14/07/2026
سنڌ جي ڌرتي تي هندو برادريءَ سان آخر هي ناانصافي ڪڏهن ختم ٿيندي؟
(ســنــيــل ٺــاڪُــريــا ســنــڌ جــي راڄــڌانــي ڪــراچي)
ڪراچي جي مصروف علائقي ٽين تلوار تي بينڪ مان رقم ڪڍي نڪرندڙ نوجوان ڊاڪٽر آڪاش ڪمار، پٽ سيٺ سيرومل کي ڏينهن ڏٺي جو ڦر دوران بي رحمي سان قتل ڪيو ويو. هي واقعو صرف هڪ خاندان جو نه، پر پاڪستان جي سموري هندو برادري جي دل تي لڳل هڪ گهرو زخم آهي.
اسان هن دردناڪ قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ حڪومت، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انصاف فراهم ڪندڙ سڀني اختيارين کان مطالبو ڪريون ٿا ته قاتلن کي بنا ڪنهن دير جي گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.
افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته پاڪستان جي هندو برادري ڪيترن ئي سالن کان عدم تحفظ، اغوا، ڀتي خوري، ڦرن، جبري مذهب مٽائڻ، نياڻين جي اغوا ۽ هاڻي سرعام قتل جهڙن ڏکوئيندڙ واقعن کي منهن ڏئي رهي آهي. هر اهڙي واقعي کان پوءِ رڳو بيان، واعدا ۽ مذمتون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون، پر عملي انصاف اڃا تائين نظر نٿو اچي.
هندو به هن ملڪ جا برابر جا شهري آهن. اسان جا وڏا هن ڌرتيءَ سان وفادار رهيا آهن، اسان جا ڊاڪٽر، استاد، واپاري، انجنيئر، وڪيل ۽ نوجوان پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پوءِ به جيڪڏهن اسان جا ماڻهو بينڪ مان پئسا ڪڍي محفوظ نموني گهر به نه پهچي سگهن، ته پوءِ اقليتن جي تحفظ بابت ڪيل دعوائن جي ڪهڙي حيثيت رهجي وڃي ٿي؟
ڊاڪٽر آڪاش ڪمار جو قتل صرف هڪ انسان جو قتل نه آهي، پر اهو احساسِ تحفظ، قانون جي بالادستي ۽ اقليتن جي اعتماد تي حملو آهي. جيڪڏهن اڄ به ڏوهارين کي قانون جي گرفت ۾ نه آندو ويو ته اهڙا واقعا ٻيهر ورجبا، ۽ ماڻهن جو انصاف تي اعتماد وڌيڪ ڪمزور ٿيندو.
اسان حڪومت پاڪستان، سنڌ حڪومت، پوليس جي اعليٰ اختيارين ۽ انساني حقن جي ادارن کان پرزور اپيل ڪريون ٿا ته:
ڊاڪٽر آڪاش ڪمار جي قاتلن کي فوري گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.
هندو برادري سميت سڀني اقليتن جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ لاءِ مؤثر ۽ عملي قدم کنيا وڃن.
بينڪن ۽ حساس علائقن جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي.
اقليتن خلاف ٿيندڙ ڏوهن تي "زيرو ٽالرنس" واري پاليسي اختيار ڪئي وڃي.
اسان ڊاڪٽر آڪاش ڪمار جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا ۽ پرماتما کان پراٿنا (دعا) ٿا گهرون ته سرڳواسي جي آتما کي شانتي ڏي ۽ سوڳوار خاندان کي هي اڻپورو صدمو برداشت ڪرڻ جي سگهه ڏي.
اوم شانتي.
هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اقليتن کي صرف لفظن ۾ نه، پر عملي طور تحفظ، انصاف ۽ برابري جا حق ڏنا وڃن. خاموشي وڌيڪ جانين جي نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي. انصاف ئي امن جي ضمانت آهي.
Ssd Das Rohit Lund Ssd Dham Sahib Kpm MrBeast Vikash Goyal