22/02/2026
روزو ڇا آهي؟
بدن بخار ۾ سڙندو رهيو، ڪمري جي هوا به ڪنهن اڻڄاتل اداسي سان ڀريل هئي. منهنجي سامهون هڪ ننڍو ٻار بيٺو هيو؛ اکين ۾ معصوميت، چهري تي سوالن جا پاڇا؛ هن جي ڪپڙن تي پراڻن ٽانڪن جا نشان هيا، ڄڻ غربت پنهنجي صحيح هن جي جسم تي لکي ڇڏي هجي.
مون کيس پڇيو:
"تون روزو رکين ٿو؟"
هو ڪجهه گهڙيون ماٺ رهيو، پوءِ آهستي سان چيائين:
"روزو ڇا آهي؟"
هن جي سوال منهنجي اندر کي جهوري ڇڏيو. مون سوچيو، ڪيئن ٻڌايان هن کي ته روزو ڇا آهي؟ ڇا اهو صرف بک ۽ اُڃ جو نالو آهي؟ يا صبر ۽ احساس جو امتحان؟
مون کيس چيو:
"روزو اهو هوندو آهي، جڏهن ماڻهو سڄو ڏينهن بکيو ۽ اڃيو رهي، الله جي لاءِ."
هو ٿورو مرڪيو، پر ان مرڪ ۾ خوشي نه هئي، صرف عادت هئي. چيائين:
"پوءِ ته مان روز روز روزو رکندو آهيان."
هن جا لفظ منهنجي دل تي چاقو وانگر چيرڻ لڳا. هن لاءِ روزو عبادت نه هيو، مجبوري هئي. هن لاءِ بک ڪا چونڊ نه هئي، پر قسمت هئي.
هن جا ڪپڙا ڦاٽل هيا، پير اگهاڙا هيا، ۽ پيٽ شايد ڪالهه کان خالي هيو. هن جي گهر ۾ افطار جو انتظار نه ٿيندو هيو، ڇو ته افطار لاءِ ڪجهه هوندو ئي نه هيو.
اهڙي ملڪ ۾، جتي حڪمرانن جا دسترخوان نعمتن سان ڀرپور هجن، اتي هن جهڙا ٻار بک کي عبادت سمجهي جيئندا آهن. حڪومت وڏا وڏا واعدا ڪري ٿي؛ غربت ختم ڪرڻ جا، ٻارن کي تعليم ڏيڻ جا، بک کي ختم ڪرڻ جا؛ پر انهن واعدن جي حقيقت هن ٻار جي ڦاٽل قميص وانگر آهي: صرف ڏيک لاءِ، پر اندر خالي.
هي ٻار ڪنهن تقرير جو حصو نه آهي، ڪنهن پاليسي جو انگ نه آهي. هي هڪ جيئرو سوال آهي، جيڪو هر روز حڪمرانن کان پڇي ٿو:
"ڇا منهنجو روزو ڪڏهن ختم ٿيندو؟"
پر جواب اڃا تائين نه آيو آهي.
۽ شايد، سڀ کان وڏو ظلم اهو آهي ته هن کي اڃا تائين خبر ئي ناهي ته روزو ڇا آهي؟
ڇو ته هن جي سڄي زندگي ئي روزو بڻجي چڪي آهي.
゚viralシalシ