21/06/2025
پنوعاقل جي ڳوٺ بلال موچي جي رهواسي محمد پنجل انڍڙ سان ٿيل تذليل جو واقعو اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو . قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خاموشي، متاثر ڌر لاءِ ڳڻتي جو باعث بڻجي وئي آهي، جڏهن ته جوابدار اڃا تائين بي خوف ۽ بي فڪر گھمي رهيا آهن.
پوليس هن اهم ۽ حساس نوعيت جي معاملي ۾ تڪڙو ڪو به قدم نه کڻي سگهي آهي. هن وقت تائين نه ته ڪو جوابدار گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ڪا اثرائتي ڪارروائي عمل ۾ آئي آهي.
محمد پنجل انڍڙ جي وارثن کي، آواز اٿارڻ تي، جوابدارن شهبان بلو، سونارو بلو ۽ سندن ساٿين طرفان ويتر موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن، جنهن سبب متاثر خاندان سخت خوف هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي.
پيرسن محمد پنجل انڍڙ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ ۽ ايس ايس پي سکر اظهر مغل کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته انصاف لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، ۽ جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
واضح رهي ته ڪجھ ڏهاڙا اڳ مذڪوره جوابدارن پاران لعل پير واري علائقي ۾ پيرسن پنجل انڍڙ کي اگهاڙو ڪري، وڻ سان ٻڌي ماڪوڙا بڇائي تذليل جو نشانو بڻائي مٿس سخت تشدد ڪيو ويو هو.