
27/03/2025
ڪراچي: سنڌ حڪومت نون ڄاول ٻارن جي رجسٽريشن جو فيصلو ڪري ورتو، رجسٽريشن کي لازمي بڻائڻ لاءِ سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي ويندي.
چيف سيڪريٽري چيو ته ٻارن جي صحت، تعليم ۽ ٻين حقن جي فراهمي لاءِ رجسٽريشن بنيادي قدم آهي، سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ پيدائش جي رجسٽريشن کي مفت ڪري ڇڏيو آهي.