04/03/2026
اڄ 4 مارچ آهي ان ڏينھن تي 1967ع ۾ سنڌ جي باشعور شاگردن مٿان پنجايي ڪمشنر مسرور احسن پاران بي رحمانه تشدد ڪيو ويو هو۔اڳ۾ ئي اسٽبلشمينٽ ملڪ ۾ ون يونٽ لاڳو ڪري سنڌ سميت ملڪ اندر موجود سمورن صوبن جا نالا ختم ڪري گڏيل نالو مغربي پاڪستان رکيو هو۔ جنھن سامراجي عمل خلاف سنڌ ۔سرحد ۽ بلوچستان ۾ اڳ۾ ئي جدوجھد هلي رهي هئي۔ان دوران حيدرآباد جي پنجابي ڪمشنر مسرور سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي وي سي حسن علي عبدالرحمان کي هٽرائي ڇڏيو۔ڪمشنر جي اهڙي تعصبانه عمل خلاف سنڌي شاگردن مسرور جي مخالفت ۽ حسن علي عبدالرحمان جي حمايت ۾ احتجاج جو پروگرام ٺاهيو۔4 مارچ تي شاگرد سنڌ يونيورسٽي مان بسن ۾ سوار ٿي حيدرآباد طرف راهي ٿيا۔جڏهن شاگردن جون بسون راجپوتانه اسپتال حيدرآباد وٽ پھتيون ته ڪمشنر جي پاليل پوليس بسن مٿان فائرنگ ڪئي ۽ آنسو گئس جا شيل اڇلايا۔پوليس شاگردن مٿان لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو۔ جنھن ۾ ڪيترا شاگرد رت ۾ لال ٿي ويا۔ اهڙي صورتحال ڏسي شيخ اياز چيو ته۔ اڄ لال لھوء جي سرگم تي ٿي ڌرتي منھنجي رقص ڪري۔منھن هيڊ ٿيا غدارن جا بيشرم وڏيرن پيرن جا۔ مسرور شاگردن تي تشدد ڪرايو۔اهو آواز سڄي سنڌ ٻڌو۔ هن واقعي سبب ون يونٽ خلاف تحريڪ اڃان زور ورتو۔ نيٺ اسٽبلشمينٽ کي پهرين جولاء 1969ع تي ون يونٽ کي ٽوڙڻو پيو ۽ سنڌ سميت سمورين مظلوم قومن جو وجود بحال ٿيو۔ 4 مارچ سنڌي شاگردن جي ٻڌي ۽ جدوجھد جي سڃاڻ آهي۔افسوس اهو آهي ته هن وقٿ جي شاگردن ۾ اهو شعور نظر نه ٿو اچي ڇو ته سنڌ اڄ اڃان وڌيڪ مشڪل ۾ آهي۔ان ڪري قومپرست شاگردن کي کپي ته اهي 4 مارچ جي شاگردن جي جدوجھد کي پڙهن ۽ سنڌ جي وجود جي بقا لاء پنهنجو وساريل تاريخي ڪردار ياد ڪري جدوجهد ڪن۔ سورٺ سوشل ميڊيا