07/06/2023
اچو ته ننڍڙائپ مان نڪرون ,خسيس پڻي مان نڪرون , ڪوڙ مان نڪرون , مڪر مان نڪرون ,ڌوکي مان نڪرون ,پنهنجي هن سرسبز ۽ گلزار سنڌ , تاريخ جي روشن شاهراه واري سنڌ تنهن کي نئون جنم بخشون , عزت سان هلون ,عزت واري شي دنيا ۾ ٻئي ڪهڙي آھي .پاڻ عزت وڃائي ڪوچڙن جي اڳيان ڪڪڙ ٿيو ڪنڌ ھيٺ ڪريو ,ٽوپڙيون لاهيو رڳو کاڌي ۾ وات کوڙيون پيا آھيون . اڙي عزت کانسواء جڳ ۾ جيئڻ ڪهڙو , عزت کان سواء وجود جو جواز ڪهڙو , غيرت کانسواء ھلڻ ڪهڙو , ڪنڌ ھيٺ ھجن وات ۾ حلوه پيو هجي ,اهو حلوه ته زهر آھي , ۽ پاڻ سڀ ھي ماڻھو گڏجي پئون ته هي پنهجون ٽوپيون هيٺ ھونديون ڇا , ڪنڌ جهڪائڻو پوندو ڇا . ڪروڙ ماڻھو گڏجن انهن ٽئن ,چئن ,پنجن هزار غنڊن ,بدمعاشن ,داداگيرن ,منافقن ,مڪارن اڳيان ڪنڌ ھيٺ ھجن شرم جي ڳالھ ان کان وڌيڪ ڪهڙي آھي ۽ جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنهنجي عزت ۽ غيرت واسطي جيڪا قرباني گهربل آھي اهو نٿو ڏيئي سگهي ان کان بهتر آھي ته زمين جي مٿان هجڻ بدران ان جي هيٺان هليو وڃي مٿان رهي زمين جي بي عزتي نه ڪري .
رسول بخش پليجو.