Indus Vision

Indus Vision Information, News, Documentaries, Stories, Programs, Etc

خبردار رهو: فراڊ جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿي ويو، ماڻهن جا واٽس اپ نمبر هيڪ ڪري، ان واٽس اپ نمبرن تان سندن فيملي ميمبرن ۽ و...
14/07/2026

خبردار رهو: فراڊ جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿي ويو، ماڻهن جا واٽس اپ نمبر هيڪ ڪري، ان واٽس اپ نمبرن تان سندن فيملي ميمبرن ۽ واسطيدارن کان اڌارا پئسا گهريا پيا وڃن، جيڪڏهن اوهان وٽ اهڙي قسم جو ميسيج اچي ته پئسا نه موڪلجو، ان نمبر تي ڪال ڪري تصديق ڪري اهڙي فراڊ کان بچندا...
هي پيغام وڌ کان وڌ شيئر ڪندا...

ڪراچي: پ پ ورڪر مينا سولنگي ميڊيا جي نمائندن کي بيان ڏيندي چيو آهي تہ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ بابت مختلف من گهڙت ا...
13/07/2026

ڪراچي: پ پ ورڪر مينا سولنگي ميڊيا جي نمائندن کي بيان ڏيندي چيو آهي تہ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ بابت مختلف من گهڙت افواهون هلي رهيون پر سيد ناصر حسين شاھ جي طبيعت ۾ سڌارو آيو آهي ۽ جلد وطن واپس اچي رهيو آهي.

08/07/2026

ذريعن موجب ڪينجهر پوليس جي حد علي بحر ۾ سي آئي اي پوليس ۽ ڪينجهر پوليس جي چڙهائي، رشيد سومرو کي منشيات جي الزام ۾ گرفتار ڪرڻ تي پوليس ۽ ڳوٺاڻن جي هاٿاپائي ٿيئڻ بعد پوليس جي هوائي فائرنگ.

ٺٽو - حيدرآباد نيشنل هاءِ وي تي ڪينجهر ۽ علي بحر کان سونڊا تائين روڊ جي ٻنهي پاسن کان وڏي تعداد ۾ جهنگلي وڻ وڌي ويا، روڊ...
18/06/2026

ٺٽو - حيدرآباد نيشنل هاءِ وي تي ڪينجهر ۽ علي بحر کان سونڊا تائين روڊ جي ٻنهي پاسن کان وڏي تعداد ۾ جهنگلي وڻ وڌي ويا، روڊ سوڙهو ۽ تنگ ٿيئڻ ڪري ٽرئفڪ ۽ ايندڙ ويندڙ مسافر لاءِ هر وقت خطرو موجود. روڊ تان گذرندڙ ٽرئفڪ کي ڪافي مشڪلات درپيش اچي رهي آهي، جنهن ڪري هر وقت حادثا پيش اچڻ جو انديشو موجود آهي.
سڄاڻ ڌرين لاڳاپيل ادارن، خاص طور نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (NHA) ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي تہ فوري طور روڊ جي ٻنهي پاسن کان جهنگ ختم ڪرائي روڊ جي صفائي ڪرائي روڊ کي محفوظ بڻايو وڃي.

ٺٽو: ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي گجو شهر آمد، شهرين سان ملاقت، شهرين جا مسئلا ٻڌي حل ڪرائڻ جي خاطري.
18/06/2026

ٺٽو: ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي گجو شهر آمد، شهرين سان ملاقت، شهرين جا مسئلا ٻڌي حل ڪرائڻ جي خاطري.

17/06/2026

ٺٽو: گهارو شهر جي خانيا محلي جي رهواسي ايوب خانيو عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ صحافين آڏو دانهيندي الزام هنيو آهي تہ ديھ گهارو سروي ۾ منهنجي 30 سالا ليز واري زمين قمر مغل جعلي رڪارڊ تيار ڪري، قبضا مافيا سان لاڳاپيل بلڊر عالم شير هديو کي وڪرو ڪيو آهي.

متاثر وڌيڪ الزام هنيو تہ مذڪوره بلڊر کي جعلي کاتو قمر مغل نالي شخص تيار ڪري ڏنو آهي، جيڪو گهارو ۾ سياسي ڪائونسلر طور سڃاتو وڃي ٿو. هن دعويٰ ڪئي تہ جعلي کاتي ۽ رڪارڊ جي بنياد تي سندس زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

ايوب خانيو چيو آهي تہ عالم شير هديو مبينا طور پنهنجي اثر رسوخ ۽ طاقت جي زور تي زمين تي اڏاوتون ڪرائي پلاٽنگ جو ڪم جاري رکيو ويٺو آهي، جڏهن تہ زمين جا اصل ۽ قانوني دستاويز وٽس موجود آهن.

هن ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو، اينٽي ڪرپشن ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي تہ معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي جعلي رڪارڊ ۽ کاتي جي تياري ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، زمين تي ٿيندڙ غيرقانوني اڏاوتون روڪيون وڃن ۽ کيس سندس زمين جو قبضو واپس ڏياري ساڻس انصاف ڪيو وڃي.

کورواھ ڀرسان چاچي امير خاصخيلي 18 ورھين جي ڀائٽي آمنہ خاصخيلي کي مبينہ ڪارنھن الزام هيٺ ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، ...
17/06/2026

کورواھ ڀرسان چاچي امير خاصخيلي 18 ورھين جي ڀائٽي آمنہ خاصخيلي کي مبينہ ڪارنھن الزام هيٺ ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، 2 وڌيڪ عورتون مرڻينگ.

Address

Karachi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Indus Vision posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category