The Shikarpur

The Shikarpur Social Media Network

01/10/2025

ماسترن کي صبح جو اسڪول ۾ ٻار پڙھائڻ حرام ٿو لڳي ۽ شام جو ٽيوشن پڙهائڻ حلال سمجھن ٿا

شڪارپور پوليس لائين ۾ ئي رھندڙ اوباشن پاران پوليس اهلڪارن جي نياڻين ۽ ڇوڪرن کي تنگ ڪرڻ جو انڪشاف ...............پوليس ھي...
24/09/2025

شڪارپور پوليس لائين ۾ ئي رھندڙ اوباشن پاران پوليس اهلڪارن جي نياڻين ۽ ڇوڪرن کي تنگ ڪرڻ جو انڪشاف ...............
پوليس ھيڊ ڪانسٽيبل لعل بخش سرڪي جي 16 سالن جي معصوم پٽ عامر سرڪي کي اڳوڻي ايس ايڇ او ھدايت الله نندواڻي جي پٽ طرفان ياري رکڻ لاء حراسان ڪرڻ ۽ والد سامھون اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ جو معاملو ظاھر.............
ھيڊ ڪانسٽيبل طرفان نيو فوجداري ٿاڻي تي ٻن اوباش جوابدارن عرفان ولد ھدايت الله نندواڻي ۽ عبيدالله ولد گل حسن سنجراڻي خلاف پٽ کي تنگ ڪرڻ ۽ سندس سامھون زبردستي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي..................... پوليس گذريل رات دير سان ھدايت الله نندواڻي جي پٽ سميت ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ، پر پوليس ٻنهي جوابدارن جي گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي
ھوڏانھن فريادي ھيڊڪانسٽيبل لعل بخش سرڪي پنھنجي فرياد ۾ ڄاڻايو آهي ته
اڳوڻي ايس ايڇ او ھدايت الله نندواڻي جو پٽ عرفان ۽ عبيدالله سنجراڻي پوليس ھيڊ ڪوارٽر ۾ رھندا آھن، جيڪي منھنجي معصوم پٽ عامر کي تنگ ڪندا رھيا ۽ گذريل ڌينھن مان پنھنجي پٽ سان گڏ پوليس ھيڊ ڪوارٽر کان ٻاھر ڪنھن ڪم سانگي وياسين ته رستي ۾ موٽرسائيڪل سوار اڳوڻي ايس ايڇ او ھدايت الله نندواڻي جو پٽ عرفان نندواڻي ۽ سندس ٻن ساٿين عبيدالله سنجراڻي ۽ ھڪ نامعلوم رستغتي اڳ ڏئي منھنجي پٽ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ، فريادي ھيڊڪانسٽيبل لعل بخش سرڪي وڌيڪ چيو ته اسان پوليس جا ٻچا غير محفوظ آھن، پوليس ھيڊ ڪوارٽر ۾ اوباش نوجوانن طرفان نياڻين توڙي ڇوڪرن کي تنگ ڪيو پيو وڃي..................ھن ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ جي اپيل ڪئي ته ھن معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي اولادِ ٻچڙن کي تحفظ ڏي ۽ خوف وارو ماحول ختم ڪري........!

21/09/2025

ڀيو معرفاڻي ٺاھ

سردار جي گاڏي مٿان فائرنگ جو 50 لک روپيا ڏنڊ ۽ عام انسان جي خون بها 25 لک روپيا مقرر.

صحافي دوستن جي گڏيل جدوجهد سان ڪامريڊ احسان جيھو آزاد✌
13/09/2025

صحافي دوستن جي گڏيل جدوجهد سان ڪامريڊ احسان جيھو آزاد✌

13/09/2025

شڪارپور/سوشل ميڊيا تي ڪرائم جون خبرون رپورٽ ڪرڻ تان ايس ايس پي شڪارپور پاران صحافي احسان جيهو کي سلطان ڪوٽ پوليس هٿان گرفتار ڪرائي لاپتا ڪري ڇڏيو آهي.,ذريعا

13/09/2025

هر ماڻھو سان ٿيندڙ ناجائزي تي صحافي احسان جيهو اٽل بيٺو رهيو اڄ مٿس ڏکيو وقت آهي پوليس ساڻس ڏوهارين وارو ورتاءُ پئي ڪري...
شيم شيم سنڌ پوليس...

13/09/2025

احسان جيھو ڪو ڏوھاري ناھي
ھن جي گرفتاري جي مذمت ڪجي ٿي
پوليس پنهنجو قبلو درست ڪري...

شڪارپور جو صحافي ۽ ايس ٽي پي جو ضلعي اڳواڻ ڪامريڊ احسان جيھو ابڙو ٻٽ ٻڌل ماڻھن ھٿان مبينا طور کنڀجي ويو... ذريعن مطابق ڪ...
13/09/2025

شڪارپور جو صحافي ۽ ايس ٽي پي جو ضلعي اڳواڻ ڪامريڊ احسان جيھو ابڙو ٻٽ ٻڌل ماڻھن ھٿان مبينا طور کنڀجي ويو...

ذريعن مطابق ڪامريڊ احسان جيھي ابڙي کي بنا پليٽ نمبر جي پوليس موبائل ۾ سوار ڇھ ڄڻن ٽرڪ اڏي ڀرسان ھڪ ھوٽل تان کنڀي سلطانڪوٽ واري سائيڊ روانا ٿي ويا..

ذريعن کان اھيو بہ معلوم ٿيو آھي تہ احسان جيھي ابڙي پاران پوليس خلاف ھڪ پوسٽ رکڻ کانپوء مٿس ٽن ايف آء آر داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو ھو، کيس کنڀڻ بعد ممڪن آھي تہ اھي ڪيس مٿس داخل ڪيا ويا ھجن يا جيستائين مٿس ڪيس داخل ٿين کيس ڳجھي ھنڌ رکيو وڃي.

پر پوليس جو اھيو عمل آمريت وارو عمل آھي، جنھن سبب پوليس تي تنقيد به ٿئي ٿي، سنڌ جي وڏي وزير کي گھرجي ته معاملي جو نوٽيس وٺي صحافي احسان جيھي ابڙي کي فوري طور باحفاظت بازياب ڪرائي....

13/09/2025

صحافي ڪامريڊ احسان جيھو کي پوليس اھلڪار باء پاس وٽان کنڀي کڻي ويا شڪارپور پوليس جي ڪريل حرڪت جي مذمت ڪيون ٿا

08/09/2025

نياڻي کي بليڪ ميل ڪندڙ ڪلارڪ طارق ڦلپوٽو هاڻي سياسي ڪارڪن واجد شيخ کي ڌمڪيون پيو ڏي ته فيس بڪ تان پوسٽ هٽائي نه ته توکي مان ڏسي رهندس…!
پوليس هن سوئر کي جلد پٽو وجهي

08/09/2025

ميڊم پارس بکراڻي ۽ ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ شيخ اياز يونيورسٽي واري اسڪينڊل تي ايڏي بيوسي ڇو ٿا ڏيکارين؟؟ شايد طارق ڦلپوٽو امتياز شيخ ۽ پ پ پ جو ماڻھو آ تڏهن؟

شڪارپور مان چونڊيل نمائيندا الاهي ڪٿي گم آھن، ڪالهه کان وٺي شيخ اياز يونيورسٽي ۾ نياڻي کي بليڪ ميل ڪري کيس حراسان ڪرڻ وا...
08/09/2025

شڪارپور مان چونڊيل نمائيندا الاهي ڪٿي گم آھن، ڪالهه کان وٺي شيخ اياز يونيورسٽي ۾ نياڻي کي بليڪ ميل ڪري کيس حراسان ڪرڻ وارو معاملي هلي پيو پر هي سياستدان انڌا، گونگا ۽ ٻوڙا بڻيل آھن…….!

محترم شھريار خان مهر صاحب ايم اين اي ۽ محترم امتياز احمد شيخ صاحب توهان شهر جي ووٽن سان اسيمبلي جا ميمبر ٿيا آھيو ڇا توهان تي اها ذميواري ناهي جو شھر جي شريف نياڻي کي بليڪ ميل ڪندڙ وحشي ڪتي طارق ڦلپوٽو لاءِ ڪو نوٽيس وٺو….؟؟

مير بابل خان ڀيو صاحب اوهان کي به ڪو نوٽيس وٺڻ گهرجي، سمورو شھر پريشان آھي پر اوهان جي ڪن تي جونءَ ئي نه ٿي چري آخر ڇو…؟

Address

Karachi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when The Shikarpur posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share