
25/05/2025
پنهنجي نراڙ تي جيجل ماءُ جي چُمي به وٺي نه سگهيو! پنهنجي هٿ تي ڀيڻ جا ڳوڙھا به کڻي نه سگھيو! ڀائر ڪلھي ڪانڌي نه ٿي سگھيا، مائٽ
مُنھن ڏسي نه سگھيا، دوست دل سان روئي نه
سگھيا ۽ موري جو مور خاموشي سان ڌارين
هٿان دفن ٿي ويو!.
اي وقت جا يذيدو!! سڀ ياد رکيو ويندو.. تاريخ
جو ڳرو پُڙ اوهان ڪيسين تائين پنهنجي پاسي
جهڪائي رکندا.. نيٺ اوهان جو انت ۽ انجام ايندو ۽ اهو هن کان هزار گُناه وڌيڪ اذيت ڀريو هوندو.!!