Sahil Allahbux

Sahil Allahbux Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Sahil Allahbux, Digital creator, Larkana.

New pic
14/12/2025

New pic

یہ زمانہ ہنسی چھین لیتا ہے، معصوم بچیوں کو رلانے میں اس سماج کو سکون آتا ہے، 💔
28/10/2025

یہ زمانہ ہنسی چھین لیتا ہے، معصوم بچیوں کو رلانے میں اس سماج کو سکون آتا ہے،
💔

چار شيون منھنجي زندگي تي گھڻو اثر ڇڏينديون آھن، ڌرتي جي ساوڪ، وھندڙ پاڻي، حسين چھرو ۽ آزاد پکين جي ٻولي....!!ساحل
25/10/2025

چار شيون منھنجي زندگي تي گھڻو اثر ڇڏينديون آھن، ڌرتي جي ساوڪ، وھندڙ پاڻي، حسين چھرو ۽ آزاد پکين جي ٻولي....!!
ساحل

ڪوشش ڪريو ته جتي رهو ٿا اتي سٺو ڪردار سٺو اخلاق سٺيون يادون ڇڏيو، معاشري ۾ ماڻھن لاء آسانيون ۽ سھولتون پيدا ڪريو ، بي پھ...
23/10/2025

ڪوشش ڪريو ته جتي رهو ٿا اتي سٺو ڪردار سٺو اخلاق سٺيون يادون ڇڏيو، معاشري ۾ ماڻھن لاء آسانيون ۽ سھولتون پيدا ڪريو ، بي پھچ لاچار ماڻهن جي مدد ڪيو،محبتون قائم رکو ڇاڪاڻ ته جڏهن توهان اهو علائقو، اهو شهر، اها آفيس، اها جڳھه، يا هي دنيا ڇڏي ويندا ته توهان جو اهو ڪردار،اهو اخلاق،اهي همدرديون،اهي محبتون، توهان جون اهي خوبصورت يادون هميشه انھن ماڻھن جي وچ ۾ قائم رهنديون ۾ توهان هميشه لاء هڪ اھم ڪردار بڻجي ويندا....💐🌺🥀🏵
*

علڻ فقير جي مجسمو تي نڪتل تصوير،
16/10/2025

علڻ فقير جي مجسمو تي نڪتل تصوير،

12/10/2025

انيسٽيوٽ آف سنڌ لاجي ڊپارٽمينٽ يونيورسٽي آف سنڌ

پنهنجي پرين پياري دوست نجم الدين سان گڏ ٽيسٽ کان پوءِ يونيورسٽي انجوائي ڪئي
12/10/2025

پنهنجي پرين پياري دوست نجم الدين سان گڏ ٽيسٽ کان پوءِ يونيورسٽي انجوائي ڪئي

08/10/2025

تمام واسطيدارن کي اطلاع ٿو ڪجي تہ ضلع شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جا ٻارهين ڪلاس سال 2025 جا جيڪي شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪاپي ڪيس ٿيا ھيا انھن کي آخري موقعو ڏنو ويو آھي تہ جيئن اھي ٻار تاريخ 14 آڪٽوبر 2025 تي ٽائيم 10 بجي صبح بورڊ آفيس سروس بوٿ شڪارپور ۾ ڪاميٽي آڏو پنھنجي اورجنل ۽ ڦوٽو ڪاپي سلپ سان گڏ حاضر ٿين. ان سلسلي ۾ ليٽر شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليمي ادارن ۾ موڪليا ويا آھن.

بحڪم
ڪنٽرولر امتحانات
بورڊ آفيس لاڙڪاڻو

06/10/2025
سنڌو پينل جي سمورن دوستن کي شهري اتحاد نصيرآباد جي الڪيشن کٽي اچڻ تي مبارڪون. شهر جي ڀلائي لاءِ نمسوا شهري اتحاد نصيرآبا...
06/10/2025

سنڌو پينل جي سمورن دوستن کي شهري اتحاد نصيرآباد جي الڪيشن کٽي اچڻ تي مبارڪون. شهر جي ڀلائي لاءِ نمسوا شهري اتحاد نصيرآباد سان هر موڙ تي گڏ رهندي.

SaHil Allahbux

03/10/2025

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر جي صدارت هيٺ انٽري ٽيسٽ 2026ع جي مختلف ڪميٽين جي ڪنوينرن جو اجلاس، تيارين بابت بريفنگ، ٽيسٽ 12 ۽ 19 آڪٽوبر تي ٻن مرحلن ۾ منعقد ٿيندي، پهرئين مرحلي ۾ 9156 ۽ ٻئي مرحلي ۾ 9289 کان وڌيڪ اميدوار حصو وٺندا: ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻو ڪئمپس الڳ ٿيڻ باوجود هيل 22 هزار کان وڌيڪ اميدوارن داخلائن لاءِ درخواستون جمع ڪرايون (ڊاڪٽر اياز ڪيريو جي بريفنگ)داخلائن جي تاريخ ۾ 3 آڪٽوبر تائين هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ جو اعلان
ڄامشورو(پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي جي صدارت هيٺ پري انٽري ٽيسٽ 2026ع جي تيارين جي جائزي لاءِ مختلف ڪميٽين جي ڪنوينرن جو اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هيستائين مختلف بيچلر ۽ بي ايس ٽئين سال ۾ داخلائن لاءِ مجموعي طور 22 هزار کان وڌيڪ آن لائين درخواستون جمع ٿي چڪيون آهن. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ڊائريڪٽر ايڊميشن پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جا ٻه ڪئمپس لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص الڳ ٿيڻ باوجود هن ڀيري بيچلر جي مختلف پروگرامن لا مجموعي طور 19433 درخواستون وصول ٿيون، جنهن ۾ مين ڪئمپس لاءِ 18445، لاڙ ڪئمپس بدين لاءِ 433، محترمه بينظير ڀٽو شهيد ڪئمپس دادو لاءِ 408، ٺٽي ڪئمپس لاءِ 114 ۽ نوشهروفيروز ڪئمپس لاءِ 93 درخواستون شامل آهن. هن چيو ته بي ايس ٽئين سال ۾ داخلائن لاءِ مجموعي طور 2495 درخواستون وصول ٿيون، جن ۾ مين ڪئمپس لاءِ 2400، بدين لاءِ 28، دادو لاءِ 42، ٺٽي لاءِ 9 ۽ نوشهروفيروز لاءِ 16 درخواستون شامل آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اورينٽل عربڪ ڪورس (هڪ سالا ڊپلوما) لاءِ 42 درخواستون موصول ٿيون. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٽيسٽ جي پهرئين مرحلي ۾ 12 آڪٽوبر تي 14 ضلعن دادو، گهوٽڪي، جيڪب آباد، ڪشمور، خيرپور ميرس، لاڙڪاڻو، مٽياري، نوشهروفيروز، قمبر-شهدادڪوٽ، سانگهڙ، نواب شاهه، شڪارپور، سکر، ڪراچي ڊويزن ۽ ٻين صوبن جي اميدوارن کان انٽري ٽيسٽ ورتي ويندي، جنهن دوران 1771 شاگردياڻين سميت مجموعي طور 9156 اميدوار انٽري ٽيسٽ ۾ شرڪت ڪندا. اهڙيءَ طرح ٻئي مرحلي ۾ 19 آڪٽوبر تي بدين، حيدرآباد، ڄامشورو، ميرپورخاص، سجاول، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، ٿرپارڪر، ٺٽو ۽ عمرڪوٽ ضلعن مان مجموعي طور 9289 اميدوار حصو وٺندا. اجلاس ۾ بلڊنگ مئنيجمينٽ ڪميٽيءَ جي ڪنوينر ڊاڪٽر محمد عقيل ڀٽو امتحاني هالن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. رفيق علي بروهي سيڪيورٽي انتظامن بابت بريفنگ ڏني. ڊاڪٽر عرفانه ملاح تجويز ڏني ته اڄڪلهه ڏينهن جو سخت گرمي آهي، تنهنڪري ڪاريڊورن ۾ ڪو به امتحاني سينٽر قائم نه ڪيو وڃي ۽ ڪلاس رومز ۾ اميدوارن کي ايڊجسٽ ڪيو وڃي. وائيس چانسلر جو چوڻ هو ته سڀئي ڪنوينر تجربيڪار آهن، تنهنڪري هر ڪو پنهنجو ڪم بهترين انداز ۾ ڪري ته جيئن ڪو مسئلو درپيش نه اچي ۽ ٻنهي مرحلن جي ٽيسٽ خوش اسلوبيءَ سان مڪمل ٿي سگهي. هوڏانهن ڊائريڪٽر ايڊميشن ڊاڪٽر اياز ڪيريو ٻن ڏينهن تائين اِي پورٽل اڪائونٽ کولي ڇڏيا آهن ۽ داخلا جا خواهشمند اميدوار 3 آڪٽوبر تائين ان لائين پنهنجا فارم جمع ڪرائي سگهن ٿا.

Address

Larkana

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sahil Allahbux posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share