
24/12/2024
اسان جي عبادت، انسانيت جي خدمت
سڀني دوستن کي ڳوٺ سڌار سنگت ڀليڏنو ڪاڪا جي طرفان هن ڪيمپ کي ڪامياب ڪرڻ جون کوڙ ساريون مبارڪون، ڪيمپ جي ڪميابي هڪ ٻن جي ڪري نہ بلڪہ اسان سڀني جي ملي ڪم ڪرڻ جو نتيجو آهي جنهن ۾ ڪيمپ جا پمفليٽ ورهائڻ کان ويندي، ههڙي سرديءَ ۾ صبح کان ويندي شام تائين ڳوٺن جا ڳوٺ وڃي ڪري ايڊورٽائيزمينٽ ڪرڻ ۽ ماڻهن کي اطلاع ڏيڻ، ڪيمپ جي خرچ لاءِ فنڊ ريزنگ ڪرڻ، صفائي سٿرائي ڪرڻ، ان کانپوءِ ڪيمپ واري ڏينهن ۾ صبح کان شام تائين جنهن کي جيڪو ڪم ڏنو ويو انهن کي پوري نموني سرانجام ڏيڻ، انهن ۾ مريضن کي هر طرح سان سمجهائڻ، انهن وٽ هر وقت موجود هئڻ، ڪيمپ ۾ باقائده نظم ۽ ضبط قائم ڪرڻ، ڊاڪٽرن جي چانهن مانيءَ جو سٺو بندوبست ڪرڻ. يعني هر لحاظ سان ڪيمپ کي ڪامياب ڪرڻ سڀني جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي. جن ۾ ڳوٺ سڌار سنگت ڀليڏنو ڪاڪا جا رضاڪار، رورل هيلٿ سينٽر ڀليڏنو ڪاڪا ۽ آيل پروينٽو ڪنٽرول آف بلائينڊنيس حيدرآباد جا ڊاڪٽر ۽ اسٽاف بہ شامل آهن.
سڀني کي ڪيمپ جي ڪاميابيءَ جون هڪ دفعو ٻيهر مبارڪون