
16/05/2025
جيئي سنڌ جيئي استاد
گسٽا زندھ آباد
ڀائو جي ايم ابڙو زندھ آباد
سائين نظرمحمد مغيري زندھ آباد
لاڙڪاڻي جي ھاير سيڪنڊري ۽ لوئر سيڪنڊري استادن جا ڀاڳ ڀلا جو انھن کي ڀائو جي ايم ابڙو ۽ سائين نظرمحمد مغيري جھڙا بھادر اڳواڻ مليا آھن ھِي اُھي اڳواڻ آھن جن تَتي، ٿڌي، ڏينھن ۽ رات استادن لا۽ وقف ڪري ڇڏيا آھن. ھميشہ استادن لا۽ گسٽا آفيس جا دروازا کولي ڇڏيا آھن جتي استادن جو جائز مسئلو ٻڌي ۽ ترت حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويندا آھن.
رب جو شڪر آھي جنھن ڪمال جا اڳواڻ استادن کي ڏنا آھن جو استاد کي نه آفيس جا چڪر لڳائڻا پون ٿا نه وري ٽريزري يا ڪنھن ٻي آفيس.
ھنن اڳواڻن استادن کي صرف ۽ صرف اھو حڪم جاري ڪيو آھي ته توھان صرف شاگردن تي توجه ڏيو ۽ پڙھايو ۽ سيکاريو ته جيئن سنڌ جو مستقبل روشن ٿئي.
ھميشہ جيئان
اڄ سائين نظرمحمد سان گسٽا آفيس ۾ ملاقات ٿي. مون سائين کان PST to Jest سروس ڪنٽينيوئيشن، بي ايڊ ڊفرنس ۽ ٽيچنگ الائونس ڊفرنس بابت ڄاڻ خاطر پڇيم سائين چيو ته اھو استادن جو حق اوھان ڪاغذ آڻي ڏيو ته وٺي ٿا ڏيون...
گسٽا ضلعي ۽ تعلقي ھميشه جيئان اڄ به خوش مزاجي سان مثبت جواب ڏئي خوش ڪري ڇڏيو...
گسٽا زندھ آباد.
مھرباني