Sindhi Media News

Sindhi Media News رابطي ڪرڻ لاءِ مھرباني
سنڌي ميڊيا نيوز
(2)

07/11/2025

آغا سراج دراني جي پٽ جي سياست ۾ انٽري

جنازن ۾ شرڪت ڪرڻ تي سوشل ميڊيا تي مختلف تبصرا شروع ٿي ويا۔

ڪک پتي مان لک پتي بڻيل سنڌ جي سرڪاري اسپتالن جا ايم ايس ۽ سنڌ جي عوام سان ٿيل سندن ڪلور!!لاڙڪاڻو: ڏهه سالن جو معصوم حسني...
07/11/2025

ڪک پتي مان لک پتي بڻيل سنڌ جي سرڪاري اسپتالن جا ايم ايس ۽ سنڌ جي عوام سان ٿيل سندن ڪلور!!

لاڙڪاڻو: ڏهه سالن جو معصوم حسنين ميمڻ ڇتي ڪتي جي چڪ سبب زندگي ۽ موت جي وڇوڙي ۾ آهي. ٽي هفتا اڳ کيس ڇتي ڪتي چڪ پاتو هو، پر افسوس جو نہ سندس مائٽن ۽ نہ ئي پاڙيسرين وقت سر علاج ڪرايو.

هاڻي جڏهن حسنين جي حالت خراب ٿي وئي آهي ته کيس دير سان ويڪسين ڪرائڻ لاءِ آندو ويو آهي، پر ڊاڪٽرن موجب چڪ لڳڻ کان ٻن هفتن پوءِ ويڪسين جو اثر ٿيڻ تقريباً ناممڪن هوندو آهي.

معصوم حسنين کي ڳڻتي واري حالت ۾ لاڙڪاڻي مان ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندس علاج جاري آهي، پر سندس زندگي اڃا به خطري ۾ آهي ـ ڄڻ ته هو اڃا تائين "ڪتي جي وات ۾" آهي۔

ٻئي پاسي سنڌ جي ڪيترن ئي سرڪاري اسپتالن ۾ ڪتي جي چڪ جي ويڪسين اڻلڀ هجڻ سبب حالتون وڌيڪ خراب ٿي رهيون آهن. صحت کاتي جا اعليٰ عملدار ۽ اسپتالن جا ايم ايس، جيڪي ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويا آهن، پنهنجي ڪرپشن سبب اسپتالن ۾ بنيادي دوائون به ناياب ڪري ڇڏيون آهن، جنهن ڪري غريب ماڻهو پنهنجون قيمتي جانيون وڃائي رهيا آهن.

07/11/2025

پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام کي ايترو ته برياني تي هيرائي ڇڏيو آهي جو عوام هڪ برياني جي پليٽ تي به قرآن مٿي تي کنيو ڇڏي!!!

لک لعنت آهي اهڙن پيپلن ۽ ووٽرن تي، ذوالفقار مرزا صحيح چيو آهي ته جنهن گهر ۾ پيپلو هوندو ان گهر ۾ رحمت جو فرشتو نه ايندو.

اسلام آباد: ھڪ انتھائي سينيئر آفيسر پنهنجي رھائشگاھ تي خودڪشي  ڪري ڇڏي.  عبدالسلام شيخ سابق ايئرڪموڊور جيڪي آرمي جي برگي...
07/11/2025

اسلام آباد: ھڪ انتھائي سينيئر آفيسر پنهنجي رھائشگاھ تي خودڪشي ڪري ڇڏي. عبدالسلام شيخ سابق ايئرڪموڊور جيڪي آرمي جي برگيڊيئر جي برابر ھوندو آهي پنهنجي وات ۾ پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي.

خيرپور جي نياڻي نسرين شر ترڪي کان پوءِ يورپ تائين پهچي وئي، Erasmus پروگرام تحت پورچوگال ۾ اسڪالرشپ حاصلخيرپور (اسٽاف رپ...
07/11/2025

خيرپور جي نياڻي نسرين شر ترڪي کان پوءِ يورپ تائين پهچي وئي، Erasmus پروگرام تحت پورچوگال ۾ اسڪالرشپ حاصل

خيرپور (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي هوشيار ۽ باهمت نياڻي نسرين شر هڪ ٻي علمي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. نسرين شر، جيڪا شر برادري سان تعلق رکي ٿي، پنهنجي تعليمي سفر جو آغاز ڪراچي بورڊ مان انٽرميڊيئيٽ سان ڪيو ۽ پنهنجي شاندار ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ترڪيءَ ۾ گريجوئيشن لاءِ فُلِي فنڊڊ اسڪالرشپ حاصل ڪئي هئي.

هاڻي نسرين شر پنهنجي علمي سفر کي عالمي سطح تي جاري رکندي Erasmus پروگرام تحت يورپ جي ملڪ پورچوگال ۾ فُلِي فنڊڊ سيمسٽر ايڪسچينج اسڪالرشپ حاصل ڪري نئين ڪاميابي ماڻي آهي.

نسرين شر جو چوڻ آهي ته هي ڪاميابي نه صرف سندس ذاتي جدوجهد جو نتيجو آهي، پر هر اُن نياڻيءَ لاءِ الهام جو ذريعو آهي، جيڪا پنهنجي محنت، حوصلي ۽ اعتماد سان خوابن کي حقيقت بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

سندس والدين چيو آهي ته نسرين جي ڪاميابي تي فخر آهي ۽ اهو شڪر جو لمحو آهي، جيڪو محنت ۽ يقين جي سنگم تي پيدا ٿيو آهي. هن ڪاميابيءَ سان خيرپور ۽ سنڌ جي نياڻين لاءِ به حوصلي جو نئون مثال قائم ٿي ويو آهي.

ميرپورخاص: ماءُ آشنا سان گڏجي نابالغ نياڻي کي جنسي درندگي جو نشانو بڻايو، نياڻي تڙپي تڙپي فوتميرپورخاص (اسٽاف رپورٽر) رت...
07/11/2025

ميرپورخاص: ماءُ آشنا سان گڏجي نابالغ نياڻي کي جنسي درندگي جو نشانو بڻايو، نياڻي تڙپي تڙپي فوت

ميرپورخاص (اسٽاف رپورٽر) رت جا رشتا به وحشي بڻجي ويا — ميرپورخاص ۾ هڪ دل ڏاريندڙ واقعو سامهون آيو آهي، جتي ماءُ پنهنجي آشنا سان گڏجي پنهنجي ئي نابالغ ڌيءَ کي جنسي درندگي جو نشانو بڻايو. پوليس موجب واقعي ۾ ملوث ماءُ راڻي ڪولهي ۽ سندس آشنا هيرو ڪولهي گرفتار ڪيا ويا آهن، جڏهن⁠ت⁠ه ٻين مبينا جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.

ذريعن موجب راڻي ڪولهي پنهنجي ڌيءَ کي مبينا طور تي مختلف ماڻهن وٽ پيش ڪندي هئي، جنهن مان ڪيترائي تر جا وڏيرا ۽ شرابي عياش ماڻهو شامل هئا. متاثر نياڻي سان 24 ڪلاڪن اندر ڪيترن ئي ماڻهن طرفان مسلسل زيادتي ڪئي وئي، جنهن سبب هوءَ شديد زخمي ۽ بيهوش ٿي پئي. نياڻي کي 78 موري يونين ڪونسل جو چيئرمين ايڊوڪيٽ شاهنواز لغاري پنهنجي ڪار ۾ کڻي سول اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪيو، جتي علاج دوران هوءَ جان جي بازي هاري ويٺي.

پوليس ايس ايڇ او وومين، دلبر مھر، واقعي جي رپورٽ داخل ڪري مقتولا جي ماءُ ۽ آشنا کي حراست ۾ ورتو آهي، جڏهن⁠ت⁠ه ٻين جوابدارن جي نشاندهي تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. پوليس موجب پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد وڌيڪ انڪشاف ٿيڻ جا امڪان آهن.

واقعي تي علائقي ۾ سخت ڏک ۽ غصي جي لهر ڇانيل آهي، جڏهن⁠ت⁠ه سماجي تنظيمن ۽ شهري حلقن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته معصوم نياڻي سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ملوث درندن کي سخت ترين سزا ڏني وڃي.

#ميرپورخاص

محبت ڪرڻ سولو آهي نڀائڻ ڏکيو!!ڪراچي (اسٽاف رپورٽ)  ڪراچي جي علائقي بوٽ بيسن ۾ هڪ دلچسپ ۽ محبت ڀريو واقعو پيش آيو، جتي رو...
06/11/2025

محبت ڪرڻ سولو آهي نڀائڻ ڏکيو!!

ڪراچي (اسٽاف رپورٽ) ڪراچي جي علائقي بوٽ بيسن ۾ هڪ دلچسپ ۽ محبت ڀريو واقعو پيش آيو، جتي روزانو پيزا گهرائيندڙ نوجوان ڇوڪري فروه پيرزاده آخرڪار فوڊ پانڊا رائيڊر فيروز خان کي ئي دل ڏئي ويهي رهي۔

خبر موجب فروه پيرزاده ڪيترن مهينن کان فيروز خان کان پيزا گهرائيندي رهندي هئي، جنهن دوران ٻنهي جي وچ ۾ ڳالهين جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو آهستي آهستي محبت ۾ بدلجي ويو۔ فيروز خان جي سادگي، ذميواري ۽ مرڪ سان متاثر ٿي فروه پيرزاده کيس شادي جي آڇ ڪئي، جيڪا فيروز خان دل سان قبول ڪري ورتي۔

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته فروه پيرزاده جي والدين به پنهنجي ڌيءَ جي پسند تي رضا مندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي ۽ ٻنهي خاندانن ۾ شادي جون تياريون به زور شور سان جاري آهن۔

پاڪستاني سوشل ميڊيا تي هي "پيزا ۽ محبت" واري ڪهاڻي تيزيءَ سان وائرل ٿي وئي آهي، جتي ڪيترن ئي ماڻهن فيروز ۽ فروه کي نيڪ تمنائون ڏنيون آهن۔ ❤️🍕

06/11/2025

جهاز جڏهن آسمان ۾ لوڏا ڏيندو آهي پوءِ جيڪي ڪيل گناھ آهن تن کي بخشائڻ جي دعائن کانسواءِ ٻيو ڪجھ به ياد ناهي هوندو اهيو حال جهاز ۾ سواري ڪندڙ ئي وڌيڪ بهتر ٻڌائي سگهن ٿا!!

06/11/2025

سائين توهان نااهل آهيو🫢؟

عدالت جي ڏنڊي کانپوءِ صحافين به سيڪريٽري هيلٿ سان گهٽ نه ڪئي🤣

سيڪريٽري صحت جو پني عاقل اسپتال جو دورو

" اسپتالن اندر دوائون ناھن ، جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سيڪريٽري نااھل آھي ڇا واقعي توھان نااھل آھيو ؟ سيڪريٽري صحت صحافين جي سوالن جا جواب ڏيڻ بجاءِ کسڪي ويو..!

🏙️ الطاف حسين پاران اسٽيبلشمينٽ کان معافي، "گذريل وساري اڳتي وڌو، هڪ نئون آغاز ڪرڻ چاهيون ٿا"ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده ...
06/11/2025

🏙️ الطاف حسين پاران اسٽيبلشمينٽ کان معافي، "گذريل وساري اڳتي وڌو، هڪ نئون آغاز ڪرڻ چاهيون ٿا"

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي باني ۽ اڳواڻ الطاف حسين اسٽيبلشمينٽ کان معافي گهرندي چيو آهي ته "ماضي ۾ جيڪي اختلاف ۽ واقعا ٿيا، انهن کي وساري هاڻي ملڪ ۽ شهر جي خدمت لاءِ اڳتي وڌڻ جو وقت اچي ويو آهي."

الطاف حسين هڪ بيان ۾ چيو ته، "اسان کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيو، اسان هن ملڪ ۽ خاص طور تي ڪراچي جي عوام لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏينداسين. ماضي ۾ جيڪي ٿيو، اهو وساري ڇڏيو ۽ اسان کي نئون موقعو ڏيو."

سندس چوڻ هو ته، "اسان پاڪستان لاءِ وفادار آهيون ۽ هن ملڪ کي ترقي ڏانهن وٺي وڃڻ چاهيون ٿا."

ٻئي پاسي ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ايم ڪيو ايم جي حامي شهرين پاران به بيان جاري ڪيا ويا آهن، جن ۾ چيو ويو آهي ته: "اسان به اسٽيبلشمينٽ کان گڏجي معافي ٿا وٺون. ڪراچي کي وري به الطاف حسين جهڙي اڳواڻ جي ضرورت آهي، تنهنڪري کيس هڪ دفعو ٻيهر موقعو ڏنو وڃي."

سياسي حلقن موجب، الطاف حسين جو هي بيان سندس سياسي واپسيءَ جي امڪان ڏانهن اشارو ڏئي ٿو، جڏهن ته مخالف ڌر هن بيان کي هڪ سياسي حڪمت عملي قرار ڏنو آهي.

🎓 سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد جو استاد مٿان مبينا حملو، لتن مڪن جو وسڪارو، استاد زخميڄامشورو (نمائندو خصوصي) سنڌ يونيورسٽي ڄ...
06/11/2025

🎓 سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد جو استاد مٿان مبينا حملو، لتن مڪن جو وسڪارو، استاد زخمي

ڄامشورو (نمائندو خصوصي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ اڄ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي هڪ شاگرد پنهنجي ئي استاد مٿان مبينا طور تي حملو ڪري ڏنو، جنهن سبب استاد کي زخمي ٿي پيو.

عيني شاهدن موجب، واقعو يونيورسٽي جي آرٽس فئڪلٽي ۾ ان وقت پيش آيو، جڏهن استاد شاگرد کي پيپر ۾ سپلي هنئي، جنهن بعد شاگرد استاد مٿان حملو ڪري کيس زخمي ڪري تشدد جو نشانو بڻايو.

اطلاع ملندي ئي سيڪيورٽي عملي موقعي تي پهچي ٻنهي کي الڳ ڪيو ۽ زخمي استاد کي يونيورسٽي جي طبي مرڪز کان سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.

شاگرد کي انتظاميه حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي آهي. يونيورسٽي انتظاميا چيو آهي ته “تعليمي ادارا علم ۽ امن جا مرڪز آهن، تشدد جي ڪا به صورت برداشت نه ڪئي ويندي.”

ان واقعي بعد يونيورسٽيءَ جي استادن ۽ شاگردن ۾ خوف ۽ بيچيني پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي استادن انتظاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي جاچ شفاف نموني سان ڪئي وڃي ۽ ذميوار خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

ٻئي پاسي ڪجهه شاگردن جو چوڻ آهي ته معاملو رڳو جذباتي ٿي ويو هو، جڏهن ته انتظاميا ان جي پڪ ڪئي آهي ته قانوني ۽ انتظامي قدم ضرور کنيا ويندا.

بوسان يونيورسٽي ۾ موت سان لاڳاپيل نئون ڪورس متعارفمُرده پيارن کي بهترين طريقي سان الوداع چوڻ سکڻ لاءِ ڏکڻ ڪوريا جي بوسان...
06/11/2025

بوسان يونيورسٽي ۾ موت سان لاڳاپيل نئون ڪورس متعارف

مُرده پيارن کي بهترين طريقي سان الوداع چوڻ سکڻ لاءِ ڏکڻ ڪوريا جي بوسان يونيورسٽي هڪ نئون ڪورس شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ شاگرد وڏي دلچسپي سان شرڪت ڪري رهيا آهن۔

ڏکڻ ڪوريا ۾ يونيورسٽي سطح تي "الوداع چوڻ جو هنر" نالي ڪورس متعارف ڪرايو ويو آهي، ڇو⁠تہ ملڪ ۾ عمر رسيده ۽ اڪيلائيءَ ۾ رهندڙ ماڻهن جي واڌ سبب "موت" هاڻي هڪ وڌندڙ ڪاروبار بڻجي وئي آهي۔

اے ايف پي جي رپورٽ موجب، بوسان جي سامونڊي شهر ۾ هڪ يونيورسٽي جي ڪلاس روم ۾ تابوتن جون قطارون لڳل آهن، جتي مستقبل جا جنازا منتظم (فنرل ڊائريڪٽر) تربيت حاصل ڪري رهيا آهن۔ ڏکڻ ڪوريا ۾ آباديءَ جي تبديليءَ سبب موت سان لاڳاپيل ڪاروبار تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، ڇو⁠تہ ملڪ ۾ پيدائش جي شرح دنيا ۾ سڀ کان گهٽ آهي ۽ لڳ ڀڳ اڌ آبادي 50 ورهين يا ان کان وڌيڪ عمر جي آهي۔

بوسان انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ شاگردن کي سيکاريو وڃي ٿو ته لاش کي ڪيتري احتياط سان روايتي ڪوريائي ڪفن ۾ ويڙهجي ۽ تابوت ۾ رکيو وڃي۔ ان لاءِ يونيورسٽي ۾ انساني جسمن جا مصنوعي ماڊل رکيل آهن۔

27 ورهين جي شاگرد جانگ جن يونگ چيو: "اسان جي سماج ۾ جيئن بزرگ ماڻهن جو انگ وڌي رهيو آهي، مون کي لڳو ته هن شعبي ۾ ڪم جي گهرج وڌندي۔"

هڪ ٻي شاگرد، 23 ورهين جي ام سي جن، ٻڌايو ته هن پنهنجي ناني جي وفات کان پوءِ هي پيشو چونڊيو، ڇو⁠تہ ناني جي جنازي وقت منتظمين جو انداز ڏسي هن متاثر ٿي وئي هئي۔

حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ڏکڻ ڪوريا ۾ هاڻي اڪيلائيءَ ۾ رهندڙ ۽ اڪيلائيءَ ۾ مرندڙ ماڻهن جو انگ تمام تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي۔ بوسان، جيڪو ملڪ جو چوٿون وڏو معاشي مرڪز آهي، اتي هڪ ماڻهو تي مشتمل گهرن جو انگ لڳ ڀڳ 42 سيڪڙو ٿي چڪو آهي۔ ان صورتحال سبب هڪ نئون پيشو به جنم ورتو آهي — اهي صفائي ڪندڙ اهلڪار، جيڪي انهن گهرن کي صاف ڪن ٿا جتي اڪيلائيءَ ۾ رهندڙ ماڻهو وفات ڪري ويا هجن۔

Address

Karachi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindhi Media News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share