
29/06/2024
ڦلڪارا ويجهو ڳوٺ ٺارو بوزادر جي رهواسين جو بااثرن جي گرفتاري لاء سنڌ پريس ڪلب ماتلي اڳيان احتجاجي مظاهرو ميڊيا سان ڳالهائيندي شبير احمد بوزدار ، جيوڻ بوزدار ،عابد بوزدار ، مسمات خيرالنساء بوزدار، مسمات مير زادي بوزدار ، گڏي بوزدار ۽ ٻين چيو ته هڪ ڏينهن پهرين رات جي اونداهي ۾ ڪجه ماڻهو اسان جي گهر ۾ زبردستي داخل ٿي اسان جي نوجوان حافظ قرآن محمد بخش بوزدار جو خاص عضوو تيز ڌار اوزار سان ڪپي ڇڏيو هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڇوڪري جي ڪنهن سان به دشمني نه هئي پوء به خبر نه آهي ڇو ظالمن هن سان ظلم ڪيو آهي وڌيڪ چيو ته جوبدارن ۾ ڪجه مرد ۽ هڪ عورت جن کي اسان سڃاڻون ٿا جن خلاف اسان شيخ ڀرڪيو ٿاڻي تي رپورٽ پڻ درج ڪرائي آهي پر جوابدار بااثر هجڻ ڪري پوليس گرفتار نه پئي ڪري ۽ چيو ته اسان جي ڇوڪري جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ٽنڊو محمد خان مان حيدرآباد ريفر ڪيو ويو جتان وري چون پيا ته ڪراچي کڻائي وڃو اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي هنن آء جي سنڌ ، ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان کي اپيل ڪئي ته بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي