RC News Web Tv

  • Home
  • RC News Web Tv

RC News Web Tv News Chanel

22/08/2022

ميهڙ
ميهڙ ويلفئير ٽرسٽ سربراه ايڊوڪيٽ عمران پاهي جي اڳواڻي ۾ اڄ مسلسل 4 ڏينهن ميهڙ جي برسات متاثر ڪئيمپن تي دادئود مهيسر اسڪول سيد علي اصغر شاه اسڪول گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول گرلس پرائمري اسڪول سکيا مرڪز اسڪول ميهڙ ها۽ اسڪول ون ها۽ اسڪول ميهڙ ٽو مين بوائيز پرائمري اسڪول سميت انڊس ها۽ وي با۽ پاس تي ويٺل متاثرن ۾ تيار ٿيل کاڌو پهچايو ويو متاثرن ۾ وڌيڪ راشن ۽ کاڌو پهچائڻ لا۽ مکيا حضرات جي تعاون جي ضرورت آهي
Mehar welfare trust
عمران علي پاهي جيز ڪيش اڪائونٽ 03003250147

31/07/2022

ميهڙ
ميڙ ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ 1 محرم الحرام تي نڪتل عزاداري قافلي ۾
سنڌ جو مشهور نوحہ خوان زوار سيد شير محمد شاھ لڪياري آف ميهڙ (ابو سائين) نوحہ خواني ڪندي
اڪبر ع جي شادي😭
مان به ڏسان ها😭

31/07/2022

ميهڙ
ميهڙ ۾ بدامني خلاف احتجاج ڪرڻ تي شهري ۔ صحافي ۽ واپاري اڳواڻن تي دهشتگردي ائڪٽ تحت ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ينگ اسٽوڊنٽ آف ميهڙ اسٽوڊنٽ پاور آف ميهڙ پاران ایوب کوسو, شاهزيب عطار، احسان سومرو، ابو ذر ٻگهيو، عادل تيوڻو، مولوي عبدالفتاح انقلابي چانڊيو، ڪامران شاه، وقاص تنيو، قدير تيوڻو، ذوهيب ٻرڙو، رحيم چنو، صدام چانڊيو، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۔مظاهرين پلي ڪارڊ کڻي شهر جي مختلف رستن تان ٿيندي نيشنل پريس ڪلب ميهڙ پهتا ۔ جتي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ميهڙ ۾ بدامني وڌي وئي آھي ۔ پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجا۽ بي گناه شهري اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهي آھي ۔ هنن چيو ڏوهاري شهرين کي ڦري رهيا آھن ۔ شهرين کان احتجاج جو حق کسيو ويو آھي ۔ ايس ايس پي دادو ڏوهارين بجا۽ شهرين کي خلاف ڪاروائي ڪري رهيو آھي هنن گهر ڪئي ته ميهڙ ۾ ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪري شهرين خلاف دخل دهشتگردي جا ڪيس واپس ورتا وڃن

03/07/2022

ميھڙ
ميونسپل ڪاميٽي ميھڙ جو نياز ٻرڙو کي چيئرمين بنائي لياقت علي خان جتوئي جا ھٿ مظبوط ڪنداسين
منھنجي مخالف اميدوار 4 سالن ۾ عوام جو ڪو به ڪم نه ڪيو آء علائقي جي خدمت ڪندس =پي ٽي آء پاران وارڊ 1 تي اميدوار رئيس روشن خان کوسو

01/07/2022

ميھڙ
ميھڙ تعلقي ۾ بلدياتي چونڊن جي ٽڪيٽن جي ورھاست تان پ پ پ اختلافن جي ورچڙھي وئي آھي پ پ پ سان وابسطا جانوري سردارن پ پ پ کي ٽڪيٽون واپس ڪري آذاد حيسيت ۾ تير بدران دلو نشان تي چونڊون وڙھڻ ۽ مختلف سياسي جماعتن سان چونڊ اتحاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي ميھڙ ۾ جانوري ھائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ پ اڳواڻ سردار شير افضل خان جانوري ۽ سردار ذاده عاشر خان جانوري چيو ته 3 نسلن کان وٺي يونين ڪائونسل منگواڻي تي اسان چونڊبا اچون ٿا ھن ڀيري به پ پ پ اڳواڻ ادي فريال ٽالپور پاران يو سي منگواڻي تي اسانکي ٽڪيٽون ڏيڻ لاء چيو ويو مگر ايم پي اي انجنئير عبدالعزيز جوڻيجو فريال ٽالپر جي فيصلي جي انحرافي ڪري ضلع ڪائونسل جي ٽڪيٽ اسانکي نه ڏني ھن چيو ته پ پ پ دادو ضلع جو صدر سردار رفيق جمالي اسانجو ڀاء آھي جنھن به چيو ته ٽڪيٽون اوھانجو حق آھن پ پ پ دادو ضلعي جي جنرل سيڪريٽري غلام دستگير ڳورڙ اسانکي فون ڪري چيو ته پارٽي ٽڪيٽون اوھانکي ٿي ڏئي پر ايم پي اي انجنئير عبدالعزيز جوڻيجو رڪاوٽ آھي ھن چيو ته اسان يوسي منگواڻي جي چيئرمين ڪائونسلرن جون ٽڪيٽون واپس ڪيون آھن آذاد حيسيت ۾ چونڊ وڙھنداسين ميھڙ تعلقي جي 8 يوسيز ميونسپل ڪاميٽي ميھڙ جي 6 وارڊن راڌڻ ٿرڙي محبت ٽائون ڪاميٽين تي اسانجي ووٽرن جي اڪثريت آھي ان لاء جلد عوامي ڪٺ ڪوٺائي مستقبل جو فيصلو ڪنداسين ھنن چيو ته اسان خانداني ماڻھون آھيون ڪنھن کان ڊڄون ڪو نه ٿا ھر ڀيري اسان سان ائيئن ٿيندو آھي تاريخ شاھد آھي ته اسانکي تير جو نشان ملندو آھي ته چونڊيل نمائندا اسانجي مخالفت ۾ جلسا ڪري ٻين کي ووٽ ڪرائيندا آھن پر ڪاميابي اسانکي ملندي آھي ھاڻي به مڙس ٿي مقابل ڪنداسين فتح اسانجي ٿيندي

Address


Telephone

+923073235336

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when RC News Web Tv posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share