Al Qasmia Gulshan-e-Durood

Al Qasmia Gulshan-e-Durood درود و سلام‌وثنائے محمد ہمہ وقت وردِ خدائے محمد
صلوات سيد تي جو پڙھي مشڪل ڪھين ۾ نه اڙي توڙي جنگ جرمن

القاسميه گلشن درود ھڪ مشن جي طور سائين بادشاھن ڪريمن جي نظر ڪرم ۽ حڪم تي عمل ڪندي ڪجھ وقت اڳ فقير شھيد محمد عبدالرحیم مشوري مرشدن ڪريمن جي اجازت سان ھڪ مشن طور ھڪ ٻوٽي وانگر القاسميه گلشن درود جي بنياد رکي ۽ ڪجھ فقيرن کي پاڻ سان گڏ ڪري درود شریف پڙھڻ ۽ پڙھائڻ شروع ڪيو فقير شھيد محمد عبدالرحيم مشوري جتي به ويندو ھو درود شريف جي تلقين ڪندو ھيو سندس تلقين ڪرڻ ۾ ايترو ته اثر ھوندو ھيو جو جتي به فقير د

رود شریف جي دعوت عرض رکندو هو فقير ان جي دعوت مان متاثر ٿي ڪري درود شريف پڙھڻ شروع ڪندا ھيا ڏسندي ڏسندي ھي ٻوٽو ھڪ وڻ وانگر وڌڻ شروع ٿيو ۽ گهر گهر مان درود شریف جي خوشبو اچڻ لڳي.
سائین بادشاھن ڪريمن جي ھر ھڪ تقرير مبارڪ ۾ درود شریف پڙھڻ جو حڪم آهي. شھيد فقير محمد عبدالرحيم مشوري مرشدن ڪريمن جي فرمان مبارڪ تي عمل ڪندي گهر گهر ۾ درود شریف پڙھائڻ شروع ڪيو. پاڻ فرمايائون ته منهنجي توھان سڀ مومنن کي ۽ سڀني دوستن کي اھا اپيل آهي ته درود شريف جي وظيفي کي پوري طرح سان.. ڪماحقه.. عمل ۾آڻيو ھرھنڌ جي مٿان لک صلوات شريف جا پورا ٿين ته وري ٻيا رات جو مقرر جماعتن ۾ حلقه ڪري ۽ صلوٰات شريف جي پڙهڻ جي وظيفي کي لازم ڪري وٺو منهنجي توھان سڀني کي اھا اپيل آهي ته سڀ پنهنجن پنهنجن ھنڌن تي درود شریف جي گھڻي تلاوت ڪريو. فقير ظاهري ته اسان کان وڇوڙو ڪري ويو پر جيڪو وڻ پوکي ويو آهي ان جو ڦل بارڪ الله تعالٰي جي ڪرم سان اڄ بي کائي پيو.

26/09/2025

پروگرام 19 سالانہ جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي تياري ڳوٺ فقير حاجي محمد ھاشم مشوري قاسمي رحمة الله عليه نزد سٺ ميل تعلقو دوڙ ضلعو نواب شاھ

.                   ملفوظات شريف فقير سردار محمد بخش ڪاڪيپوٽو رھندڙ شڪارپور شھر نقل ٿو ڪري تہ ھيڪر مان درگاھ مشوري شريف ...
26/09/2025

. ملفوظات شريف
فقير سردار محمد بخش ڪاڪيپوٽو رھندڙ شڪارپور شھر نقل ٿو ڪري تہ ھيڪر مان درگاھ مشوري شريف تي ھجان تہ اتي رات جو حضرت قبلہ سخي سائين نالي مٺا سائین بادشاھ جن جيپ مبارڪ ڪاھي اچي مسجد شريف واري دروازي مبارڪ وٽ بيٺا. پاڻ حضرت قبلا سائین بادشاھ ڪريم جن اندران حاويلي مبارڪ تان ٻاھر تشريف فرما ٿيا ۽ جيپ مبارڪ ۾ ويٺا. سائين جن اسريا تہ مان بہ جيپ ڪڍي سندن جي ڪڍ لڳس. پڇڻ جي طاقت تہ ڪنھن کي ڪونہ ھوندي ھئي. ان وقت رات جا ٻہ پيا ٿين. رائيس ڪئنال وارو رستو ڏئي باقراڻي روڊ تي چڙھياسين. اتان پوءِ ٻگھين جي ڳوٺ کان ٿيندا پاڻ ڪچي ۾ تشريف فرما ٿيا. اتي رستو فقط بيل گاڏي جو ھيو جو جيپون پاسي ۾ موجود وڻن سان گسنديون ھلن پيون. ھلندا ھلندا ھڪڙي ڳوٺ وٽ پھتاسين جتي فقط ٽي چار گھر ھيا. اتي ھڪ عورت جو جنازو تيار ھيو پاڻ انجي جنازي نماز پڙھيائون. ان کان بعد صبح جي نماز پڙھي سون. عورت کي دفن ڪرائڻ وقت پاڻ اتي قبرستان ۾ موجود رھيا پوءِ انجي قبر تي دعا گھري واپسي ٿي. سخت سردي جي ڪري پارو ڄميل ھيو. درگاھ شريف کان ايترو فاصلو ھيو جو اتان رات جو ٻہ بجہ نڪتاسين تہ اتي ان ڳوٺ ۾ صبح جو پھتاسين. پوءِ ان وقت کان وٺي ھن مھل تائين مان اھو سوچيندو آھيان تہ ان وقت نہ ٽيليفون جو نظام ھيو نہ موبائل فون ھيا نہ ئي ڪو ماڻھون ان طرف جو آيل ھيو جو جنھن اچي اطلاع ڪيو ھجي. اگر ڪوئي اچي ھا تہ جيپ تي اچي ھا ۽ اچي اطلاع ڪري ھا. پوءِ درگاھ شريف تي ھلي معلوم ٿيو تہ ان عورت حضرت مرشدن ڪريمن کان واعدو ورتو ھيو تہ منھنجي جنازي نماز بہ توھان پڙھائيندؤ ۽ دفن بہ توھان ڪرائيندؤ.

جيئن سڄڻ نڀائي ٿو ائین ڪنھن نہ نڀائي آ

بحوالا ڪتاب # ملفوظات قاسميه

❀ صَلَّی اللّٰهُ عَلیٰ مُحَمَّدٍ وَّاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ❀

26/09/2025

ماہ پھريون جمعو مبارڪ ربيع الثاني
جامعہ قاسميہ عيدگاھ لاڙڪاڻو

.  جمعي جي ڏينھن قبوليت جي ساعت.                     فرمان مبارڪ         حضرت محبوب مرشد ڪریم   سائین بادشاھ مشوري شریف ...
25/09/2025

. جمعي جي ڏينھن قبوليت جي ساعت.
فرمان مبارڪ
حضرت محبوب مرشد ڪریم
سائین بادشاھ مشوري شریف وارا سائین
قدس اللّٰه تعالیٰ سرہ الاقدس

جمعي جي ڏھاڙي جي گھڙيءَ ۾ اختلاف ڪيو اٿن علمائن چيو آھي تہ ٻنھي خطبن جي وچ ۾ دعا گھرجي، ڏاڍيان نہ گھري آھستي گھربي آھي. پر اڪثر علمائن جو انھيءَ تي اتفاق آھي تہ ٽيپھري نماز کان بعد سج لٿي تائين اھا ساعت آھي. منھنجي توھان سڀني دوستن کي اھا اپيل آھي تہ انھيءَ وقت کي بيڪار نہ وڃايو خصوصاً جمع جي ٽيپھري کانپوءِ پاڻ کي اجاين گفتگن ۽ فضول ڪلامن کان پاڻ کي بچايو، جنھن خزاني جي توھانکي طلب آھي اھو انھيءَ وقت ۾ ونڍبو آھي.

بحوالا ڪتاب # خطبات سائين بادشاھ

🌹 صَلَّی اللّٰهُ عَلیٰ مُحَمَّدٍ وَّاٰلِهٖ وَسَلَّمَ 🌹

24/09/2025

. حرمين شريفين کان واپسي
عظيم و عاليشان استقبال مبارڪ
صاحبزادہ سائين محمد نيھال مشوري دامت برڪاتھم العاليه
صاحبزادہ سائین عبدالـــــغفار مشوري دامت برڪاتھم العاليه
چشم چراغ درگاھ عاليه حضرت مشوري شريف

24/09/2025
.                    ملفوظات شريفبخشل فقير مھر نقل ٿو ڪري تہ ھڪ دفعي سائین جن جي حضور ۾ ھڪڙي فقير عرض ڪيو تہ قبلا سائين ...
24/09/2025

. ملفوظات شريف
بخشل فقير مھر نقل ٿو ڪري تہ ھڪ دفعي سائین جن جي حضور ۾ ھڪڙي فقير عرض ڪيو تہ قبلا سائين مان نماز ٿو پڙھان تہ دل ۾ وسوسا ٿا پون. پاڻ ڪريمن فرمايو ابا مبارڪ ھجئي جو چور بہ انھي گھر ۾ گھرندو آھي جنھن ۾ ڪجھ ملڪيت ھوندي آھي.

بحوالا ڪتاب # ملفوظات قاسميه

🌹 صَلَّی اللّٰهُ عَلیٰ مُحَمَّدٍ وَّاٰلِهٖ وَسَلَّمَ 🌹

24/09/2025

. پرگرام 106 سالانہ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ
خطاب مبارڪ
سجاده نشين قبلا سائين شفيع محمد مشوري
دامت برڪاتهم العاليه
درگاھ عالــــيه حضرت مشوري شريف

❀دنيا ۾ روئڻ جي حقيقت آخرت ۾ کلڻ آھي❀ھِت به تون کِلين ۽ خوشيون ڪرين ھُتي به تون کلين خوشيون ڪرين. رب ڪريم جو قسم آھي ته ...
23/09/2025

❀دنيا ۾ روئڻ جي حقيقت آخرت ۾ کلڻ آھي❀
ھِت به تون کِلين ۽ خوشيون ڪرين ھُتي به تون کلين خوشيون ڪرين. رب ڪريم جو قسم آھي ته اَيھي ٻئي ھٿ نه ايندئي. جي ھِت راتين جو روئي روئي ڏينھن ڪيا اٿئي ته مرڻ مھل ڏسندين ته کلندو ويندين. جھان تنھنجي لاءِ رئندو ٻيٺو. جي ھتي تو کلي کلي ڏينھن گذاريا اٿئي..... راندين ۽ سيئنيمائن ۾ غفلتن ۾ وقت گذاريو اٿئي ته جھان تنھنجي مرڻ مھل خوشيون ۽ شڪرانه ڪندو. جَھپُون جَھيڙھون به خوشيون ڪنديون ته ھن ظالم مان جَند ڇَٽي ۽ تون اڳتي رُئندو ويندين.
سھڻا! جيڪا توکي ڳالھ وڻي اوھا قبول ڪر ھِتي کلڻ وڻئي اڳتي روئڻ وڻئي ته به تنھنجي مرضي. پر جي اڳتي کلڻو اٿئي ته ھتي ڪجھ روئڻ جو به ڪم ڪر.... روئڻ جو نتيجو کلڻ نه ھجي ھا ته محبوب ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم رئن نه ھا. راتين جون راتيون ڳوڙھا نه ڳاڙن ھا. انبياء سڳورا ڳوڙھا نه ڳاڙين ھا. انبياء سڳورا ڳوڙھا نه ڳاڙين ھا.

(نوراني الفاظ مبارڪ)
حضرت محبوب مرشد ڪريم
❀ سائين تــاج ڌڻـــي بادشـاھ ❀
مشوري شريف وارا سائين قدس سره الاقدس

بحوالا ڪتاب # خطبات سائین بادشاھ

❀ صَلَّی اللّٰهُ عَلیٰ مُحَمَّدٍ وَّاٰلِـهٖ وَسَلَّمَ ❀

Address

Larkana
Larkana

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Al Qasmia Gulshan-e-Durood posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share