Daily Har Khabar Larkana

Daily Har Khabar Larkana Sub Khabar News HD

Sub Khabar News HD

📰 تازيون، سچيون ۽ معتبر خبرون
🎥 سنڌ، پاڪستان ۽ عالمي معاملن جي هر اهم اپڊيٽ
📢 عوامي مسئلا، سياسي خبرون، سماجي واقعن ۽ خاص رپورٽن لاءِ اسان سان گڏ رهو.
👍 پيج کي فالو ڪريو ۽ هر خبر سڀ کان پهرين حاصل ڪريو.

15/07/2026

رتوديرو جي تعلقه اسپتال اسٽاف جي مبينا غفلت سبب 6 ورهين جي نينگر جو سنت طوهر صحيح نه ٿيو، گهر پهچڻ بعد رت بند نه ٿي نينگر جي حالت خراب، وارثن نينگر کي خانگي اسپتال منتقل ڪيو،

نينگر جي چاچي صدرالدين بليدي ۽ نينگر جي والد الله رکيو بليدي ميڊيا اڳيان داهيندي اهو الزام هنيو ته صبح 6 ورهين جي نينگر عبدالستار کي طوهر سنت ڪرائڻ لاء تعلقه اسپتال کڻي آياسين جتي ڊسپينسر احمد علي جوڻيجو 15 سئو روپيا گهريا پئسا نه ڏيڻ تي ان نينگر جو غلط طوهر ڪيو آهي،

صبح جو نينگر جو طوهر ٿيڻ بعد اسپتال کان ڳوٺ لاء نڪتاسين ته رت نه بيٺي هن وقت تائين رت وهي رهيو هو ان بعد نينگر بيهوش ٿي ويو ان کي کڻائي خانگي اسپتال پهچايو سين۔

هنن صحت کاتي انتظاميا جي اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڊسپينسر خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ۔

15/07/2026
15/07/2026

نئون ديرو
ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڦلپوٽا ۾ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو چار ڄڻا زخمي۔
ھڪ ڄڻو ڪھاڙي لڳڻ ڪري سيريس حالت ۾ لاڙڪاڻو ريفر ڪيو ويو

Address

Larkana

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Daily Har Khabar Larkana posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Daily Har Khabar Larkana:

Shortcuts

Share