؟
ڇو مجازي ڇڏين ڪونه ٿو؟
هي خدا ۽ خوديءَ سان ٺڳي،
اي نمازي ڇڏين ڪونه ٿو؟
روز ڏاڙهون بدن تي نوان!
سنگ سازي ڇڏين ڪونه ٿو!
سرت ڪيڏي ڪئي ٿي ڪٺي؟
پرت تازي ڇڏين ڪونه ٿو؟
هي نماڻيون نماڻيون اکيون،
ايءُ آزي ڇڏين ڪونه ٿو؟
روز رومي پڙهين ٿو اياز،
پو به رازي ڇڏين ڪونه ٿو؟..شيخ اياز

سنڌ سان وچن جو ڏينهن ۔سنڌُ ديس جي ڌرتي توتي،پنهنجو سيسُ نمايان،مٽي ماٿي لايان ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين،توکي چشمن چايانگ...
19/12/2023

سنڌ سان وچن جو ڏينهن ۔

سنڌُ ديس جي ڌرتي توتي،
پنهنجو سيسُ نمايان،
مٽي ماٿي لايان
ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين،
توکي چشمن چايان
گيت به مون وٽ تنهنجا ماتا!
بيت به تنهنجا ڀايان
جيءُ جيءُ جيجل!
جيءُ جيءُ جيجل!
توکي ڪيئن لنوايان!
سارا سڏ پڙاڏا تنهنجا، وائيءَ ۾ ورنايان
سُر سُر ڄڻ سانوڻ ۾ سنڌو،
لهر لهر لهڪايان
رم جھم رم جھم راڳ انهن سان،
ٿر بر باه لڳايان
ڪالِھ مليران مهڪ اُٿي جا،
نگر نگر ڦهلايان
ڏُٿ به پنهنجو ڏيھ به پنهنهجو،
مارو شال ملايان
تنهنجيءَ مٽيءَ منجھ ملان جي،
آءُ امرتا پايان ۔

22/08/2022

پاکستان اور برطانيہ کے ججز کا فرق۔

پيپلز پارٽي قيادت ۽ وزير اعلي سنڌ کي خصوصي اپيل.ڪراچي جو سڀ کان وڏو صنعتي علائقو ۽ سڀ کان وڌيڪ روينيو ڏيندڙ ضلعو ملير آھ...
12/06/2022

پيپلز پارٽي قيادت ۽ وزير اعلي سنڌ کي خصوصي اپيل.

ڪراچي جو سڀ کان وڏو صنعتي علائقو ۽ سڀ کان وڌيڪ روينيو ڏيندڙ ضلعو ملير آھي، ملير حڪمران جماعت يعني پيپلز پارٽي جو مضبوط ڳڙھہ آھي جتان پيپلز پارٽي جا ٻہ ايم اين اي ۽ پنج سنڌ اسيمبلي جا ميمبر آھن، تازو سنڌ حڪومت ڪراچي جي پنج روٽس تي پبلڪ ٽرانسپورٽ جو اعلان ۽ انتظام ڪيو آھي مگر بدقسمتي سان ضلعي ملير جي ھن علائقي کي نظرانداز ڪيو ويو آھي، سوشل ميڊيا تي ھڪ ڊگھي جدوجھد ذريعي ماڻھو مسلسل گُھر ڪري رھيا آھن تہ گلشن حديد کان ڪراچي جي مختلف روٽس تي پبلڪ ٽرانسپورٽ ڏني وڃي جنھن سان لکين ماڻھن کي روزمرہ جون سفري سھولتون ملنديون.

پورٽ قاسم اٿارٽي جي مختلف انڊسٽريل زون ۾ ڪم ڪندڙ ھزارين مزدورن، ٽويوٽا پورٽ قاسم، ھنڊا پورٽ قاسم، ڪيا پورٽ قاسم، ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون، فوجي فرٽيلائيزر، اينگرو فرٽيلائيزر، چائنا پاور ڪمپني سميت ھزارين صنعتن م ڪم ڪندڙ لکين مزدورن کي سھولت ملندي.

پيپلز پارٽي جي اعلي قيادت بالخصوص وزيراعلي سنڌ کي اپيل ڪريان ٿو تہ ھن مسئلي طرف خصوصي توجھہ ڏئي پبلڪ ٽرانسپورٽ ڏئي ماڻھن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

25/04/2022

عمران خان جي بھترين پيروڊي.

Address

Karachi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when SindhPoint.Com posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share