24/09/2025
لاڙڪاڻي مان ڏسندا رهو ايم ڪي نيوز
لاڙڪاڻو: ڪي پي ڪي صوبي جي لوئر دير جو رهواسي پوڙهو ڪشمور ۾ شادي ڪرڻ لاءِ پهچي ويو، ڪچي طرف ويندي پوليس کيس پڪڙي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي. مليل ڄاڻ موجب ڪي پي ڪي صوبي جي لوئر دير جو رهواسي پيرسن غلام محمد پٺاڻ ڪشمور جي ڪچي واري علائقي ۾ شادي ڪرڻ بهاني وڃي رهيو هو ته رستي ۾ پوليس کيس پڪڙي احوال وٺڻ کانپوءِ اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، غلام محمد جنهن جي عمر 70 سال ٻڌائي پئي وڃي، هوڏانهن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته غلام محمد پٺاڻ کي ٽيڪنيڪل اطلاع تي رستي ۾ پوليس کيس روڪي ورتو، هن عوام کي اپيل ڪئي آهي ته شادي ڪرڻ بهاني يا سستي اگهه تي گاڏيون، مال، متاع وٺڻ واري دولاب ۾ اچي هن علائقي ۾ نه اچو ٻي صورت ۾ اغوا ٿي ويندئو.