Arbab Arijo

Arbab Arijo The best thing about me is you.

14/10/2025

سنڌ ايمپلائيز الائنس ڪاميٽي جي آسري 21 آڪٽوبر تي اعلانيل ڪراچي احتجاج ملتوي ڪري ڇڏيو

12/10/2025

انٽري ٽيسٽ جو حال احوال شاگردن جي زباني

12/10/2025

11/10/2025

11/10/2025

پگهارون وڌائڻ لاءِ چئو ٿا پر ايترا پئسا ڪمائي ڇا ڪندا
اڪبر بادشاھ ۽ ٻيا بادشاھ خالي ھٿ آيا، خالي ھٿ ھليا ويا
سنڌ حڪومت جو سرڪاري ملازمن کي جواب
😂😆😆🤣

10/10/2025

ڪابينا جي فيصلي جي روشني ۾ پينشن ريفارمز جو 31 جولائي 2025 وارو نوٽيفڪيشن عارضي طور معطل، نوٽيفڪيشن جاري

سرڪاري ملازمن جي لائيف لائين50% DRA
10/10/2025

سرڪاري ملازمن جي لائيف لائين
50% DRA

09/10/2025

اصل معاملو DRA آهي جنهن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ٿي رهيا آهن. پينشن تہ ھٿ ٺوڪيو معاملو آهي، اڄ نہ سڀاڻي حل ٿي ويندو. تحريڪ جو بنياد ئي DRA آهي، جيڪڏهن اھو 21 آڪٽوبر تائين منظور نہ ٿيو تہ 21 آڪٽوبر تي ھر صورت ۾ بلاول هائوس اڳيان اعلانيل احتجاجي ڌرڻو لڳائڻ گهرجي

باخبر ذريعن موجب ان ڳالھ تي پس پردہ ڪم ھلندڙ آهي تہ ڪنهن نہ ڪنھن طرح سان پينشن رليف جو نوٽيفڪيشن ڪڍرائي 21 آڪٽوبر وارو احتجاج ملتوي ڪري نئين تاريخ جو اعلان ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ 22 ڊسمبر جي تاريخ غور ھيٺ آهي.

ڪاميٽي وٽ فقط سفارشون ڏيڻ جو اختيار آهي، ٽائيم جي ڪا حد ناهي، ھاڻوڪو ڪاميٽي اجلاس ان سلسلي جي ڪڙي آهي. اھڙا اجلاس ٿيندا رھندا چاھي ڪيترو به وقت لڳي، ساڳي طرح جيئن 2021 ۾ جوڙيل ڪاميٽي جو اڄ تائين نتيجو ناهي اچي سگهيو

ھاڻي ڪاميٽي واري راند ھلندي رھندي
حتمي فيصلو وري به ڪابينا کي ڪرڻو آهي جتي DRA معاملي تي ڪنهن به قسم جو بحث مباحثو نہ ٿيو آهي

اسان سنڌ ايمپلائيز الائينس سان گڏ آهيون پر سنڌ جا سرڪاري ملازم فقط پينشن معاملو حل ٿيڻ تي 21 آڪٽوبر وارو احتجاج ملتوي ڪرڻ نہ ڏيندا. ارباب آريجو

08/10/2025

آل سنڌ ايمپلائيز الائينس پاران پراسرار خاموشي سمجھ کان ٻاھر آهي.

نہ ڪوئي مسئلو حل ٿيو، نه ڪوئي مطالبو پورو ٿيو

مطالبا پورا نہ ٿيڻ جي صورت ۾ 21 آڪٽوبر تي بلاول ھائوس اڳيان احتجاج جو اعلان ٿيل آهي، ان حوالي سان ڪٿي به ڪا سرگرمي نظر نٿي اچي

سوشل ميڊيا تي 21 آڪٽوبر لاءِ پوسٽر بينر نظر نٿا اچن.

ڪاميٽي جي نالي تي ھڪ ڌڪ ۾ سڀ ڪجھ ختم ٿي ويو... تاريخي تحريڪ منجهان بيدردي سان ھوا ڪڍي وئي، ھاڻي ڪوئي مالڪي ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي

ايمپلائيز الائينس پاران ھر قسم جا بيان اچڻ بند ٿي ويا آهن!! حڪومت تي تنقيد اچانڪ بند ٿي چڪي آھي

اسان سنڌ ايمپلائيز الائينس سان گڏ آھيون پر ان طرح جي خاموشي سرڪاري ملازمن ۾ بيچيني پکيڙي رھي آھي

سنڌ ايمپلائيز الائينس جي قيادت کي گذارش ٿي ڪجي تہ پنهنجو موقف واضع ڪريو، 21 آڪٽوبر تي احتجاج ڪرڻو به آهي يا نه؟ ارباب آريجو

07/10/2025

سرڪاري ملازمن جي تاريخي جدوجهد جو دردناڪ انجام! ڪجھ ھٿ نہ آيو، مستقبل جا فيصلا ڪاميٽي حوالي، ملازم صدمي ۾

06/10/2025

سرڪاري ملازمن جو معاملو ڪاميٽي حوالي

06/10/2025

سنڌ ڪابينا جو اھم اجلاس سرڪاري ملازمن پاران مطالبا نہ مڃڻ جي صورت ۾ سڀاڻي کان لاڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو

Address

Karachi

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Arbab Arijo posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share