Pak Sindh Tv Official

  • Home
  • Pak Sindh Tv Official

Pak Sindh Tv Official Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Pak Sindh Tv Official, News & Media Website, .

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پيٽروليم شين جا اگهه گهٽجڻ تي عوام کي فائدو پهچائڻ لاءِ پرائس ڪنٽرول جو نظام سخت ڪري شين ...
17/10/2023

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پيٽروليم شين جا اگهه گهٽجڻ تي عوام کي فائدو پهچائڻ لاءِ پرائس ڪنٽرول جو نظام سخت ڪري شين جا اگهه گهٽائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
وزيراعظم اهم پاليسي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ٻارڻ جي اگهن ۾ گهٽتائي جي نتيجي ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي اختيارين کي پرائس ڪنٽرول جي سخت طريقي ڪار کي فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
هن چيو سڀني وڏن وزيرن کي درخواست ٿو ڪيان ته اهي ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته ضروري شين ۽ خدمتن جا اگهه گهٽايا وڃن، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو فائدو عوام تائين پهچائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ سرڪاري ادارا شين جا اگهه گهٽائڻ لاءِ هدايتن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻائين.

حڪومت پاڪستان  فلسطينين لاءِ فوري طور انساني بنيادن تي امداد غزا رواني ڪرڻ جو فيصلوپرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ...
17/10/2023

حڪومت پاڪستان فلسطينين لاءِ فوري طور انساني بنيادن تي امداد غزا رواني ڪرڻ جو فيصلو
پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته غزا ۾ انڌاڌند اسرائيلي جارحيت ۽ گهيري کي ڏسندي غزا جي اڳ کان مظلوم عوام کي انساني امداد جي فوري طور ضرورت آهي.

ڳوٺ جلال خاصخيلي واسي  محمد رمضان پٽ علي گوهر خاصخيلي عمر 18سالا زهريلي دوا پيموبائل نه وٺي ڏيڻ تان خودڪشي ڪري ڇڏي
13/10/2023

ڳوٺ جلال خاصخيلي واسي محمد رمضان پٽ علي گوهر خاصخيلي عمر 18سالا زهريلي دوا پيموبائل نه وٺي ڏيڻ تان خودڪشي ڪري ڇڏي

اليڪشن ڪميشن پاران جنوري 2024ع جي آخري هفتي ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾...
22/09/2023

اليڪشن ڪميشن پاران جنوري 2024ع جي آخري هفتي ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته تڪبندين واري ڪم جو جائزو وٺي فيصلو ڪيو ويو، تڪبندين جي ابتدائي فهرست 27 سپٽيمبر تي شايع ڪئي ويندي.پڌرائي موجب، تڪبندين تي اعتراض ۽ تجويزن جي ٻڌڻي کانپوءِ ٽيهه نومبر تي حتمي فهرست جاري ڪئي ويندي.

پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حتمي فهرست شايع ٿيڻ جي 54 ڏينهن کانپوءِ جنوري جي آخري هفتي ۾ عام چوندون ڪرايون وينديون.

اليڪشن ڪميشن سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن م...
06/09/2023

اليڪشن ڪميشن سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، 1 ايڊيشنل آءِ جي، 8 ڊي آءِ جيز، 31 ايس ايس پيز ۽ ايس پيز جون بدليون ڪيون ويون آهن.

نوٽيفڪيشن موجب، خادم رند کي ايڊيشنل آءِ جي اسپيل برانچ مان بدلي ڪري ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسد رضا ڊي آءِ جي سائوٿ زون ڪراچي، عاصم خان ڊي آءِ جي ويسٽ زون ڪراچي ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ غلام اظفر کي ڊي آءِ جي ايسٽ زون ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي.

عبدالحميد کوسو ڊي آءِ جي سکر، جاويد جسڪاڻي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، طارق رزاق ڊي آءِ جي حيدرآباد، پرويز چانڊيو ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ۽ تنوير عالم اوڍو کي ڊي آءِ جي ميرپور خاص مقرر ڪيو ويو آهي.

ان کانسواءِ امجد شيخ کي ايس ايس پي حيدرآباد، ابريز علي عباسي ايس پي ٽنڊوالهيار، سليم شاهه ايس پي ٽنڊو محمد خان، نور الحق رند ايس پي مٽياري، طارق نواز ايس پي ڄامشورو، شبير سيٺر ايس پي دادو، حيدر رضا کين ايس ايس پي شهيد بينظير آباد مقرر ڪيو ويو آهي.

سپريم ڪورٽ نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو چيف جسٽس پنهنجي رٽائرمينٽ کان اڳ ٻڌائڻ جو ...
06/09/2023

سپريم ڪورٽ نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو چيف جسٽس پنهنجي رٽائرمينٽ کان اڳ ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ عمران خان جي نيب ترميمن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، بئنچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منصور علي شاهه شامل آهن.
چيف جسٽس درخواستگذار جي وڪيل خواجا حارث ۽ وفاق جي وڪيل مخدوم علي خان جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ چيو ته نيب ترميمن جي ڪيس جو فيصلو جلد ٻڌائينداسين ۽ فيصلو ٻڌائڻ جي تاريخ جو اعلان پوءِ ڪنداسين، مدد ڪرڻ تي سڀني ڌرين جا ٿورا مڃون ٿا.
هن چيو ته منهنجي رٽائرمينٽ ويجهو آهي ۽ رٽائرمينٽ کان اڳ فيصلو ٻڌائينداسين.

پنجاب جي نگران حڪومت کنڊ اگهن ۾ واڌ تي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.رپورٽ موجب کنڊ جي اگهن ۾ واڌ جو سبب لاهور هاءِ ڪورٽ جو منع نام...
06/09/2023

پنجاب جي نگران حڪومت کنڊ اگهن ۾ واڌ تي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
رپورٽ موجب کنڊ جي اگهن ۾ واڌ جو سبب لاهور هاءِ ڪورٽ جو منع نامو آهي، ان سان اگهه وڌيا، شگر ملز جا سمورا ڪيس مخصوص عدالت ۾ هلايا ويندا آهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته کنڊ جي اگهه ۾ وڏي واڌ ڪئي پئي وڃي، شگر ملز، بروڪرز ۽ سٽي بازن ذريعي ناجائز منافعو ڪمايو پيو وڃي، فيصلي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي خوراڪ کاتي ڪابينا لاءِ سمري پيش ڪئي، ڪابينا پنجاب فوڊ سٽفز آرڊر ذريعي اگهه مقرر ڪرڻ جو اختيار ڪين ڪمشنر پنجاب کي ڏنو هو.
رپورٽ جي متن موجب ڪين ڪمشنر ايڪس مل قيمت مقرر ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو، ڪرشنگ سيزن دوران ملڪ ۾ ڪُل 7.7 ملين ميٽرڪ ٽن کنڊ پيدا ٿي، 5 ملين ميٽرڪ ٽن کنڊ جو ذخيرو پنجاب ۾ هو، پنجاب جا ذخيرا گڏيل خطي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 4 مئي 2023 تي جسٽس شاهد ڪريم ان اعتراض تي ته اگهه مقرر ڪرڻ جو موضوع صوبائي آهي، ايندڙ تاريخ 20 سيپٽمبر مقرر ڪري ڇڏي، ڪنهن نه ڪنهن بهاني اسٽي آرڊر جي تاريخن ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي، شگر ملز ۽ سٽي باز هڪ سئو رپيا في ڪلو قيمت وصول ڪري رهيا آهن.

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪندڙ واپارين موجب آرمي چيف چيو آهي ته ڪا به سياسي پارٽي پاڪستان سان مخلص نا...
06/09/2023

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪندڙ واپارين موجب آرمي چيف چيو آهي ته ڪا به سياسي پارٽي پاڪستان سان مخلص ناهي.

صدر ايف پي سي سي آءِ عرفان شيخ ٻڌايو ته آرمي چيف 8 کان 10 سياستدانن جا نالا وٺي چيو ته هي موٽرسائيڪل تي هئا، هاڻي پرڏيهه ۾ آهن.

پاڪ فوج جي سربراهه جنر عاصم منير سان ٽي سيپٽمبر تي ڪراچي ۽ لاهور جي واپارين ملاقات ڪئيهئي جنهن ۾ مشهور ڪاروباري شخصيت زبير موتي والا به شامل هو.

گذريل ڏينهن نجي پروگرام ۾ ڳالهائيندي موتي والا ٻڌايو ته آرمي چيف ڳالهين ۾ اهو به چيو ته ڪابه سياسي پارٽي پاڪستان سان مخلص ناهي.

صدر ايف پي سي سي آءِ عرفان شيخ پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيوته پاڪستاني معيشت جي حوالي سان پاڪ فوج جو سربراهه سرگرم ۽ فڪرمند آهي ۽ جلد سياسي شخصيتون قانون جي ڪٽهڙي ۾ نظر اينديون.

عرفان شيخ ملاقات جو احوال ٻڌايو ته آرمي چيف باقاعده 8 کان 10 سياستدانن جا نالا وٺي چيو ته هي ماڻهو موٽرسائيڪل هلائيندا هئا هاڻي پسو به اچي ويو آهي ۽ پرڏيهه به هليا ويا.

عرفان شيخ چيو ته آرمي چيف سان ڳالهين مان لڳو ته هاڻي سڀني سياستدانن ۾ هٿ وڌو ويندو.

ان کان اڳ آرمي چيف سان ملاقات ڪندڙ واپاري ڪاشف انور چيو هو ته وفد سان ملاقات ۾ آرمي چيف اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلٽيشن ڪونسل جي اهم ڪردار تي روشني وجهندي واپارين کي خاطري ڪرائي ته سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ سولايون پيدا ڪيون وينديون.

اڪري ٿاڻي جي حد نييشنل مھراڻ تي پير غلام الله  شاھ لڳ  مزدوري تي ويندڙ ممتاز بالادي کان سي ڊي موٽر ساءيڪل ۽ روڪ رقم فر پ...
04/09/2023

اڪري ٿاڻي جي حد نييشنل مھراڻ تي پير غلام الله شاھ لڳ مزدوري تي ويندڙ ممتاز بالادي کان سي ڊي موٽر ساءيڪل ۽ روڪ رقم فر پوليس اگھور ننڊ ستل

مهانگائي ۽ واڌو بلن کان تنگ عوام کي نگران حڪومت رليف ڏيڻ جو منصوبو جوڙي ورتو.حڪومتي ذريعن موجب آڪٽوبر ۾ 300 يونٽن تائين ...
04/09/2023

مهانگائي ۽ واڌو بلن کان تنگ عوام کي نگران حڪومت رليف ڏيڻ جو منصوبو جوڙي ورتو.
حڪومتي ذريعن موجب آڪٽوبر ۾ 300 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن جي بلن ۾ 3 هزار رپين تائين گهٽتائي هوندي.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته 60 هزار کان 70 هزار رپين تائين بجلي بلن وارن واهپيدارن جي بلن ۾ 13 هزار رپين تائين گهٽتائي ٿيندي.
حڪومتي ذريعن موجب نگران حڪومت طرفان عوامي رليف لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي ۽ رليف جي حوالي سان آءِ ايم ايف گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته ملڪ ۾ بجلي جي ڳرن خلاف احتجاج تي نگران وزيراعظم انور الحق ڪاڪڙ چيو هو ته اهو ڪو وڏو مسئلو ناهي، عوام کي جلد رليف ڏينداسين.

اليڪشن ڪميشن نين تڪ بندين بابت لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نئين مردم شماري کانپوءِ آبادي ۾ وڏي پئماني...
19/08/2023

اليڪشن ڪميشن نين تڪ بندين بابت لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نئين مردم شماري کانپوءِ آبادي ۾ وڏي پئماني تي تبديلي ٿي، شفاف چونڊن لاءِ نيون تڪ بنديون لازمي آهن.

اليڪشن ڪميشن جو ٽن صفحن تي ٻڌل لکت فيصلو گڏيل آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اهو فيصلو آئين جي آرٽيڪل 218 تحت ڪيو ويو آهي، نئين مردم شماري کانپوءِ آبادي ۾ وڏي پئماني تي تبديلي ٿي.

اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ستين مردم شماري کانپوءِ 20 هزار 85 نوان سينس بلاڪ وڌيا ۽ ڪجهه ۾ تبديليون ٿيون، مردم شماري کانپوءِ ووٽر لسٽن ۾ ووٽرن کي شامل ڪرڻ ضروري آهي، ووٽر لسٽ ۾ حقيقي نمائندگي اليڪشن ڪميشن جي بنيادي آئيني ذميواري آهي، شفاف چونڊن لاءِ نيون تڪ بنديون لازمي آهن.

اليڪشن ڪميشن لکت فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلن جو به حوالو ڏنو ۽ چيو ته نين تڪ بندين، تازي چونڊ فهرست بنا پارليامينٽ ۾ حقيقي نمائندگي ممڪن نه هوندي، چونڊن کان اڳ غلطين کان پاڪ ووٽر لسٽ ۽ تازيون تڪ بنديون لازمي آهن، نين تڪ بندين جو فيصلو اميدوارن، سياسي جماعتن ۽ ووٽرن جي بنيادي حق جي تحفظ لاءِ ڪيو پيو وڃي.

راڻي پور ۾ پير جي حويلي ۾ قتل ٿيندڙ 10 ورهين جي ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي ڪيس ۾ شاهديون گڏ ڪرڻ لاءِ انڪوائري ٽيم راڻي پور پهتي...
19/08/2023

راڻي پور ۾ پير جي حويلي ۾ قتل ٿيندڙ 10 ورهين جي ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي ڪيس ۾ شاهديون گڏ ڪرڻ لاءِ انڪوائري ٽيم راڻي پور پهتي.

ذريعن موجب فرانزڪ ٽيم لاڙڪاڻي کان راڻي پور پهتي، اي ايس پي گمبٽ نعمان ظفر به ٽيم سان گڏ هو، فرانزڪ ٽيم جوابدار اسد شاهه جي گهر مان شاهديون گڏ ڪيون ۽ ٽيڪنيڪل بنيادن تي جاچ جاري آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته راڻي پور ٿاڻي جي هيڊ محرر محمد خان شيخ کي به گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ڪيس ۾ هر سهولتڪار کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

ڪيس جي وڌيڪ جاچ لاءِ ٺاهيل ٽيم ٻارڙي فاطمه جي گهر جو به دورو ڪيو، ٽيم ۾ اي ايس پي گمبٽ، سي ٽي ڊي اهلڪارن سميت ٻيا آفيسر شامل هئا.

جاچ ٽيم فاطمه ڦرڙو جي گهر ۾ دفن ڪيل ڪپڙا به تحويل ۾ وٺي ڇڏيا، ٻارڙي جا ڪپڙا ان جي تدفين کان اڳ گهر جي احاطي ۾ پُوريا ويا هئا

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Pak Sindh Tv Official posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share