28/06/2025
جاپان جو هڪ ڪتو تمام مشهور هو. ان جو نالو هاچي (Hachikō) هو. ان جا مالڪ هڪ پروفيسر هئا. سندن گهر ريلوي اسٽيشن جي ويجهو هو. هو روز صبح جو ريل گاڏيءَ ذريعي ڪاليج ۾ پڙهائڻ ويندا هئا ۽ شام جو واپس ايندا هئا.
هاچي جڏهن هڪ سال جو ٿيو ته هو پنهنجي مالڪ سان گڏ اسٽيشن تي وڃڻ لڳو. پروفيسر صاحب هليا ويندا هئا ۽ هاچي سڄو ڏينهن اتي ئي اسٽيشن تي ويٺو رهندو هو. شام جو جڏهن هو موٽندا هئا ته هاچي سندن سان گڏ گهر واپس ايندو هو.
هڪ ڏينهن پروفيسر ڪاليج ويا. اتي هو اوچتو بيمار پئجي ويا. ماڻهو کين اسپتال کڻائي ويا پر هو وفات ڪري ويا. هاچي کي اها خبر نه پئي. هو اسٽيشن تي ويٺو مالڪ جو انتظار ڪندو رهيو. شام جي گاڏيءَ مان مالڪ نه موٽيا ته هو مايوس ٿي گهر هليو آيو.
ان کان پوءِ هو روز صبح جو اسٽيشن ويندو هو. سڄو ڏينهن اتي ئي ويٺو رهندو هو. شام جو جڏهن ريل ايندي هئي ته هو پنهنجي مالڪ کي ڳوليندو هو. ان طرح ست سال گذري ويا پر هاچي همت نه هاري. اسٽيشن جا سڀئي ماڻهو کيس سڃاڻڻ لڳا. اها خبر اخبار ۾ به ڇپجي وئي. هر روز سوين جاپاني کيس ڏسڻ لاءِ اسٽيشن تي ايندا هئا. سندس ويجهو هميشه رش لڳل رهندي هئي پر هاچي انهن کان بي خبر پنهنجي مالڪ جو انتظار ڪندو رهيو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اسٽيشن کان ٻاهر هاچي جو هڪ پتلو لڳايو ويو. ان جي شهرت ايتري وڌي جو بازار ۾ تمام گهڻيون شيون ان جي نالي سان وڪرو ٿيڻ لڳيون. هاچي چاڪليٽ، هاچي بسڪٽ ۽ هاچي رانديڪا مشهور ٿي ويا. هاچي جي نالي تي تمام گهڻيون نظمون ۽ گيت لکيا ويا. ان تي هڪ فلم به ٺاهي وئي. انهن سڀني ڳالهين کان بي خبر هاچي پنهنجي مالڪ جو انتظار ڪندو رهيو.
ٻارهن سالن جي عمر ۾ هاچي مري ويو. ان جو هڪ پتلو ٽوڪيو جي چڙيا گهر ۾ رکيو ويو آهي. ان کي ڏسي ائين لڳندو آهي ته هاچي اڃا به پنهنجي مالڪ جو انتظار ڪري رهيو آهي. جاپان جي حڪومت هاچي جي وفاداريءَ جي قدر ڪئي ۽ ان جي ياد ۾ هڪ ڊاڪ ٽڪيٽ به جاري ڪئي. I Love Sindh