Dharti Tv Naudero

Dharti Tv Naudero ڌرتي فقط عوام جي

01/03/2026

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نئون ديرو ڀرسان آگاڻي ڳوٺ ۾ ضلعي وائيس چيئرمين اسد الله ڀٽو جي افطار پارٽي ۾ شرڪت. جتي بلاول ڀٽو خطاب ڪري رهيو آهي

01/03/2026

نئون ديرو / بريڪنگ نيوز

نئون ديرو جي غريب آباد پاڙي واسي نينگر مزمل پٽ عبدالله ميمڻ سان مبينه جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف. نينگر جي والد عبدالله ميمڻ نئون ديرو ٿاڻي تي جوابدار خادم راهوجو مٿان اين سي داخل ڪرائي آهي. نينگر مزمل کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ نئون ديرو اسپتال آندو ويو.

28/02/2026

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي آگاڻي ڳوٺ ۾ ضلعي وائيس چيئرمين اسد الله ڀٽو پاران ڪوٺايل افطار پارٽي ۾ شرڪت.

27/01/2026

نئون ديرو جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج ۾ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جي چيئرمين اعجاز احمد لغاري پاران تقريب ڪوٺائي گرلز ڪاليج نئون ديرو جي 3 ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي جي 5 شاگردياڻين ۾ ايم پي اي فريال ٽالپر جي هٿان اسڪوٽيز ايوارڊ ڏياريا ويا.

26/01/2026

نئون ديرو / نيوز الرٽ

نئون ديرو جي پراڻي بس اسٽينڊ وٽان تنگواڻي پوليس ڪارروائي ڪري نوجوان دڪاندار ذوالفقار ڪٽپر کي زبردستي کنڀي کڻي وئي. وارثن جو احتجاج

26/01/2026

نئون ديرو / نيوز الرٽ

نئون ديرو جي غريب آباد پاڙي ۾ ٻارڙي نگهت ميراڻي ارڙي وگهي فوت ٿي وئي. سندس 2 ڀينر هفتي کان ارڙي ۾ ورتل. وارثن پاران علاج ڪرائڻ جي اپيل.

26/01/2026

نئون ديرو / نيوز الرٽ

نئون ديرو لڳ ڳوٺ مٺو ککراڻي ۾ نوجوان احمد خان جو قتل مامرو نئون رخ اختيار ڪري ورتو. جوابدار احمد خان کي قتل ڪرڻ بعد پنهنجي زال کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اطلاع تي پوليس بروقت ڪارروائي ڪري عورت کي قتل ٿيڻ کان بچائي ورتو.

26/01/2026

نئون ديرو / نيوز الرٽ

نئون ديرو لڳ ڳوٺ مٺو ککراڻي ۾ سوٽن حملو ڪري نوجوان احمد خان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

26/01/2026

نئون ديرو / نيوز الرٽ

نئون ديرو ۾ پوليس پاران مبينه کنڀي گم ڪيل ٻن نوجوانن جي آزادي لاءِ ڳوٺ حسن واهڻ واسي بروهي برادري جي ماڻهن سکر - لاڙڪاڻو روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو.

13/01/2026

نئون ديرو / نيوز الرٽ

نئون ديرو جي مصروف ترين صدر چوڪ تي تيز رفتار ٽرڪ جي ٽڪر ۾ مڇي وڪرو ڪندڙ نوجوان پورهيت فوت ٿي ويو.

Address

Shahrah-e-Faisal It Tower Karachi
Karachi

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Dharti Tv Naudero posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share