07/11/2025
ضلعي حيدرآباد ۾ ڪلسٽر پاليسي تي باضابطا طور عملدرآمد شروع ٿي ويو. ڪلسٽر حب ھيڊماسترن پاران پنھنجي لاڳاپيل حدن جي اسڪولن سان گڏجاڻيون شروع ڪري ڇڏيون. ڊائريڪٽر حيدرآباد ريجن غلام سرور ملاح، پرائمري توڙي ضلعي ايجوڪيشن آفيسرن، ٽي اوز ۽ لوڪل سپورٽ يونٽ حيدرآباد جي ڪوآرڊينيٽر عارف جمال شيخ پاران ڪلسٽر حب ھيڊماسترن سان سھڪاري تقريب ڪري حب اسڪول ھيڊٽيچرز کي ذميوارين کان آگاھ ڪري ڇڏيو.