10/10/2023
اوڏيرولال لڳ ڳوٺ بچل ورياھ ۾ خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ جهانگير ورياھ خودڪشي کان اڳ واري وڊيو منظرعام تي اچي وئي
وڊيو ۾ زهريلي دوا پيئندڙ پنهنجي بيان ۾ بااثر تي هڪ ڪروڙ رپيا ڦٻائڻ جو جو حوالو ڏيندي چوي ٿو ته هو پنهنجي منصوبي ۾ ڪامياب ٿي ويو۔ هاڻي ﷲ جي حوالي چوندي زهريلي دوا پي ڇڏي ٿو
جڏهن ته خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ جهانگير ورياھ ڪجهه ڏينهن پهرين پنهنجي ڀاءُ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ٽنڊوالهيار جي بااثر پير فضل شاه جيلاني تي هڪ ڪروڙ رپيا ڦٻائڻ ۽ موتمار ڌمڪين جو ذڪر پڻ ڪيو هو
جنهن گذريل رات مجبور ٿي زهريلي دوا پي خودڪشي جو ڪوشش ڪئي آهي جنهن کي ڳڻتي حالت ۾ حيدرآباد سول اسپتال ۾ داخل آهي