19/09/2025
سندھ اسيمبلي جو رڪن محمد آصف خان ايڇ پي وي ويڪسين بابت ڳالهائيندي چيو ته ايڇ پي وي ويڪسين هڪ محفوظ ويڪسين آهي، جيڪا اڳ ۾ ئي ڪيترن ئي ملڪن ۾ لڳي چڪي آهي ۽ ان سان ڪو به ڪو خطرو ناهي.
هي ويڪسين ڇوڪرين کي سرويڪل ڪينسر کان بچائڻ ۾ مددگار آهي ۽ ان جي ذريعي اسان هزارين عورتن جون زندگيون بچائي سگهون ٿا ايڇ پي وي ويڪسين سان گڏ، اسان پنهنجن ڇوڪرين کي محفوظ مستقبل ڏئي سگهون ٿا