Larkana Larkana Hai Yar

Larkana Larkana Hai Yar اچو تہ پنهنجي سنڌ جي مسئلن کي گڏجي اٿاريون، اسان جو ساٿ ڏيو.

05/06/2026

لاڙڪاڻو: دي يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو جي ملازم نادر خان ملاڻو پاران جو يونين صدر طرفان لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏدو، نادر خان جمالي جو چوڻ آهي ته يونين صدر ڪوڙا الزام ھنيا آھن جڏھن ته وائس چانسلر انھن کي ڀتو ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته يونين جا غنڊا وائس چانسلر سان ٺڳيون ڪري بليڪ ميل ڪري رهيا آهن.
وڌيڪ تفصيل ٻڌندا هن وڊيو ۾ سندس زباني

30/05/2026

بجيٽ ۾ پگھارون 60 سيڪڙووڌايون وڃن، گھٽ ۾ گھٽ اجرت 60 ھزارمقرر ڪئي وڃي: اياز لطيف پليجو


پيٽرول ته سستو ٿي ويو پر پبلڪ ٽرانسپورٽ جا وڌايل ڪرايا ڪير گھٽ ڪرائيندو؟
30/05/2026

پيٽرول ته سستو ٿي ويو پر پبلڪ ٽرانسپورٽ جا وڌايل ڪرايا ڪير گھٽ ڪرائيندو؟

12/05/2026

سنڌ جي وڏي منشيات ڊيلر، ڪوڪين، آئيس فروش ڪندڙ انمول عرف پنڪي گرفتار ٿيڻ کان بعد عدالت پيشي دوران بغير هٿڪڙين جي اسٽائيل سان اچي رهي آهي

سنڌ پوليس جو مڪمل پروٽوڪول

12/05/2026

افسوس تعليمي ادارن ۾ آخر ڪيسيتائين عورت اسٽاف کي حراسمينٽ ڪيو ويندو…!؟؟
لاوارث لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻه يونيورسٽي ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو سامهون آيو آهي، جتي يونيورسٽي جو پٽيوالو ۽ يونين صدر سراج ڀٽو تي الزام لڳايو ويو آهي ته هن هڪ في ميل آفيسر کي آفيس اندر حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن بعد آفيس جي سامان ۾ پڻ توڙ ڦوڙ ڪئي وئي.
سوال اهو پڻ اٿاريو پيو وڃي ته هڪ پٽيوالو آخر ڪهڙي بنياد تي تيزي سان سورھين گريڊ تائين پهتو؟

شڪايت ڪندڙن جو چوڻ آهي ته جوابدار پاڻ کي سياسي شخصيتن جو ويجهو ساٿي ظاهر ڪندي چوي ٿو ته “منهنجو ڪو ڪجهه به نٿو بگاڙي سگهي.

بدين واسي ڪراچي ۾ قتل ٿيل ڊاڪٽر سارنگ  اپڊيٽڊاڪٽر سارنگ جي قتل ڪيس  ۾  گهرواري ۽  سندس چاهيندڙ گرفتارجوابدار سرڪاري ادار...
09/05/2026

بدين واسي ڪراچي ۾ قتل ٿيل ڊاڪٽر سارنگ اپڊيٽ
ڊاڪٽر سارنگ جي قتل ڪيس ۾ گهرواري ۽ سندس چاهيندڙ گرفتار
جوابدار سرڪاري اداري جو آفيسر آهي، گوادر ۾ ڊاڪٽر ريحانه سان دوستي ٿي هئي
جاچ ڪندڙ ادارن ڊاڪٽر سارنگ جي قتل ۾ مبينا طور ملوث هجڻ تي مقتول جي گهرواري ۽ سندس چاهيندڙ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
20 اپريل جي رات آرٽلري ميدان جي علائقي مهران هوٽل انڊر پاس وٽ رڪشي ۾ سوار ڊاڪٽر سارنگ کي ڪار سوار جوابدارن سندس گهرواريءَ ڊاڪٽر ريحانه جي سامهون فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو. ان حوالي سان اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. ادارن قتل جي منجهيل معاملي کي سلجھائي ورتو آهي. ڊاڪٽر سارنگ جي قتل جو منصوبو ڊاڪٽر جي گهرواري پنهنجي چاهيندڙ سان ملي جوڙيو هو
جاچ دوران اها ڳالهه به سامهون آئي ته ڊاڪٽر سارنگ جڏهن گوادر ۾ نوڪري ڪندو هو، انهن ڏينهن ۾ سارنگ جي گهرواريءَ جي دوستي سرڪاري اداري جي آفيسر سان گوادر ۾ ٿي هئي. سارنگ 2025ع ۾ گوادر ڇڏي ڪراچي منتقل ٿي ويو هو.
Cp

29/04/2026

وفاقي اطلاعت واري وزير عطاء الله تارڙ انسانيت جو مثال قائم ڪري ڇڏيو، ڦاٽل ڪپڙن ۾ انگريزي ڳالهائيندي نوجوان اظهر ميمڻ جي وائرل ٿيل وڊيو بعد وفاقي وزير خيرپور واسي اظهر ميمڻ کي پنهنجي آفيس گهرائي پنهنجي سيٽ تي ويهاري عزت افظائي ڪئي، جنهن تي اظهر به خوشيء ۾ لڙڪ هاري ويٺو!

27/04/2026

ڪهڙن ڪهڙن علائقن ۾ برسات پئي وسي؟

26/04/2026

Address

Larkana
Larkana Lines
77150

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Larkana Larkana Hai Yar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share