Indus Edge News

Indus Edge News Welcome to Indus Edge News – Your Trusted Source for News.

We deliver accurate, unbiased, and timely coverage of national, international, regional, business, sports, entertain

18/09/2026

Arsalan Alee Featuring Akhtiar Ali Magsi

14/08/2026

ڪتاب جو اڀياس........ Book Review
اچو ته پاڻ هلون ٿا ان ڪتاب طرف، جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن اديبن، ليکڪن ۽ شاعرن جا مضمون شامل آهن. ڪتاب جو نالو آهي... "فقير غلام حيدر گجر، فن ۽ شخصيت"
سھيڙ : محترمه شائسته آرزو گجر.
ڪتاب جو اڀياس: رزاق سهتو
پيشڪش: ارسلان علي -
صرف ۽ صرف انڊس ايج نيوز تي.
For book review contact
Arslan Ali #03158299367

03/08/2026

ادبي آئينو: حصو ٻيو
مھمان: رزاق سھتو
ميزبان: ارسلان علي
انڊس ايج نيوز جي پيج ۽ يو ٽيوب تي ڏسڻ نه وساريندا ڪھاڻيڪار, ناول نگار, ڊرامه ليکڪ رزاق سھتي جون کريون ۽ سچيون ڳالھيون:
: سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز ۽ شاخن بابت اھم ڳالھيون ۽ تجويزون۔
:پاڻ ڊرامي لکڻ جي شروعات ڪٿان ڪيائون۔ کيس ڊرامي لکڻ لاء ڪنھن ھمٿايو۔
:پاڻ تخليق ڪيل ناولن ۽ ڪھاڻين جي ڪردارن بابت ويچار ونڊن ٿا۔
: سماج ۾ ادم برداشت بابت ٻڌائن ٿا ۽ آخر ۾ سندس جديد ڪھاڻي ضرور ٻڌندا۔

31/07/2026

ڪتاب جو اڀياس .......................Book Review
ڪتاب : سوچن ۽ روين جو ڊجيٽل الٽراسائونڊ
ليکڪ : زرار پيرزادو
تبصرو : ارسلان علي
ڊاريڪٽر: رزاق سھتو
پيشڪش : انڊس ايج نيوز

ھڪ نئون قدم منزل ۽ مقصد طرف ھفتيوار پروگرام ھر خميس تي شام جو 6 بجه 📚☕ AUTHORS & READERS CAFEسنڌي ادب، ڪتابن ۽ علم سان م...
31/07/2026

ھڪ نئون قدم منزل ۽ مقصد طرف
ھفتيوار پروگرام ھر خميس تي شام جو 6 بجه

📚☕ AUTHORS & READERS CAFE

سنڌي ادب، ڪتابن ۽ علم سان محبت ڪندڙن لاءِ هفتيوار ادبي ويهڪ

Authors & Readers Cafe هر خميس تي منعقد ٿيندو، جتي ليکڪ، شاعر، محقق، ڪتابن جا شوقين ۽ ادب دوست گڏجي علم، ادب ۽ فڪر تي ويچار ونڊيندا.

هن ويهڪ ۾:
📖 ڪتابن تي تبصرا ۽ جائزا
✍️ ليکڪن سان روبرو ملاقات
🎙️ ادبي، سماجي ۽ ثقافتي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ
🌱 نون ليکڪن ۽ پڙهندڙن جي همٿ افزائي
🤝 ادب سان محبت ڪندڙن لاءِ هڪ گڏيل پليٽفارم

جيڪڏهن اوهان ڪتابن، ادب ۽ علم سان دلچسپي رکو ٿا، ته هر خميس اسان سان ضرور شامل ٿيو.
اسان جي حوصلا افزائي لاء اسان جي فيسبوڪ پيج کي فالو ڪيو.

Presented by: Indus Edge News

ڪتاب جو اڀياس .......................Book Reviewڪتاب : سوچن ۽ روين جو ڊجيٽل الٽراسائونڊليکڪ : زرار پيرزادو تبصرو : ارسلا...
31/07/2026

ڪتاب جو اڀياس .......................Book Review
ڪتاب : سوچن ۽ روين جو ڊجيٽل الٽراسائونڊ
ليکڪ : زرار پيرزادو
تبصرو : ارسلان علي
ڊاريڪٽر: رزاق سھتو
پيشڪش : انڊس ايج نيوز
ھر جمعي تي شام جو 6 بجه ھي ڪتابن جو اڀياس پيش ڪيو ويندو صرف انڊس ايج نيوز تي..

27/07/2026

حصو پهريون : Part 01
انڊس ايج نيوز پيج تي ادبي سلسلي"ادبي آئينو” ۾ سائين بيدل مسرور سان نھايت سھڻي يادگار ادبي ڪچھري ٿي۔
سائين بيدل مسرور نه رڳو ليکڪ آھن۔ پر سنڌي ادب جي تاريخ آھن۔ جنهن جي اپٽار سائين جن پنهنجي ڪچھري ۾ ڪئي۔ شيخ اياز جي شاعري تي تنقيد ڇو ناهي ٿي سگهي۔ شيخ اياز تي هيل تائين رڳو شخصي تنقيد ٿي آھي۔ سائين بيدل مسرور اھڙا ويچار ونڊيا۔
ادبي ڪچھري جي شروعات عبدالڪريم گدائي کي ياد ڪندي ٿي۔ پاڻ پنهنجي ھمعصر شاعرن شيخ اياز, استاد بخاري, نياز ھمايوني, امداد حسيني, شمشيرالحيدري, تاج بلوچ, قمر شھباز, ويندي حسن درس کي ياد ڪيو آهي۔ اهو ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه توهان ادبي ڪچھري ۾ ٻڌي سگهندا۔ ھي رڳو ادبي ڪچهري ناهي پر سندس همعصرن شاعرن جي زندگي جون تکيو مٺيون ڳالهيون پڻ ساريون ويون آھن۔




دوستو ڪجھ ٽيڪنيڪل سبب جي ڪري ھي پوڊ ڪاسٽ ٻيھر اپلوڊ ڪيو ويندو.
27/07/2026

دوستو ڪجھ ٽيڪنيڪل سبب جي ڪري ھي پوڊ ڪاسٽ ٻيھر اپلوڊ ڪيو ويندو.

تمام جلد اچي رھيو آهي .................Coming Soon     انڊس ايج نيوز پيج تي ادبي سلسلي"ادبي آئينو” ۾ سائين بيدل مسرور سا...
22/07/2026

تمام جلد اچي رھيو آهي .................Coming Soon
انڊس ايج نيوز پيج تي ادبي سلسلي"ادبي آئينو” ۾ سائين بيدل مسرور سان نھايت سھڻي يادگار ادبي ڪچھري ٿي۔ سائين بيدل مسرور نه رڳو ليکڪ آھن۔ پر سنڌي ادب جي تاريخ آھن۔ جنهن جي اپٽار سائين جن پنهنجي ڪچھري ۾ ڪئي۔ عبدالڪريم گدائي سان ڳالھ ٻولھ جي شروعاٿ ٿي۔ سائين بيدل مسرور پنهنجي ھمعصر شاعرن شيخ اياز, استاد بخاري, نياز ھمايوني, امداد حسيني, شمشيرالحيدري, تاج بلوچ, قمر شھباز,حسن درس ۽ ٻين کي ياد ڪيو۔ ان سان گڏوگڏ پاڻ ھلندڙ دور جي شاعرن نثار منصور, روبينا ابڙو, شبانا عالماڻي, فواد ڪلوڙ, ايازگل, احساس ميرل, ادل سومرو ۽ ٻين جي شاعري ٻڌائي۔ جڏھن ته ادب ۾ تنقيد جي اھميت, تنقيد جي سھپ, شيخ اياز بابت ڳجهين ڳالھين, سادگي ۽ ساڻس شيخ اياز جي محبت جو ذڪر ڪيو۔ تنقيد جي حوالي سان نقاد جاويد پنهور کي خوب ساراھيو۔ ادبي ڪچھري جي آخر ۾ سائين بيدل مسرور پنهنجي ڪهاڻي ھمسفر/ھمعصر ٻڌائي اوهان کي وڌيڪ گهڻو ڪجهه ادب جي حوالي سان سندس ادبي پوڊ ڪاسٽ ۾ ملندو۔

21/07/2026

Book Review ڪتاب جو اڀياس
ڪتاب: ناول"مٽيء جو ڀڻڪو" ناول نگار : علي صفدر
ساٿيو ھر ناول رڳو ڪھاڻي نه ھوندو آھي۔ پر زندگيء جو آئينو هوندو آھي۔اچو ته لفظن جي دنيا ۾ لھون ۽ ھن ناول جا لڪيل احساس گڏجي ڳوليون۔ ھي رڳو ناول جو اڀياس ناهي پر ھڪ ادبي سفر جي ڪهاڻي آھي۔ ڪتابن سان محبت سوچ سان لاڳاپو, ادب سان عشق جو مظھر ھوندو آھي۔
ناول جو اڀياس۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ رزاق سھتو
پيشڪش۔۔۔۔۔۔۔۔.۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ارسلان علي
انڊس ايج نيوز پيج ۽ يوٽيوب

Address

Gulzar-e/Hijri, Karachi
Karachi
75330

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Indus Edge News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share