GBHS Rasheed Wagan "Official"

GBHS Rasheed Wagan "Official" گورنمينٽ هاءِ اسڪول رشيد وڳڻ جي تعليمي سرگرمين، نتيجن ۽ تازي خبرن کان باخبر رهڻ لاءِ هي پيج فالو ڪريو.

Thanks for your encouragement Sir
01/08/2026

Thanks for your encouragement Sir

شاگردن ۽ والدين لاءِ اهم اطلاعاسڪول جي شاگردن لاءِ اسڪالرشپ / اسٽائپنڊ اچي ويو آهي۔لاڳاپيل شاگرد پنهنجي والد يا والده سا...
01/08/2026

شاگردن ۽ والدين لاءِ اهم اطلاع

اسڪول جي شاگردن لاءِ اسڪالرشپ / اسٽائپنڊ اچي ويو آهي۔

لاڳاپيل شاگرد پنهنجي والد يا والده سان گڏ مقرر وقت تي اسڪول ۾ اچي ضروري ڪارروائي مڪمل ڪري پنهنجو وظيفو وصول ڪن۔

مهرباني

بحڪم ۔ هيڊ ماسٽر گورنمينٽ بوائز هاء اسڪول رشيد وڳڻ

فرحان علي ڏاهاڻي

محترم والدين، اسڪول هاڻي پھرين آگسٽ (01.08.2026) کان کُلي ويندا، ڇنڇر به اسڪول کُليل هوندا. اسڪول ايجوڪيشن ۽ لٽريسي ڊپار...
30/07/2026

محترم والدين،
اسڪول هاڻي پھرين آگسٽ (01.08.2026) کان کُلي ويندا، ڇنڇر به اسڪول کُليل هوندا. اسڪول ايجوڪيشن ۽ لٽريسي ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ جو آفيشل ليٽر جاري. مھرباني ڪري پنھنجي گلن جھڙن ٻارن کي يونيفارم پارائي صاف سٿرو ڪري اسڪول موڪليندا. مھرباني
بحڪم : ھيڊ ماسٽر فرحان علي ڏاھاڻي

سمورن شاگردن ۽ والدين کي اطلاع ڏجي ٿو ته سنڌ حڪومت جي طرفان تعليمي سال 2025-26 جي اسڪالرشپ (SAP) جا فارم ڀرڻ جو عمل شروع...
11/05/2026

سمورن شاگردن ۽ والدين کي اطلاع ڏجي ٿو ته سنڌ حڪومت جي طرفان تعليمي سال 2025-26 جي اسڪالرشپ (SAP) جا فارم ڀرڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. اسڪالرشپ لاءِ شاگرد جي حاضري جو هجڻ لازمي آهي. مهرباني ڪري جلد کان جلد اسڪول اچي پنهنجا فارم ڀرايو ته جيئن توهان جي حاضري کي يقيني بڻائي اسڪالرشپ جي عمل کي مڪمل ڪري سگهجي.

"محترم فياض شيخ صاحب! توهان جي محبت ڀري ڪمينٽ ۽ اسڪول انتظاميا تي اعتماد اسان لاءِ اعزاز آهي.​جڏهن والدين جو اعتماد ۽ پي...
07/05/2026

"محترم فياض شيخ صاحب! توهان جي محبت ڀري ڪمينٽ ۽ اسڪول انتظاميا تي اعتماد اسان لاءِ اعزاز آهي.
​جڏهن والدين جو اعتماد ۽ پيءُ جي سچي تربيت اولاد جي پٺيان هجي، ته پوءِ تنقيد ڪندڙن جا لفظ ڪا به حيثيت نه رکندا آهن. توهان جي ڌيءَ جي ڪاميابي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اصل زيور تعليم، اعتماد ۽ اعليٰ اخلاق هوندو آهي.
​جنهن کي پنهنجي تربيت تي يقين هوندو آهي، اهو پردن پويان لڪڻ بجاءِ پنهنجي اولاد جي صلاحيتن تي ڀروسو ڪندو آهي. اسان کي فخر آهي ته اسان جي اسڪول ۾ توهان جهڙا باهمت والدين موجود آهن جيڪي رڳو تنقيد کي ٻڌڻ بجاءِ پنهنجي ٻارن جي ڪاميابيءَ جو جشن ملهائڻ ڄاڻن ٿا.
​پوزيشن حاصل ڪرڻ تي توهان کي ۽ توهان جي نياڻي کي لک لک مبارڪون!"

سالياني امتحانن جي نتيجن جي پڌرائيءَ کانپوءِ، اهي تمام شاگرد ۽ شاگردياڻيون جيڪي گذريل ڏينهن پنهنجي محنت جو ثمر يعني "رپو...
06/05/2026

سالياني امتحانن جي نتيجن جي پڌرائيءَ کانپوءِ، اهي تمام شاگرد ۽ شاگردياڻيون جيڪي گذريل ڏينهن پنهنجي محنت جو ثمر يعني "رپورٽ ڪارڊ" حاصل نه ڪري سگهيا آهن، کين گذارش آهي ته اسڪول اچي پنهنجي مارڪ شيٽ وصول ڪن. ياد رهي ته علم جو ڏيئو تڏهن ئي روشن رهندو جڏهن توهان جي قدمن جو پڙلاءُ روزاني اسڪول جي لنگهه تي ٻڌبو. هاڻي نئين عزم سان باقاعدگي سان اسڪول اچو!

پاران: هيڊ ماسٽر هاءِ اسڪول رشيد وڳڻ

Address

يونين ڪائونسل رشيد وڳڻ تعلقه لاڙڪاڻو
Larkana

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when GBHS Rasheed Wagan "Official" posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share