28/08/2024
رڊيارڊ ڪپلنگ جي مشهور نظم ”اِف“ جو ترجمو، جنهن ۾ هڪ پيءُ طرفان پُٽ کي نصيحت ڪيل آهي.
~جيڪڏهن~
ان وقت جڏهن،
تنهنجي چوڌاري سڀ ماڻهو پنهنجا حواس وڃائي ويهي رهن ۽
سڀ سڄو ڏوهه توتي مڙهين،
تون پنهنجا هوش حواس سلامت رکين
جيڪڏهن ان وقت
جڏهن سڀ ماڻهو توتي ڀروسو نه ڪن،
تڏهن تون پنهنجو پاڻ تي ڀروسو قائم رکين،
۽ سندن شڪ شبهن لاءِ ، کين ڏوهه نه ڏِين،
جيڪڏهن تون انتظار ڪري سگهين،
۽ انتظار ڪندي ڪندي ٿڪجي نه پوين،
جيڪڏهن ماڻهن جو تنهنجي باري ۾ ڪيل ڪوڙيون ڳالهيون ٻُڌي ٻُڌي،
تون پاڻ به ڪوڙن هڻڻ ۾ نه پئجي وڃين؛
جيڪڏهن نفرت نه ڪرڻ لڳين،
۽ ان چڱيءَ سوچ سبب پاڻ کي اجايو نيڪ نه سمجهڻ لڳين،
اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ لڳين،
جن مان ڏاهپ جو ڪوڙو ڏيکاءُ نظر اچي؛
جيڪڏهن تون خواب لهي سگهين
۽ خوابن کي پاڻ تي سوار نه ڪري ڇڏين،
جيڪڏهن تون سوچي سگهين
۽ رڳو سوچيندي ئي رهڻ کي پنهنجو مقصد نه بنائي ڇڏين،
جيڪڏهن تون سوڀ توڙي شڪست سان ملين
۽ ٻنهي ٻهروپين سان هڪجهڙي هلت هلين؛
جيڪڏهن تون اها ڳالهه برداشت ڪري سگهين
ته تون جيڪو سچ ڳالهايو آهي،
تنهن کي بدمعاش ماڻهو ٽوڙي مروڙي
ان مان احمقن کي برغلائڻ لاءِ ڪوڙڪِي بنائي ڇڏين،؛
جيڪڏهن
تنهنجي ڏسندي ڏسندي،
اهي سموريون شيون ۽ ڳالهيون
جن کي ٺاهڻ ۽ بنائڻ لاءِ تون پنهنجي سموري
زندگي ڏني آهي،
سي سڀ ڀڄي ڀور ڀور ٿي پون،
۽ تون هيٺ جهڪي پنهنجي گٺل ۽ ڪَٽيل اوزارن سان،
انهن کي وري اڏي وجهين،
جيڪڏهن،
تو زندگيءَ جي راند ۾ هيسيتائين جيڪي به ڪجهه کٽيو آهي،
ان سموري کٽئي کي گڏي سڏي،
ان هڪڙي ئي داءَ تي لڳائي ڇڏين،
۽ هارائي وجهين،
۽ وري الف کان وٺي نئين سر راند شروع ڪرين،
۽ ڪنهن سان پنهنجي ان نقصان بابت ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍين؛
جيڪڏهن
تون پنهنجي دل کي، پنهنجي اعصابن کي ۽ پنهنجي بدن جي مشڪن کي مجبور ڪرين،
ته اهي جڏهن صفا ختم ٿي ويا هجن،
۽ جڏهن تو ۾ سواءِ مضبوط اِرادي جي،
جيڪو توکي پيو چوي ته ”متان هٿ ڪڍين“
تو وٽ ٻي رتيءَ جيتري به پهچ نه رهي هجي،
تڏهن جيڪڏهن تنهنجو چيو مڃي،
تنهنجي دل، تنهنجا اعصاب ۽ تنهنجون مشڪون،
جنهن شيءي کي مضبوطيءَ سان جهلڻو آهي،
تنهن مان هٿ نه ڪڍن، ان سان چهٽا پيا هجن،
جيڪڏهن،
تون جڏهن ماڻهن جي ميڙاڪن سان ڳالهائين
تڏهن پنهنجيون شرافتون برقرار رکين،
جيڪڏهن
تون بادشاهه سان هٿ هٿ ۾ ڏئي گهمين
۽ مسڪينن سان ياري قائم رکي سگهين؛
جيڪڏهن توکي نه دشمن ، نه پيار ڪندڙ دوست ڪو دلي صدمو ڏيئي سگهن؛
جيڪڏهن هڪڙي بخش نه ڪندڙ منٽ ۾ ڊوڙ پائي،
تون ان ۾ سٺ سيڪنڊن جي ملهه جيترو فاصلو طيءِ ڪري ان منٽ کي سئو سيڪڙو سجايو ڪري سگهين؛
ته پوءِ هيءَ ڌرتي تنهنجي آ،
۽ ان ۾ جيڪي ڪجهه آهي ، سو تنهنجو آهي
۽ منهنجا پُٽ!
وڏي ڳالهه اها،
ته پوءِ تُون سچو پچو مڙس ماڻهو بنجي ويندين..!!
~ليکڪ:- رڊيارڊ ڪپلنگ (انگلينڊ)~
~سنڌيڪار:- رسول بخش پليجو~
you can keep your head when all about you
Are losing theirs and blaming it on you,
If you can trust yourself when all men doubt you,
But make allowance for their doubting too;
If you can wait and not be tired by waiting,
Or being lied about, don’t deal in lies,
Or being hated, don’t give way to hating,
And yet don’t look too good, nor talk too wise:
If you can dream—and not make dreams your master;
If you can think—and not make thoughts your aim;
If you can meet with Triumph and Disaster
And treat those two impostors just the same;
If you can bear to hear the truth you’ve spoken
Twisted by knaves to make a trap for fools,
Or watch the things you gave your life to, broken,
And stoop and build ’em up with worn-out tools:
If you can make one heap of all your winnings
And risk it on one turn of pitch-and-toss,
And lose, and start again at your beginnings
And never breathe a word about your loss;
If you can force your heart and nerve and sinew
To serve your turn long after they are gone,
And so hold on when there is nothing in you
Except the Will which says to them: ‘Hold on!’
If you can talk with crowds and keep your virtue,
Or walk with Kings—nor lose the common touch,
If neither foes nor loving friends can hurt you,
If all men count with you, but none too much;
If you can fill the unforgiving minute
With sixty seconds’ worth of distance run,
Yours is the Earth and everything that’s in it,
And—which is more—you’ll be a Man, my son!