HAQ SUCH News

HAQ SUCH News Daily Haq sach News Hyderabad
```پوري سنڌ مان روزاني حق سچ فرسٽ کي رپورٽر گهربل آھين```
Haq Sach first News web TV CHANNEL
روزاني حق سچ اخبار حيدرآباد

haq sach with sindh

°|| روزاني حق سچ فرسٽ اخبار حيدرآباد|| °16 جون 2025 سومر  19 ذوالحج 1446ھ» Daily Haq Sach June 16Monday «           #اخب...
16/06/2025

°|| روزاني حق سچ فرسٽ اخبار حيدرآباد|| °
16 جون 2025 سومر
19 ذوالحج 1446ھ
» Daily Haq Sach June 16Monday «
#اخبار #حيدرآباد #سنڌ
#حقسچ
Digital Newspaper Sindhi
حق سچ 1st نيوز حيدرآباد
RJ Raja Solangi Haq RJ

°|| روزاني حق سچ فرسٽ اخبار حيدرآباد|| °15 جون 2025 آچر  18 ذوالحج 1446ھ» Daily Haq Sach june 15 Sunday «           #اخب...
16/06/2025

°|| روزاني حق سچ فرسٽ اخبار حيدرآباد|| °
15 جون 2025 آچر
18 ذوالحج 1446ھ
» Daily Haq Sach june 15 Sunday «
#اخبار #حيدرآباد #سنڌ
#حقسچ
Digital Newspaper Sindhi
حق سچ 1st نيوز حيدرآباد
RJ Raja Solangi Haq RJ

°|| روزاني حق سچ فرسٽ اخبار حيدرآباد|| °14 جون 2025 ڇنڇر  17 ذوالحج 1446ھ» Daily Haq Sach 14 Saturday «           #اخبار...
14/06/2025

°|| روزاني حق سچ فرسٽ اخبار حيدرآباد|| °
14 جون 2025 ڇنڇر
17 ذوالحج 1446ھ
» Daily Haq Sach 14 Saturday «
#اخبار #حيدرآباد #سنڌ
#حقسچ
Digital Newspaper Sindhi
حق سچ 1st نيوز حيدرآباد
RJ Raja Solangi Haq RJ

خيال جي سرحدن تي حملو / هنيئر جي دور جي حقيقي جنگ( حق سچ فرسٽ نيوز )دنيا خاموش آهي، پر رت وهندڙ آهي. اخبارون هنيئن ته وا...
13/06/2025

خيال جي سرحدن تي حملو / هنيئر جي دور جي حقيقي جنگ

( حق سچ فرسٽ نيوز )

دنيا خاموش آهي، پر رت وهندڙ آهي. اخبارون هنيئن ته واقعن سان ڀريون پيون آهن، پر واقعي جي معنيٰ ڪنهن جو ضمير ٿو پڇي؟ هتي ڳالهه فقط ايران تي حملي جي نه آهي، پر ڳالهه انسان جي عقل، آزادي ۽ شعور تي حملو آهي.

جڏهن علم تي بارود لڳندو آهي، تڏهن سائنسدان نه رڳو شهيد ٿين ٿا، پر نسلون يتيم ٿي پون ٿيون. اسرائيل پاران ايران تي ٿيل تازو حملو – "Operation Rising Lion" / نه فقط ملٽري اسٽريٽجي آهي، پر اها هڪ فڪري جنگ آهي، جيڪا قلم، فلسفي، علم ۽ قوم جي خوديءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ مسلط ڪئي وئي آهي.

اڄ آيت الله خامنه اي جي زبان مان نڪتل جملا صرف سياسي بيانيه نه، بلڪه اميد ۽ مزاحمت جي بيداري آهي. سندس الفاظ صرف ايران لاءِ نه، پر هر اُن ڌرتي لاءِ پيغام آهن، جتي قومون پنهنجي سڃاڻپ، فڪر ۽ آزادي لاءِ وڙهي رهيون آهن.

اقوام متحده، مغرب، ۽ عالمي ادارا خاموش آهن – هيءَ خاموشي فطري ناهي، بلڪه منظم آهي. ڇو ته جڏهن سائنسدان مسلمان هوندا آهن، ته سندن رت، سندن علم، سندن حوصلو، انسانيت جي "بين الاقوامي معيارن" ۾ فٽ نٿو ٿئي.

پر هتي هڪ سوال بچي ٿو / ڇا قومون قلم کان اڳ هٿيار کڻن؟ نه! دانشور جو قلم، شهيد جي رت، ۽ فڪر جي روشني، گڏجي ظلم جي انڌاريءَ کي شڪست ڏيندي.

"حق سچ" جي هن قلم سان اسان اهو پيغام ڏيون ٿا ته:
اڄ جي جنگ، مذهبن جي نه، ملڪن جي نه / پر انسانيت ۽ بربريت جي وچ ۾ آهي.
۽ اتي، هر سچو قلم ڪار، حق جي پاسي تي بيٺو آهي.

°|| روزاني حق سچ فرسٽ اخبار حيدرآباد|| °13 جون 2025 جمعو  16 ذوالحج 1446ھ» Daily Haq Sach 13 Friday «           #اخبار  ...
13/06/2025

°|| روزاني حق سچ فرسٽ اخبار حيدرآباد|| °
13 جون 2025 جمعو
16 ذوالحج 1446ھ
» Daily Haq Sach 13 Friday «
#اخبار #حيدرآباد #سنڌ
#حقسچ
Digital Newspaper Sindhi
حق سچ 1st نيوز حيدرآباد
RJ Raja Solangi Haq RJ

📍ڪوٽڙي جي ٻيڙي مان چوري ٿيل تاريخي مجسمو هٿ / پوليس جي بهادري کي سلام!🎯 ڪوٽڙي جي تاريخي ٻيڙي مان چوري ٿيل قيمتي مجسمو خا...
12/06/2025

📍ڪوٽڙي جي ٻيڙي مان چوري ٿيل تاريخي مجسمو هٿ / پوليس جي بهادري کي سلام!

🎯 ڪوٽڙي جي تاريخي ٻيڙي مان چوري ٿيل قيمتي مجسمو خانپور مان هٿ ڪري ورتو ويو آهي!
🎯 ايس ايڇ او شهزاد قاضي جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس جوان طارق بلوچ ۽ ٽيم جي محنت سان وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو ويو!
🎯 اهڙي ناياب ثقافتي شيءَ جي واپسي سڄي سنڌ لاءِ خوشيءَ جو مقام آهي!

📌 پوليس ڪارروائي تيز، پر چور اڃا تائين فرار! باقي چورن جو الاءِ ڇا ٿيو؟

💬 قوم سوال ڪري رهي آهي / ڇا باقي جوابدار به قانون جي گرفت ۾ ايندا؟

👏 شهزاد قاضي صاحب ۽ ڪوٽڙي پوليس ٽيم کي سلام، جن پنهنجي فرض کي عبادت بڻائي ڏيکاريو.
🛡️ اهڙن آفيسرن تي فخر آهي، جيڪي تاريخ، تهذيب ۽ قانون جو وقار بچائن ٿا.

°|| روزاني حق سچ فرسٽ اخبار حيدرآباد|| °12 جون 2025 خميس  15 ذوالحج 1446ھ» Daily Haq Sach 12 Thursday «           #اخبار...
12/06/2025

°|| روزاني حق سچ فرسٽ اخبار حيدرآباد|| °
12 جون 2025 خميس
15 ذوالحج 1446ھ
» Daily Haq Sach 12 Thursday «
#اخبار #حيدرآباد #سنڌ
#حقسچ
Digital Newspaper Sindhi
حق سچ 1st نيوز حيدرآباد
RJ Raja Solangi Haq RJ

°°06.07.08.09.10.11.12 june 2025°° روزاني حق سچ فرسٽ اخبار حيدرآباد °°°Daily Haq Such first Hyderabad news Sindh        ...
12/06/2025

°°06.07.08.09.10.11.12 june 2025°° روزاني حق سچ فرسٽ اخبار حيدرآباد °°°
Daily Haq Such first Hyderabad news Sindh
#اخبار #حيدرآباد #سنڌ
Digital Newspaper Sindhi
حق سچ 1st نيوز حيدرآباد
rj raja solangi Haq rj

عيدِ غدير: جشنِ ولايت، درسِ ايمان، روحِ عدلتحرير : راجا سولنگي عيدِ غدير، فقط اسلامي تاريخ جو هڪ واقعو نه، بلڪه انقلابي ...
11/06/2025

عيدِ غدير: جشنِ ولايت، درسِ ايمان، روحِ عدل

تحرير : راجا سولنگي

عيدِ غدير، فقط اسلامي تاريخ جو هڪ واقعو نه، بلڪه انقلابي فڪر، ايماني حڪمت، ۽ اجتماعي رهنمائيءَ جو اهو محور آهي، جنهن ۾ نبوت پنهنجي نبوي حيثيت کان اڳتي وڌي، امامت جي ذميواريءَ سان انسانيت کي نئين دور جي دروازي تي آڻي بيهاريو. هي اهو لمحون آهن، جتي حڪمرانن جي چونڊ نه، پر رباني مقرري ٿي. جتي ووٽ نه، پر وحيءَ جو فيصلو ٿيو. نبي پاڪ ﷺ پنهنجي 23 سالن جي جدوجهد، تبليغ، ۽ تربيت کان پوءِ جڏهن حجة الوداع جي موقعي تي قافلي سميت واپس موٽي رهيا هئا، ته غدير خم جي بيابان واري جاءِ تي ناگهاني طور تي قافلي کي بيهاري، هڪ الهامي حڪم جي پيرويءَ ۾ فرمايو: "من كنت مولاه فهذا علي مولاه" ــ جنهن جو مطلب فقط دوستي نه، بلڪه حڪمرانيءَ جي، ولايت جي، ۽ قيادت جي وصيت هئي. غدير جو ڏينهن، فقط سني، شيعا، يا مذهبي فرقن جي بحث نه، بلڪه انهيءَ بنيادي سوال جي حل آهي ته "اسلامي قيادت جو معيار ڇا هجڻ گهرجي؟" ڇا حڪمراني اُنهيءَ کي ملڻ گهرجي، جنهن وٽ فوج هجي؟ دولت هجي؟ طاقت هجي؟ يا اُها قيادت اُن کي سونپي وڃي، جيڪو علم، ايمان، اخلاق، ۽ عدل جو مجسمو هجي؟ عليؑ، جيڪو نه رڳو خاندانِ نبوي جو فرد هجي، پر علم جو در، قرآن جو تفسير، انصاف جو علمبردار، ۽ مظلوم جي مددگار هجي. عيدِ غدير، اُن عهدي جو اعلان آهي، جتي ايمان، قيادت سان جُڙي ٿو، ۽ سياست، عبادت سان هم آهنگ ٿئي ٿي. اڄ، جڏهن دنيا جي مسلمان حڪمرانيءَ لاءِ جمهوري طريقا اختيار ڪري رهيا آهن، ۽ ووٽ ذريعي قيادت چونڊي پيا وڃن، تڏهن غدير جي روشنيءَ ۾ هي سوال اڃا به وڌيڪ اهميت رکي ٿو ته ڇا ووٽ ڏيڻ وقت اسان فقط پارٽي، ذات، برادري، ۽ لالچ جي بنياد تي چونڊ ڪندا رهنداسين؟ يا اسان اهو معيار اپنائينداسين، جيڪو نبي پاڪ ﷺ غدير جي ميدان ۾ مقرر ڪيو؟ ڇا اسان جي موجوده سياسي، سماجي ۽ عدالتي نظامن ۾ عليؑ جي فڪر جو، عليؑ جي ايمانداريءَ جو، ۽ عليؑ جي عدل جو ڪو نشان موجود آهي؟ عليؑ جي فڪر جي تبليغ رڳو ذڪر جي مجلسن يا عاشقن جي نعرن تائين محدود ٿي وئي آهي. پر حقيقي نياپو هي آهي ته عليؑ جو فڪر اسڪولن جي نصاب ۾، عدالتن جي قانون ۾، ميڊيا جي اصولن ۾، سياست جي منشور ۾، ۽ عوام جي روزاني زندگيءَ ۾ موجود هجي. غدير جو اصل پيغام اهو آهي ته مسلمان امت قيادت جي چونڊ وقت نه فقط ظاهر ڏسي، بلڪه باطن، عمل، تاريخ، ۽ علم کي معيار بنائي. اڄ جي دنيا ۾، جتي فرد کي فرد سان وڙهائي، مسلڪ کي مسلڪ سان ٽڪرائي، قومن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو آهي، اُتي غدير جو پيغام وحدت، عدل، ۽ فڪر جي تجديد جو سڏ آهي. غدير جو پيغام اسان کي ياد ڏياريندو آهي ته نبي پاڪ ﷺ جي بعد رڳو عشق سان ڪافي ناهي، ايمان تب مڪمل ٿيندو، جڏهن اُن عشق جي روشنيءَ ۾ قيادت جي تابعداري به ٿيندي. اڄ جي صحافت، جيڪا ڪڏهن طاقتور جي زبان بڻجي وئي آهي، ان لاءِ غدير جو پيغام اھو آهي ته "حق جو ساٿ ڏيو، ظالم جي مخالفت ڪريو، عليؑ جي فڪر کي پنهنجو معيار بڻايو." اڄ جو استاد، جيڪو تعليم کي تجارت بڻائي ويٺو آهي، تنهن لاءِ غدير جو درس آهي ته علم عبادت آهي، نه ته ڪاروبار. اڄ جو سياستدان، جيڪو وعدا ڪري، پر پورا نه ڪري، ان لاءِ غدير هڪ سوال بڻجي بيهي ٿو: "تون عليؑ جو دعويدار آهين، يا معاويه جو وارث؟" اڄ جو جج، جيڪو فيصلا لالچ جي بُنياد تي ڪري ٿو، غدير ان جي انصاف تي ڇنڊو وجهي ٿو. عيدِ غدير، انهن سڀني لاءِ سوال آهي، جيڪي عشقِ عليؑ جا دعويدار ته آهن، پر عمل جي ميزان ۾ بي ننگا بيٺا آهن. ڇا عليؑ لاءِ رڳو روئڻ ڪافي آهي؟ ڇا سندس نالي جي مجلسن ۾ ويهڻ ئي ايمان آهي؟ نه، حقيقت اها آهي ته عليؑ جو نالو وٺڻ، عليؑ جي رستي تي هلڻ کانسواءِ بي معنيٰ آهي. عليؑ، جيڪو يتيم لاءِ روٽي رکي، مسڪين لاءِ پنهنجو حق ڇڏيو، جنگ ۾ به صداقت نه ڇڏي، حاڪم ٿي ڪري به فقر اختيار ڪيو، ۽ قتل ٿيڻ کان اڳ مسجد ۾ معاف ڪري ڇڏيو، ان جو نالو وٺڻ اسان کان عملي محبت، سماجي انصاف، ۽ اخلاقي وفاداري جو تقاضو ڪري ٿو. غدير اسان کي ٻڌائي ٿو ته اسلام فقط نماز، روزو، حج، ۽ زڪوات جو نالو نه آهي، بلڪه معاشي عدل، سياسي شفافيت، سماجي ذميواري، ۽ علمي آزاديءَ جو نالو آهي. اڄ، جڏهن جمهوريت جي نالي تي ڌانڌليون ٿين ٿيون، تعليم کي ماڊرنائزيشن جي نالي تي سرمائيداريءَ جي حوالي ڪيو ويو آهي، قانون اميرن جي خدمتگار بڻجي ويو آهي، ۽ ميڊيا فقط اشتهارن جي غلام بڻجي وئي آهي، تڏهن غدير جو نياپو آهي: "واپس وڃو، اصولن ڏانهن، عليؑ جي فڪر ڏانهن، جتي قيادت عزت نه، پر ذميواري آهي؛ جتي حڪمراني دولت جو وسيلو نه، بلڪه عوام جي خدمت جو نالو آهي." عليؑ، جيڪو تاريخ جي هر مظلوم جي اُميد آهي، جيڪو حق جي هر علم تي روشنيءَ جو مينار آهي، جنهن جو نالو رڳو شيعن نه، بلڪه سني محققن، عيسائي دانشورن، ۽ هندو مفڪرن به عزت سان ورتو، ان جي فڪر کي عالمگير ڪرڻ، غدير جي عيد جو اصل نياپو آهي. غدير فقط شيعن جي خوشي نه، بلڪه انسانيت جي قيادت جي تڪميل آهي. اچو ته عيدِ غدير جي هن مبارڪ موقعي تي فقط خطاب نه ڪريون، فقط نعرن ۾ گم نه ٿي وڃون، فقط مٺايون نه ورهايون، بلڪه هڪ نئون عزم، نئين قسم، نئين روٽ ڏي وٺ ڪريون، ته اسان عليؑ جي نالي سان نه، عليؑ جي فڪر سان هلنداسين. اسان ووٽ اُن کي ڏينداسين، جيڪو صادق آهي، امين آهي، عليؑ جي انداز جو آهي. اسان قلم اُن لاءِ استعمال ڪنداسين، جيڪو مظلومن جي ترجماني ڪري، ظالم جي تذليل ڪري. اسان جي صحافت، تعليم، قانون، سياست، ۽ روحاني رهنمائي جو معيار، فقط عليؑ جي سيرت هوندي. عيدِ غدير، هڪ جشن آهي، پر خاموش جشن نه، عمل جو جشن، عدل جو اعلان، صداقت جو اقرار، ۽ ايمان جي نئين تشريح. اچو ته اِهو عهد ٻيهر ڪيون ته: "جتي عليؑ ناهي، اُتي عدل ناهي، اُتي اسلام نٿو ٿي سگهي"

°|| روزاني حق سچ فرسٽ اخبار حيدرآباد|| °05 جون 2025 اڱارو  08 ذوالحج 1446ھ» Daily Haq Sach 05 Thursday «           #اخبا...
05/06/2025

°|| روزاني حق سچ فرسٽ اخبار حيدرآباد|| °
05 جون 2025 اڱارو
08 ذوالحج 1446ھ
» Daily Haq Sach 05 Thursday «
#اخبار #حيدرآباد #سنڌ
#حقسچ
Digital Newspaper Sindhi
حق سچ 1st نيوز حيدرآباد
RJ Raja Solangi Haq RJ

°|| روزاني حق سچ فرسٽ اخبار حيدرآباد|| °04 جون 2025 اربع  07 ذوالحج 1446ھ» Daily Haq Sach 04 Wednesday «           #اخبا...
04/06/2025

°|| روزاني حق سچ فرسٽ اخبار حيدرآباد|| °
04 جون 2025 اربع
07 ذوالحج 1446ھ
» Daily Haq Sach 04 Wednesday «
#اخبار #حيدرآباد #سنڌ
#حقسچ
Digital Newspaper Sindhi
حق سچ 1st نيوز حيدرآباد
RJ Raja Solangi Haq RJ

°|| روزاني حق سچ فرسٽ اخبار حيدرآباد|| °03 جون 2025 اڱارو  06 ذوالحج 1446ھ» Daily Haq Sach 03 Tuesday «           #اخبار...
02/06/2025

°|| روزاني حق سچ فرسٽ اخبار حيدرآباد|| °
03 جون 2025 اڱارو
06 ذوالحج 1446ھ
» Daily Haq Sach 03 Tuesday «
#اخبار #حيدرآباد #سنڌ
#حقسچ
Digital Newspaper Sindhi
حق سچ 1st نيوز حيدرآباد
RJ Raja Solangi Haq RJ

Address

Kotri Sindh Shah Latif Haq Sach
Karachi
76000

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when HAQ SUCH News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share