Sindh United Students Federation

Sindh United Students Federation Sindh United Students Federation; (SUSF) Students Front of Sindh United Party.

26/08/2025

افسوس جو اظهار

سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊرشين مرڪز پاران
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي نائب صدر امير آزاد پنهور, سياف مرڪزي جنرل سيڪٽريٽري زبير حسن پنھور سان ڀيڻ جي وفات تي گھري ڏک جو ۽ تعزيت جو اظهار ڪجي ٿو,.
الله پاڪ گھر ڀاتين کي صبر جميل جي توفيق عطا فرمائي ۽ ادي کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي آمين

اسرار ساھڙ
انفارميشن سيڪريٽري
سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊرشين, سياف, مرڪز

سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي جي شاگردن جي لڳل فيسن ۾ واڌ خلاف احتجاجي ڌرڻي ۾ سياف مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري واجد حسين ساٿين سميت ...
25/08/2025

سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي جي شاگردن جي لڳل فيسن ۾ واڌ خلاف احتجاجي ڌرڻي ۾ سياف مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري واجد حسين ساٿين سميت شرڪت ڪئي. سياف ڪراچي ڊويزن اڳواڻ آڪاش ديدڙ، قاسم شاهاڻي، امير بخش مستوئي، نجف جوڻيجو، سليم جمالي ۽ مڪرم شاهاڻي پڻ گڏ هئا. سياف مرڪزي اڳواڻ واجد حسين چيو ته ڪراچي اندر ادارن ۾ سنڌي شاگردن کي تعليم حاصل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ مختلف قسمن جون سازشون ڪيون پيون وڃن، فيسن ۾ واڌ، KSP policy، شاگردن کي ڌمڪائڻ ۽ حراسان ڪرڻ تعليم دشمن سازشون آھن جيڪي پيپلز پارٽي ادارن اندر نااهل ۽ شاگرد دشمن وائيس چانسيلر ۽ پرنسپل رکي شاگرد ۽ تعليم دشمن هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. سياف ڪراچي ڊويزن اڳواڻ قاسم شاهاڻي ڳالهائيندي چيو ته شاگردن جي مطالبن جي مڃتا تائين احتجاجي تحريڪ ۾ ايس ايم لا ڪاليج جي شاگردن جو ڀرپور ساٿ ڏنو ويندو.

25/08/2025

سياف جي شهيد ساٿين عرض محمد لهر ءٍ ظهير عباس ميمڻ جي پهرين ورسي جي موقعي تي ڪراچي سچل لائبريري ۾ سياف مرڪزي صدر امر آڪاش لاکو خطاب ڪندي.

پريس پڌرائي25 آگسٽ 2025عسياف زرعي ڪيمپس امرڪوٽسنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن زرعي ڪيمپس امرڪوٽ طرفان سياف جي ساٿين شھيد ...
25/08/2025

پريس پڌرائي
25 آگسٽ 2025ع
سياف زرعي ڪيمپس امرڪوٽ

سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن زرعي ڪيمپس امرڪوٽ طرفان سياف جي ساٿين شھيد عرض محمد لُھر، شھيد ظھير عباس ميمڻ جي پھرين ورسي جي موقعي تي شھيدن جي تصويرن اڳيان گلن جي ورکا ڪري ماما جمن دربدر جي شاعري "وٺي هر هر جنم وربو مٺا مھراڻ ۾ ملبو" پڙھي ڀيٽا پيش ڪئي وئي
سياف زرعي ڪيمپس صدر راجا سوڻيکي، سينيئر نائب صدر اياز علي مري، جنرل سيڪريٽري جئپال چوھاڻ، جوائنٽ سيڪريٽري ياسر علي ڀٽي، انفارميشن سيڪريٽري صبغت ﷲ مڱڻيجو ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.

جاري ڪندڙ
صبغت ﷲ مڱڻيجو سياف زرعي ڪيمپس امرڪوٽ

پريس پڌرائي24 آگسٽ 2025عڪراچيسنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن طرفان سياف جي شهيد ساٿين شهيد عرض محمد لھر، شھيد ظهير عباس م...
24/08/2025

پريس پڌرائي
24 آگسٽ 2025ع
ڪراچي

سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن طرفان سياف جي شهيد ساٿين شهيد عرض محمد لھر، شھيد ظهير عباس ميمڻ جي پهرين ورسي تقريب سچل لائبريري ڪراچي ۾ ٿي گذري، پروگرام جي صدارت سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي صدر سيد زين شاھ ڪئي، تقريب ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي نائب صدر امير آزاد پنھور، جنرل سيڪريٽري جڳديش آهوجا، سياف مرڪزي صدر امر آڪاش لاکو، سينيئر نائب صدر وقار چولياڻي، نائب صدر ارسلان آريسر، جنرل سيڪريٽري زبير حسن پنهور، ڊپٽي سيڪريٽري واجد کچي، ڪراچي ڊويزن صدر آڪاش ديدڙ ، ايس يو پي ڪراچي اڳواڻ علي نواز گبول، ستار ڏاهري شهيدن جي وارثن، قومي ڪارڪنن ڪراچي بار جي وڪيل ساٿين ڀرپور شرڪت ڪئي،

ورسي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي صدر سيد زين شاھ چيو تہ اسان وينداسين ھليا اسان جي ڇڏيل مشن کي نوجوان وڌائيندا، اھو قدرت جو نظام آھي ته ماڻھو پنھنجي وقت تي راھ رباني ٿيندا آھن، سو شھيد عرض محمد لھر ۽ شھيد ظھير عباس ميمڻ ڪراچي ۾ ترقي پسند سياست ۾ متحرڪ رھيا، عرض محمد اختلاف راءِ رکندو ھو مختلف معاملن تي مونکي تجويزون ڏيندو ھو، ايئن ظھير عباس تنظيمي معاملن ۾ اڳڀرو ھو، کين سلام پيش ڪيون ٿا. ھن چيو ته شاگرد سنڌ جو آئيندو آھن، پوءِ اھو وڪيل ھجن، انجنيئر ھجن، درياھ واري تحريڪ ۾ حڪمرانن جي شڪست ڏيڻ ۾ وڏو ڪردار شاگردن جو آھي، سيد زين شاھ وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ غير يقيني واري صورتحال آھي، حڪمرانن ملڪ کي لٽي کائي ڇڏيو آھي، سنڌ جي زمينن جي والار وارو معاملو لٽڪيل تلوار وانگي آھي جيڪو خطرو برقرار آھي، سنڌوءَ درياھ مٿان ڪئنال ڪڍڻ وارو خطرو اڃا ٽريو ڪونھي، اڃا خطرو برقرار آھي، حڪومت ھڪ پاسي منصوبو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي پر وري انھي لاءِ صوبائي حڪومتون پيسا گھري رھيون آھ ھن چيو ته سياست تي پابندي لڳل آھي، کوڙ سياسي اڳواڻ جيلن ۾ آھن، ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن کي نااھل ڪيو ويو آھي، پروگرام ڪرڻ تي پابندي لاڳو آھي، پروگرام وارن جاين ھوٽلن تي ڪانفرنسون ۽ پروگرام ڪرڻ تي پابندي لڳائي وڃي ٿي،ھن چيو ته حڪمرانن کي ڪئنالن واري اشو ۾ شڪست نصيب ٿي، سنڌ جي ماڻھن ھڪ تاثر کي ختم ڪري ڇڏيو ته سنڌ پيپلن جي کيسي ۾ آھي، انھي تاثر کي ڪئنالن واري اشو ۾ ختم ڪري ڇڏيو، اسان تي گذريل 77 سالن کان اداڪار، ڊراميباز سياستدان جي روپ ۾ سويلين جي روپ ۾ اسان تي مڙھيو ويو آھي، ھن چيو ته سنڌ پيپلزپارٽي جو فتح ڪيل علائقو ڪونھي، سنڌ تي حڪمراني ووٽ ذريعي ملندي آھي پر پيپلزپارٽي سنڌ جا وسيلا وڪرو ڪري اقتدار حاصل ڪندي رھي آھي، ھن چيو ته سنڌ جي يونيورسٽين ۾ وي سي به پيسن تي مقرر ڪيا ويندا آھن، ماستر جي مقرري به پيسن تي ڪئي ويندي آھي، ھن چيو ته حڪمران چون ٿا ته چائنا سان اسان جا بھتر لاڳاپا آھن، ڪوبه بھتر لاڳاپا ناھن، صرف چائنا جي مفاد لاءِ ڪم ڪيو ٿا انھي ڪري لاڳاپا آھن، جڏھن مفاد ختم ٿيندا ته ھي لاڳاپا ختم ٿي ويندا، ڪو به برادر ملڪ ڪونھي، ھن چيو ته ملڪ جا بارڊر بند آھن، لاھور جو بارڊر کليل آھي پر کوکڙاپار بارڊر بند آھي ھن چيو ته مورو واقعو ڪئنالن واري اشو ۾ حڪمرانن کي آيل شڪست جو پلاند آھي، حڪمرانن پوليس ۽ پنھنجي غنڊن ذريعي پرامن ڌرڻي تي حملو ڪرائي ٻن نوجوانن کي قتل ڪرايو، ڳوٺاڻن تي ڪيس داخل ڪرائي ڪيترن ئي نوجوانن کي جيلن ۾ واڙيو ويو آھي انھي خلاف اسان 31 آگسٽ تي مورو ۾ مارچ ڪنداسين، منھنجي ڪوشش آھي ته درياھ بچايو تحريڪ به انھي ۾ شامل ٿئي، انھي جي پليٽ فارم تان مارچ ڪيون. سيد زين شاھ چيو ته حڪمران طاقت جي زور تي سنڌ تي قابض آھن، عوام سياسي جدوجھد ذريعي ھنن جي ھٿرادو منصوبن کي شڪست ڏئي، ھي حڪمران ھاڻ گھڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگھندو، ھن چيو ته ٻولي جو معاملو ڪونھي، جيڪو ڌرتي جي ڳالھ ڪري ٿو انھي لاءِ دل ۾ جاءِ پيدا ڪيو، سائين جي ايم سيد سان ٻولي واري تحريڪ ۾ پھرين شھيد پراچا ھو جيڪو سنڌي نه ھو ھن سنڌ جي ڳالھ ڪئي سنڌ ھن کي پنھنجو پٽ تسليم ڪيو. جگديش آھوجا چيو ته سنڌ تاريخي رياست آھي، جنھن جا ٽڪرا ڪرڻ نه ڏينداسين، سنڌ ھزارين سال پراڻو وطن آھي، جن چيو ته عرض محمد لھر ۽ ظھير عباس ميمڻ اسان جي سياسي سفر جا ھمسفر ھئا جن پنھنجي ڦوھ جواني سياست کي ارپي ڇڏي، ٻئي شاگرد سياست ۾ متحرڪ ھئا، نائب صدر امير حسن پنھور چيو ته عرض محمد ۽ ظھير عباس اسان جي گلدستي جا ٽڙندڙ گل ھئا، عرض محمد بيچين روح ھو، جيڪو پارٽي جي دوستن سان تنظيمي معاملن تي اٽڪيل ھيو، عرض محمد جو تعلق سياسي گھراڻي سان ھو، انھي جي ڏاڍي زبردست تربيت ٿيل ھئي، ھن چيو ته ظھير عباس ڪراچي جو متحرڪ ڪارڪن ھو، جيڪو ڪراچي ۾ شاگردن لوچيندو ۽ سوچيندو ھو، ٻنھي ساٿين جي پھرين ورسي جي موقعي تي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا، ھن چيو ته اسان جي درياھ تي قبضو ڪيو پيو وڃي، اسانجي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن اسان جي وسيلن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، ھينئر وري صوبا ٺاھڻ جو راڳ آلاپيو پيو وڃي انھن ماڻھن کي ذھن ۾ ھجڻ گھرجي ته سنڌ انتظامي يونٽ ڪونھي، سنڌ فطري ملڪ آھي، جنھن جو ورھاڱو ڪنھن به صورت ۾ قبول ڪونھي، ھن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪرپشن جو آکاڙو بڻجي ويو آھي، نوڪرين لاءِ ٻوليون لڳايون پيون وڃن، پيسن تي آيل ماڻھو ڪھڙا ويھي ڪم ڪندا تنھن ڪري وسيلن تي ڌاڙن، ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ خلاف جدوجھد جي ضرورت آھي، سياف مرڪزي صدر امر آڪاش لاکو چيو ته سنڌ ۾ سياست جو نالو خراب ڪيو ويو آھي، سڌريل ملڪن ۾ سياست کي عبادت سمجھو ويندو ھو، ھن چيو ته عرض محمد ۽ ظھير عباس ٻين لاءِ جيئڻ سکيو، ھنن ٻين ماڻھن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪئي، ٻنھي جوانن سنڌ جي ننڍن شھرن مان وڌي سنڌ جي وڏي شھر ڪراچي جي شاگرد سياست ۾ پاڻ مڃرايو، وڪيل ڪاظم مھيسر چيو ته سياست ٻين لاءِ جيئن جو نالو آھي، ٻين لاءِ جدوجھد جو نالو آھي، سياف جي ھنن شھيد دوستن به شاگرد سياست لاءِ جدوجھد ڪئي کين سلام پيش ڪيون ٿا. علي نواز گبول چيو ته اڪثر ماڻھو پنھنجي ذات لاءِ جيئندا آھن پر عرض محمد ۽ ظھير عباس وطن ۽ وطن واسين لاءِ جدوجھد ڪندي گذاري، کين سلام پيش ڪيون ٿا. ستار ڏاھري چيو ته عرض محمد سنڌ جي حقن لاءِ لوچيندو رھندو ھو، جيڪو ھڪ اميد ھئي، ظھير عباس به پارٽي جو اھم رڪن ھو، جيڪو پارٽي جي ڪمن ۾ اڳڀرو ھوندو ھو. آڪاش ديدڙ چيو ته شھيد عرض محمد لھر ۽ شھيد ظھير عباس ميمڻ جن سياف جي پليٽ فارم تان سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪئي اسان تي فرض ٿئي ٿو ته اسان انھن جي ڇڏيل مشن تي ھلي سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھن جي خدمت ڪيون، ورسي پروگرام ۾ آيل سمورن ساٿين کي ڀليڪار ڪيون ٿا. سياف جي اڳوڻي صدر سيد جلال شاھ چيو ته شھيد عرض محمد لھر ۽ شھيد ظھير عباس ميمڻ سرگرم ھئا، جن اصول ۽ آدرش واري سياست ڪئي. زبير پنھور چيو ته عرض محمد ۽ ظھير عباس جي اڄ ورسي آھي، کين سلام پيش ڪيون ٿا، شھيدن سنڌ جي ڳالھ ڪئي، ھنن ڪراچي جي شاگرد سياست ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ شاگردن کي متحرڪ ڪيو، ھن تقريب ۾ شريڪ ٿيل ماڻھو انھن جي سياسي جدوجھد جو نتيجو آھي. وقار رضا چولياڻي چيو ته شھيد عرض لھر ڪراچي ۾ سياف جو بنياد وجھندڙ ساٿين ۾ ھو، سياف جي بنياد پوڻ کانپوءِ ترقي پسند شاگرد سياست مظبوط ٿي، وطن جي ڳالھ ڪندي مري وڃڻ وڏي معني رکي ٿو ۽ امر بڻجي وڃي ٿو ھن چيو ته ظھير عباس ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاگردن جو وڏو ڀرجھلو ھو، جنھن جو وڏو مطالعو ھو ھن چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڪرپٽ ٽولي جو قبضو آھي، پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ سوچ ھاڻ دفن ٿيڻ گھرجي، ھينئر نوان صوبا ٺاھڻ جو راڳ آلاپيو وڃي پيو، اسان جي وڏن چيو آھي ته سنڌ وطن آھي، صوبا تقسيم ٿي سگھن ٿا وطن تقسيم نٿو ٿي سگھي.

جاري ڪندڙ
اسرار ساهڙ پريس سيڪريٽري
سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن مرڪز.

ڄامشورو:23/08/2025سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽ فيڊريشن (سياف) جي مرڪزي وفد جي پارٽي صدر سيد زين شاھ، سينيئر نائب صدر روشن علي ٻ...
23/08/2025

ڄامشورو:
23/08/2025

سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽ فيڊريشن (سياف) جي مرڪزي وفد جي پارٽي صدر سيد زين شاھ، سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو ۽ سياف مرڪزي ڪوآرڊينيٽر امير حسن پنھور سان جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو تي گڏجاڻي ڪئي،


گڏجاڻي ۾ "سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن" طرفان جاري ميرٽ جي لتاڙ، نوجوانن جي مستقبل جي تباهي ۽ ڪميشن پاس ڪندڙن سان ناانصافي خلاف حڪمت عملي جوڙي وئي.

سياف جي وفد ۾ مرڪزي صدر آڪاش لاکو، نائب صدر ارسلان آريسر، جنرل سيڪريٽري زبير حسن پنهور، سياف سنڌ يونيورسٽي صدر سيد فرمان شاھ، سياف زرعي يونيورسٽي صدر دانش کوسو، سياف سينيئر اڳواڻ آسيس لغاري، فهيم ۽ مدثر ڏيرو شامل.

سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن مرڪز

24 آگسٽ تي سچل لائبريري ڪراچي ۾ ٿيندڙ سياف جي شهيد ساٿين شهيد عرض محمد لهر ۽ شهيد ظهير عباس ميمڻ جي ورسي جي پروگرام جي ص...
22/08/2025

24 آگسٽ تي سچل لائبريري ڪراچي ۾ ٿيندڙ سياف جي شهيد ساٿين شهيد عرض محمد لهر ۽ شهيد ظهير عباس ميمڻ جي ورسي جي پروگرام جي صدارت سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو صدر ۽ سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ جو ڪنوينر سائين زين شاهه ڪندو.

سڀني دوستن کي 24 آگسٽ آچر جي ڏينهن شام 5 بجي سچل لائبريري ۾ ٿيندڙ پروگرام جي دعوت ڏجي ٿي.

سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا ٻه بهادر ساٿي، شهيد عرض لهر ءٍ شهيد ظهير عباس ميمڻ جيڪي جدوجهد جي راهه ۾ اسان کان وڇڙي...
20/08/2025

سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا ٻه بهادر ساٿي، شهيد عرض لهر ءٍ شهيد ظهير عباس ميمڻ جيڪي جدوجهد جي راهه ۾ اسان کان وڇڙي ويا، اڄ به سندن ياد اسان جي دلين ۾ زندهه آهي.
آچر جي ڏينهن شام جو پنج وڳي سچل لائبريري ڪراچي ۾ شهيدن جي پهرين ورسي ملهائي ويندي.

جِتِ نہ پَکيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمڪي باهِڙِي؛ٻِيو ٻارِيندو ڪيرُ، کاهوڙِڪِيءَ کيرَ ري؟ (لطيف)سنڌ وطن جي سڀني گهڻگهرن، اديبن، ش...
19/08/2025

جِتِ نہ پَکيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمڪي باهِڙِي؛
ٻِيو ٻارِيندو ڪيرُ، کاهوڙِڪِيءَ کيرَ ري؟
(لطيف)

سنڌ وطن جي سڀني گهڻگهرن، اديبن، شاعرن، دانشورن، قومي ڪارڪنن، وڪيلن، شاگردن ۽ قومي ڪارڪنن کي وينتي/ گذارش ڪجي ٿي تہ ´مورو مارچ` ۾ شرڪت ڪري سڄيءَ سنڌ کي گڏجي هڪڙو پيغام ڏيون تہ ”سنڌ اڃا سنڍ“ ناهي ٿي.
رياستي جبر ۽ پيپلز پارٽيءَ جي غير جهموري روين جي نندا ڪريون.




Address

Karachi, Sindh
Karachi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh United Students Federation posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Sindh United Students Federation:

Share