Sindh~Jo~Awaz

Sindh~Jo~Awaz To promote Sindhi Culture, Sindhi Music, Sufism and spread the message of Love & Peace all over the World.

Lets save our Sindh and make it Heaven in this World...

سنڌ جو مُلو، مير، پير، وڏيرو، جاگيردار، اُهي سڀئي بزدل، موقعي پرست، ۽ اقتدار جا بُکيا آهن، اُنهن مان سنڌ جي ڀلائي جي اُم...
08/17/2023

سنڌ جو مُلو، مير، پير، وڏيرو، جاگيردار، اُهي سڀئي بزدل، موقعي پرست، ۽ اقتدار جا بُکيا آهن، اُنهن مان سنڌ جي ڀلائي جي اُميد رکڻ بيڪار آهي…!

(جيئيم سيد)

سنڌ ۾ پنهنجي نڪاح ٻَڌِن عورتن کان علاوه غير عورتون ويهارڻ بہ وڏ ماڻهپ ۽ سورهيائيءَ جو نشان سمجهيو ويندو هو. زياده تر اها...
08/17/2023

سنڌ ۾ پنهنجي نڪاح ٻَڌِن عورتن کان علاوه غير عورتون ويهارڻ بہ وڏ ماڻهپ ۽ سورهيائيءَ جو نشان سمجهيو ويندو هو. زياده تر اها عادت پيرن، سجاده نشينن ۽ زميندارن وِڌي، جتان خليفن ۽ ڪامِن ڪمدارن ۾ بہ رائج ٿي، ۽ انهن وٽان عام طبقي ۾ اها مذموم حرڪت شروع ٿي. اهڙين ويهاريل عورتن کي مختلف نالن سان سڏبو هو:

1- سريت چئبو هو پيرن ۽ سجاده نشينن جي ويهاريلن کي. دراصل اهو اکر عربي ”سُريہ“ مان آهي، جنهن جي معنيٰ آهي اها ٻانهي، جنهن کي مالڪ پنهنجي ”صحبت“ لاءِ مخصوص ڪيو هجي. انهن سريتن مان پيرن، سيد ۽ سجادن کي ڪافي اولاد ٿيو، ان جي الڳ الڳ نتيجن سبب سندن خاندان برباد ٿي ويا ۽ نسل خراب ٿي ويا. پير جنهن عورت کي ڀڄائيندا هئا، اها وري مالڪن کي موٽي ڪانہ ملندي هُئي، ڇاڪاڻ ته اها سيد جي ٿي ويئي هئي، يعني نقل ڪفر ڪفر نباشد، انهيءَ کي نعوذ الله، نبيءَ جي نُنهن سمجهيو ويندو هو ۽ اها پوءِ نہ مائٽن جي ڪتب اچڻ جهڙي هوندي هئي ۽ نه ڪنهن ”اُمتيءَ“ جي نڪاح ۾ اچڻ لائق.

2- سينڌي ان کي چئبو هو، جنهن کي ڪو وڏو ماڻهو يا وڏيرو ويهاريندو هو.

3- يار وڏيرن جي ويهاريل کي بہ چئبو هو، ان جي تصغير ڪري ”يارڙي“ چيو ويندو هو ڪمدارن ۽ ڪامِن جي ويهاريل کي.

4- ساهيڙي خليفن ۽ پيرن جي ملازمن جي ويهاريل کي.
اهي عورتون گهڻو ڪري ٻين جون نڪاح ٻڌيون ٿينديون هيون، ليڪن غريبن کي ساهہ نہ ٿيندو هو، جو آڏو اچي سگهن. پير گهڻو ڪري مريدياڻين سان صحبت ڪندا هئا ۽ انهن مان ئي سُريتان ڪندا هئا- ڀڄائيندا بہ اڪثر مريدن جون نياڻيون ۽ انهن جون زالون هئا…!

(پير حسام الدين شاهہ راشدي)

سنڌ جو آواز پيج تي ڀَليڪار……!!!Ghulam Ali Bughio, Imdad Bhand, Ali Raza, Aijaz Ulhaque Kandhro, Ali Akbar Banbhan, Meer ...
08/17/2023

سنڌ جو آواز پيج تي ڀَليڪار……!!!

Ghulam Ali Bughio, Imdad Bhand, Ali Raza, Aijaz Ulhaque Kandhro, Ali Akbar Banbhan, Meer Ali Raza Bhalai, Shakeel Ahmed Chandio, Faisal Fahad, Mubashir Hassan, Latif Saand, Zahid Hussain Mazari, Muhammad Yousif Talpur, Abdul Qudoos Panhwer, Asad Ali Unar, Abdul Saboor Nohri, Sanallah Keerio, Nasrullah Panhwar, Enshan Atta, Fahim Unar, Mahar Nadir, Imdad Ali Chandio, Adnan Memon, Mujeeb Shar

08/17/2023

سيد عربن ۾ جناب کي چئبو آھي ـ اسان وٽ جاھل ماڻھن جو گھڙيل ڪانسيپٽ آھي ته اھي قيام ڇڏائيندا ـ ان ڪري سنڌ ۾ سدائين اعلي عھدن تي اھي ويھاريا ويندا آھن ـاھي پاڻ کي مٿانھون ۽ ٻين ماڻھن کي صفا ھيٺاھين درجي جو سمجھندا آھن ـ اسان جي پڙھيل لکيل مسلمان آھيون ته اسان لاء نبي سائين صلعم جا آخري خطبي ۾ چيل لفظ مشعل راھ ھجڻ گھرجن ته عربي کي عجمي تي ۽ عجمي کي عربي تي ڪابه فوقيت ناھي سواء سندن اعلي ڪردار جي.

گلشن لغاري

ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ ۾ قرآن جي آيت «الست بربڪم» جي جمعيت جي گنڊن طرفان توھين ڪرڻ تي ڪنھن بہ «ملان» کي ڪا ڪاوڙ يا غيرت جي ...
08/11/2023

ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ ۾ قرآن جي آيت «الست بربڪم» جي جمعيت جي گنڊن طرفان توھين ڪرڻ تي ڪنھن بہ «ملان» کي ڪا ڪاوڙ يا غيرت جي ذري!؟ مطلب ملان جو اسلام صرف ڪامريڊن جي خلاف آھي پنھنجي پٽي ڀائي ڀلي توھين مذھب ڪن، انھن تي اکيون ٻوٽي ڇڏيائون....!

اختر شيخ

08/09/2023

آڊيو آرٽيڪل:
پاڪستان ۾ ٽرين حادثن جي تاريخ ۽ حياتيون وڃائيندڙ مسافرن جو ڏُکُ.

حبيب لغاري

وڌيڪ آڊيو آرٽيڪلز لاءِ اسان جو فيسبوڪ پيج سنڌ جو آواز لائيڪ ڪريو.

جديد ٽيڪنالاجي مستقبل ۾ انسانن جي لاءِ ڪيئن ٿي ڏُکَ، تڪليفون ۽ عذاب پيدا ڪري، هنَ سيريز ۾ ڪمال طريقي سان ڏيکاريو ويو آهي...
06/15/2023

جديد ٽيڪنالاجي مستقبل ۾ انسانن جي لاءِ ڪيئن ٿي ڏُکَ، تڪليفون ۽ عذاب پيدا ڪري، هنَ سيريز ۾ ڪمال طريقي سان ڏيکاريو ويو آهي.

اڄ هن سيريز جي 6 سيزن رليز ٿي آهي. ان کان پهريان 5 سيزنز مڪمل ڏسي چُڪو آهيان. هر سيزن جي هر هڪ ڪهاڻي توهان کي مستقبل جي حيرت انگيز ۽ سيکُ ڏيندڙ دنيائن جو سير ڪرائيندي، جتان توهان جي واپسي گهري سوچ ۽ فڪر سان گڏ ٿيندي.

جيڪڏهن توهان سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ دلچسپي رکو ٿا ۽ ڏسڻ چاهيو ٿا ته اها ايندڙ وقت ۾ انسانن جي زندگيءَ تي ڪهڙي نموني اثر وجهندي، ته هيءَ سيريز توهان جي لاءِ آهي.

خوبصورت نظارو - حيدرآباد، سنڌ.  - 1890
07/10/2022

خوبصورت نظارو - حيدرآباد، سنڌ. - 1890

Address

Clifton, TN

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh~Jo~Awaz posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share