17/10/2024
ڪاليج وڃان ڪيئن اڪيلي ڪو واٽ تي ڀاڙيو بيٺو آ
۽ ايندي ويندي وحشي ڪو منهنجو گس به تاڙيو بيٺو آ
اخبار ڏس ته پڙهي جا سڄي رت سان پئي رنگي
هئي ڪو نه ڪو ڪتو ڪنهن نياڻي کي ڏاڙهيو بيٺو آ
افسوس ناڪ پنجاپ واقعو😭😭