28/01/2026
حڪومت سنڌ اٽو سستو ڪرڻ جو اعلان ته ڪري ڇڏيو، پر عملي صورتحال اڃا به سوال بڻيل
حڪومت سنڌ في ڪلو اٽو 107 روپيا ۽ ڏهه ڪلو ٿيلهي جو اگهه 1070 روپيا مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ حڪم جاري ڪيو ويو آهي ته عملدرآمد نه ڪندڙ دوڪاندارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
پر زميني حقيقت اها آهي ته اڃا تائين چڪي وارن کي سرڪاري ريٽ تي ڪڻڪ فراهم ناهي ڪئي وئي. اگر ڪڻڪ ڏني به آهي ته صرف چنڌ ٻوريون ڏنيون ويون آهن جيستائين چڪين کي سستي ڪڻڪ نه ملندي، تيستائين عوام کي سستو اٽو ملڻ صرف اعلانن تائين محدود رهندو. عوام مطالبو ڪري ٿي ته پهرين چڪي وارن کي گورنمينٽ ريٽ تي ڪڻڪ ڏني وڃي، پوءِ اگهن تي عمل ڪرائجي.